پنگريو
پنگريو Pangrio | |
---|---|
شھر | |
سنڌ جي نقشي ۾ | |
جاگرافي بيهڪ: 24°45′36″N 69°11′44″E / 24.76000°N 69.19556°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | بدين ضلعو |
پنگريو : (انگريزي: Pangrio ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي بدين ضلعي جو هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻو شھر پنگريو نہ فقط ڪاروباري ۽ تجارتي شھر آھي،پر هي شھر تاريخي ۽ ادبي حوالي سان بہ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو.هي شھر تقريبن هڪ صدي اڳ ۾ هڪ پينگهر خاصخيلي جو ڳوٺ هو،پوءِ ان ڳوٺ ۾ ڪجهه ٻين ذاتين جا ماڻهو لڏي اچي رهيا ۽ آهسته آهسته اهو ڳوٺ شهر ۾ تبديل ٿي ويو. پنيگهر مان بعد ۾ نالو بدلجي پنگريو سڏجڻ لڳو. پنگريو ۾ 1934ع ۾ ان وقت جي سرڪار پرائمري اسڪول قائم ڪيو،پنگريو شهر ۾ ادبي،سماجي ۽ تاريخي شخصيتن ۾ نور محمد نور سمون .ڊاڪٽر محمد عثمان درد،نورمحمد نياز ڪنڀار،ابنِ دلگير،محمد عثمان راهي ڪنڀار پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀار
عزيز کوسو جهڙيون علمي،ادبي شخصيتون هتي پيدا ٿيون،جن علم،ادب ۽ تاريخ جي حوالي سان پاڻ پئي پتوڙيو آھي.پنگريو ۾ 1964ع ڌاري صدر جنرل ايوب خان جي دور ۾ پنگريو شھر مان شادي سمال نالي شاخ کوٽائي هتان جي لکين ايڪڙ غيرآباد زمينن کي آباد ڪيو ويو..ان وقت پنگريو حيدرآباد ضلعي ۾ هو ۽ 1973ع ڌاري جڏهن بدين کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو تہ پنگريو بدين ۾ شامل ڪيو ويو .1968ع ۾ پنگريو کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو ۽ هن وقت پنگريو ٽائون آهي . 1983ع ۾ پنگريو کي بجلي جي نعمت سان نوازيو ويو.هن وقت پنگريو ۾ پوليس ٿاڻو،وٽرنري اسپتال،22 بسترن تي مشتمل صحت مرڪز،ايريگيشن بنگلو،گرڊاسٽيشن قائم ڪيل آھن ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول سميت ٻہ پرائمري اسڪول قائم آھن هن.۾ 1500 کان وڌيڪ ٻارڙا تعليمي عمل سان لاڳاپيل آهن .انهي سان گڏ ڪمند،ڪڻڪ،سارين،سورج مکي جا اپت وارا فصل بہ تمام گهڻي تعداد ۾ ٿيندا آھن،جن جي مارڪيٽ پنگريو شھر سان لاڳاپيل آھي.پنگريو شھر سان سمن شاھ سرڪار،ڏيهي جرڪس،پير بودلو،،، جهڙيون مقدس درگاهون بہ پنگريو سان لڳن ٿيون، هر سال سنڌ جو سڀ کان وڏو ميلو سمن سرڪار جو به پنگريو جي پاسي ۾ لڳندو آهپنگريو جي پسگردائيءَ ۾ وڏا زميندار رئيس قربان علي کوسو رئيس علڻ خان کوسو ۽ پير حامد علي شاهه راشدي جن هئا...
ي