سليمان ابن عبد المالڪ
ڏيک
| سليمان ابن عبد المالڪ | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | خلافت اموي |
| ڌرم | |
| پيءُ | عبد المالڪ ابن مروان |
| ڀاءُ ڀيڻ | |
| ڪٽنب | بنو اُميه |
| عملي زندگي | |
| پيشو | سياستدان ،گورنر ،خليفو |
| مادري ٻولي | عربي ٻولي |
| ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
| ترميم | |
وليد جي وفات بعد سندس ڀاء سليمان بن عبدالملڪ تخت نشين ٿيو . هن کي پيٽو بادشاه پڻ چوندا آهن , کائڻ پيئڻ ۽ ناچ گانن جو وڏو شوقين هو .
هن جي دور ۾ اسلامي تاريخ جي عظيم جرنيلن سان انتهائي ناگوار ۽ افسوس ناڪ سلوڪ ڪيو ويو . هن فاتح سنڌ محمد بن قاسم کي محض ذاتي دشمني جي ڪري قيد ۾ سختيون ڏئي قتل ڪرائي ڇڏيو . طارق بن زياد ۽ موسي بن نصير جي سڄي ملڪيت ضبط ڪري ڇڏيائين , جنهن ڪري آخر ۾ ٻنهي جون حياتيون تنگ دستي ۽ غربت ۾ گذريون .