سليمان ابن عبد المالڪ
ڏيک
| سليمان ابن عبد المالڪ | |
|---|---|
| (عربي ۾: سُليمان بن عبد الملك بن مروان بن الحكم الأُموي القُرشي)،(عربي ۾: سلیمان بن عبد الملك)[1] | |
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | سال 675 مدينو |
| موت | 24 سيپٽمبر 717 (41–42 سال) |
| شھريت | خلافت اموي |
| پيءُ | عبد المالڪ ابن مروان |
| ڀاءُ ڀيڻ | |
| ڪٽنب | بنو اُميه |
| عملي زندگي | |
| پيشو | سياستدان ،گورنر ،خليفو |
| مادري ٻولي | عربي ٻولي |
| ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
| ترميم | |
وليد جي وفات بعد سندس ڀاء سليمان بن عبدالملڪ تخت نشين ٿيو . هن کي پيٽو بادشاه پڻ چوندا آهن , کائڻ پيئڻ ۽ ناچ گانن جو وڏو شوقين هو .
هن جي دور ۾ اسلامي تاريخ جي عظيم جرنيلن سان انتهائي ناگوار ۽ افسوس ناڪ سلوڪ ڪيو ويو . هن فاتح سنڌ محمد بن قاسم کي محض ذاتي دشمني جي ڪري قيد ۾ سختيون ڏئي قتل ڪرائي ڇڏيو . طارق بن زياد ۽ موسي بن نصير جي سڄي ملڪيت ضبط ڪري ڇڏيائين , جنهن ڪري آخر ۾ ٻنهي جون حياتيون تنگ دستي ۽ غربت ۾ گذريون .