سانچو:مقالو مُک صفحو/14 جولاءِ 2018
ڏيک
سلطنت عثمانيه سن 1299ع کان 1922ع تائين قائم رهڻ واري هڪ مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران ترڪي هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾ هي سلطنت ٽن کنڊن تي ڦهليل هئي ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن، سلوواڪيه ۽ ڪريميا (هاڻوڪو يوڪرين) سان ڏکڻ ۾ سوڊان، صوماليه ۽ يمن تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا. سليم ۽ سليمان جي دورن ۾ عثماني بحريه دنيا جي عظيم ترين بحري قوت ٿي جنهن روم سمنڊ جا ڪافي علائقا فتح ڪيا۔ انهن فتحن ۾ اهم ترين ڪردار عثماني امير البحر خير الدين پاشا باربروسا جو رهيو جنهن سليمان جي دور ۾ ڪافي شاندار عسڪری فتحون حاصل ڪيون. اولهہ يورپ جي سلطنتن جو بطور بحري قوت اڀرڻ ۽ يورپ کان ايشيا جي لاء متبادل رستن ۽ "نئين دنيا" (آمريڪا) جي دريافت عثماني معيشت کي زبردست نقصان پهچايو. عثمانين جي زوال جي دور کي جو هڪ سبب جديد دور به قرار ڏنو ويندو آهي. هن دور ۾ سلطنت هر محاذ تي شڪست کاڌي ۽ ان جون سرحدون گھٽجنديون ويون تنظيمات (اصلاحن) جي باوجود مرکزي حڪومت جي ناڪامي جي ڪري انتظامي عدم استحڪام پيدا ٿيو۔ 19 هين صدي جي دوران سلطنت عثمانيه سميت ڪافي ملڪن ۾ قوم پرستي کي عروج نصيب ٿيو. مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه ۾ ورهاست جو عمل قسطنطنيه تي قبضي جي 13 ڏينهن بعد 30 آڪٽوبر 1918ء تي مدروس معاهدي جي ذريعي شروع ٿيو.