سانچو:مقالو مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سلطنت عثمانيه سن 1299ع کان 1922ع تائين قائم رهڻ واري هڪ مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران ترڪي هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾  هي سلطنت ٽن کنڊن تي ڦهليل هئي ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا  جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن، سلوواڪيه ۽ ڪريميا (هاڻوڪو يوڪرين) سان ڏکڻ ۾ سوڊان، صوماليه ۽ يمن تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا. سليم ۽ سليمان جي دورن ۾ عثماني بحريه دنيا جي عظيم ترين بحري قوت ٿي جنهن روم سمنڊ جا ڪافي علائقا فتح ڪيا۔ انهن فتحن ۾ اهم ترين ڪردار عثماني امير البحر خير الدين پاشا باربروسا جو رهيو جنهن سليمان جي دور ۾ ڪافي شاندار عسڪری فتحون حاصل ڪيون. اولهہ يورپ جي سلطنتن جو بطور بحري قوت اڀرڻ ۽ يورپ کان ايشيا جي لاء متبادل رستن ۽ "نئين دنيا" (آمريڪا) جي دريافت عثماني معيشت کي زبردست نقصان پهچايو. عثمانين جي زوال جي دور کي جو هڪ سبب جديد دور به قرار ڏنو ويندو آهي. هن دور ۾ سلطنت هر محاذ تي شڪست کاڌي ۽ ان جون سرحدون گھٽجنديون ويون تنظيمات (اصلاحن) جي باوجود مرکزي حڪومت جي ناڪامي جي ڪري انتظامي عدم استحڪام پيدا ٿيو۔ 19 هين صدي جي دوران سلطنت عثمانيه سميت ڪافي ملڪن ۾ قوم پرستي کي عروج نصيب ٿيو. مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه ۾ ورهاست جو عمل قسطنطنيه تي قبضي جي 13 ڏينهن بعد 30 آڪٽوبر 1918ء تي مدروس معاهدي جي ذريعي شروع ٿيو.