سائوٽام ۽ پرنسپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف
سائو ٽام ۽ پرنسپ

República Democrática de
São Tomé e Príncipe
  (پورچوگيزي)
Flag of سائو ٽام اينڊ پرنسپي
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Unidade, Disciplina, Trabalho" (پورچوگيزي)
"اتحاد، تنظيم، محنت "
ترانو: Independência total
مڪمل خودمختياري
مڪانيت  سائوٽام ۽ پرنسپ  (تيز نيرو) – نقشو آفريڪا  (ھلڪو نيرو & تيز خاڪي) – in آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)
مڪانيت  سائوٽام ۽ پرنسپ  (تيز نيرو)

– نقشو آفريڪا  (ھلڪو نيرو & تيز خاڪي)
– in آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)

جو مقامسائو ٽام اينڊ پرنسپي
گادي جو هنڌ سائوٽام
0°20′N 6°44′E / 0.333°N 6.733°E / 0.333; 6.733
دفتري ٻوليون پورچوگيزي
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
مقامي آبادي
  • سائوٽاميئن ، سائوٽاميائي، سائوٽامي( سائوٽاميئن )[1]
  • سائوٽاميئن
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ [2]
• صدر
ايوارسٽو ڪاروالھو
جارج بام جيزس
مقننه قومي اسيمبلي
آزادي
• پورچوگال کان حاصل ڪيائين
12 جولاء 1975
پکيڙ
• جملي
[اوزا تبديل: invalid number] (171th)
• پاڻي (%)
نہ جھڙو
آبادي
• 2016 اندازو
199,910[4] (178th)
• 2012 مردم شماري
178,739
•  گھاٽائي
199.7 /km2 (517.2 /sq mi) (69th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$685 million[5]
• في سيڪڙو
$3,220[5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$355 million[5]


سائوٽام ۽ پرنسپ: (انگريزي: São Tomé and Príncipe) پوچوگيزي ٻولي: [sɐ̃w̃ tuˈmɛ i ˈpɾĩsɨpɨ] ) جو سرڪاري نالو ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف سائوٽام ۽ پرنسپ آھي. (لفظ پرنسپ جي آخري پ جي ھيٺان زير آھي ان ڪري اچار پرنسپي پڙھبو آهي). ھي ٻيٽن تي مشتمل ملڪ گني واري سمنڊ ۾ وچ آفريڪا جي اولھندي استوائي سامونڊي ڪناري کان ڪجهه فاصلي تي واقع آهي. ھي ملڪ ٻن ٻيٽن سائوٽام ۽ پرسپ تي مشتمل آهي ۽ اھي ٻئي ٻيٽ ننڍڙن ٻيٽن جي جھڳٽن ۾ گھيريل آھن. سائوٽام ٻيٽ ۽ پرنسپ ٻيٽ وچ ۾ فاصلو 140 ڪلوميٽر آهي. گيبون جي ساحل کان سائوٽام جو فاصلو 250 ڪلوميٽر ۽ پرنسپ جو 225 ڪلوميٽر آهي. اھي ٻيٽ پورچوگيزن پندرهين صدي عيسويءَ ۾ دريافت ڪيا ھيا انھن جي آمد کان اڳ اتي اڃان ماڻھن جي رھائش ڪانہ ھئي ۽ پورچوگيزن سڀ کان اول انھن م آبادي جي شروعات ڪئي. جلد ئي اھي ٻيٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ غلامن جي واپار جو مرڪز بڻجي ويا. ھتان جي زمين جي زرخيزي جي ڪري ھتي ڪمند، ڪافي ۽ ڪوڪا بين جا فصل نفعي بخش بڻجي ويا جن م غلامن کي استعمال ڪيو ويو. 1975 م ھن ملڪ پورچوگال کان آزادي ماڻي. 2018 م ھن ملڪ جي آبادي 201,800 ھئي. جن مان 193،380 ماڻھو سائوٽام ٻيٽ تي رھن ٿا. [8] ھي آفريڪا جو سيچيلز کان پوءِ ٻيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي. پورچوگيزي ٻولي وارو سڀ کان ننڍو ملڪ آهي. ھن ملڪ جو سياسي نظام وحداني رياست وارو نيم صدارتي ريپبلڪ آھي. ھتي چونڊن ذريعي ھر پنجين سال صدر چونڊيو ويندو آهي جيڪو وري وزيراعظم کي مقرر ڪندو آهي جيڪو وري پنھنجي چوڏھن رڪني ڪابينه جوڙيندو آهي.

سائوٽام ۽ پرنسپ جو صدارتي محل

ملڪ جي 82 سيڪڙو آبادي عيسائيت سان تعلق رکندڙ آھي جن م لڳ ڀڳ 72 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ عقيدي وارا آھن. ھتان جي ثقافت آفريڪي ۽ پورچوگيزي ثقافت جي ميلاپ تي مشتمل آهي. ھتان جي پارليامينٽ قومي اسيمبلي آھي جيڪا رياست اندر سڀ کان وڏو ادارو آهي جنھن جا 55 رڪن آھن جن جي چونڊ چئن سالن لاءِ ٿيندي آھي.

انتظامي ورهاست[سنواريو]

آزادي کان پوء 1977 م ھن ملڪ جي ورھاست ٻن صوبن: سائوٽام ۽ پرنسپ جي نالن سان ڪئي وئي جن کي وري ضلعن ۾ ورھايو ويو. 1990 ۾ نئون آئين جوڙيو ويو جن ۾ صوبن کي ختم ڪري سائوٽام کي ڇھن ضلعن ۾ ۽ پرنسپ کي ھڪ ضلعي يعني پوري ملڪ کي ستن ضلعن م ورھايو ويو [9]

سائوٽام ٻيٽ

پرنسپ ٻيٽ

حوالا[سنواريو]

  1. "Nationality". The World Factbook. حاصل ڪيل July 17, 2012. 
  2. Octávio Amorim Neto; Marina Costa Lobo. "Between Constitutional Diffusion and Local Politics: Semi-Presidentialism in Portuguese-Speaking Countries". Social Science Research Network. SSRN 1644026. حاصل ڪيل June 6, 2014. 
  3. "Ministério Dos Negócios Estrangeiros e Comunidades da República Democrática de São Tomé e Príncipe". 
  4. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 "São Tomé and Príncipe". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 2013-04-17. 
  6. "GINI index". World Bank. حاصل ڪيل 26 July 2013. 
  7. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  8. Instituto Nacional de Estadística de São Tomé e Príncipe, as at 13 May 201
  9. Nunes Silva, Carlos (2016). "São Tomé and Príncipe". Governing Urban Africa. Springer Nature. pp. 35–39. ISBN 9781349951093. https://books.google.com/books?id=XIixDQAAQBAJ&pg=PA35.