زين کوسو
ڏيک

زين کوسو (انگريزي:Zain Khoso) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ نثر نويس آهي جنهن جا ڪافي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]
زندگي جو احوال
[سنواريو]زين کوسو جو پورو نالو زين العابدين آهي. هن دادو ضلعي، جوهي تعلقي جي ڳوٺ چنجاڻي ۾ 5 سيپٽمبر 1971ع تي مينهون خان کوسو جي گهر ۾ جنم ورتو.[2]
تعليم
[سنواريو]هن پرائيمري تعليم ڳوٺ چنجاڻي ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول جوهي منجهان پاس ڪئي. هن بي اي، ايم اي ۽ ايل ايل بي جا امتحان دادو مان پاس ڪيا.[2]
شاعري
[سنواريو]زين کوسي لکڻ جي شروعات 1987ع ۾ ڪئي. سندس شاعري مختلف معياري رسالن ۽اخبارن ۾ شايع ٿئي ٿي. سندس شاعري ٽن ڪتابن، وڻ وڻ منجهان واس، سخنور سنڌ ڌرتي جا ۽ وايون مهڪيون واٽ تي ۾ شايع ٿيل آهي. شاعري ۾ هن وايون، غزل، نظم، ٽه سٽا وغيره لکيا آهن. پيشي جي لحاظ سان سرڪاري ملازم آهي.[2][3][4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "جوهي ۾ ناليواري شاعر احمد خان مدهوش جي 90هين سالگرهه تقريب", Awami Awaz (ٻولي ۾ اردو), 06 اپريل 2021, حاصل ڪيل 23 آگسٽ 2021۔
- 1 2 3 "Poets and writers", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 22 نومبر 2019۔
- ↑ "يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari): وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس", يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari), 10 مئي 2019, حاصل ڪيل 22 نومبر 2019۔
- ↑ سولنگي, شير محمد (21 مئي 2019), "سچل سرمست جو 198هين عرس ۽ اديب شاعرن جي رهاڻ", سجاڳ سنگت (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 22 نومبر 2019۔