ڳوٺ چنجاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڳوٺ چنجاڻي

ڳوٺ چنجاڻي انگريزي (Village Chinjani) جوهي تعلقي، دادو ضلعي، سنڌ جو تاريخي ڳوٺ آهي جيڪو جوهي شهر کان اٽڪل 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جوهي-ڀان سيدآباد روڊ سان واقع آهي.[1][2]

تاريخ[سنواريو]

چنجاڻي ڳوٺ نهايت قديم آهي. چنجاڻي سنڌ جي قبيلي ڪاٽن جو پاڙو به آهي[3] پر هيءُ ڳوٺ کوسا قبيلي جي هڪ پاڙي جو ٻڌل آهي.ديھ جوهي جي 1876ع واري نقشي ۾ به هيءُ ڳوٺ موجود آهي.[4] هن ڳوٺ ۾ پرائيمري تعليم لاءِ گرلس ۽ بوائيز اسڪول آهن.[5] هن ڳوٺ جي آبادي اٽڪل هڪ هزار گهرن تي مشتمل آهي.

حوالا[سنواريو]