انسانيت جي خدمت
هر انسان لاءِ ضروري آهي ته هُو هر پل پنهنجي روين جي پنهنجي ضمير مطابق پرک ڪندو رهي. اسان کي ٻين لاءِ به اهو ڪجهه پسند ڪرڻ گهرجي، جيڪو اسين پنهنجي لاءِ چاهيون ٿا. ان ڪري اسان کي اها سوچ نه پئدا ڪرڻ گهرجي ته جيڪا شيءِ اسان کي پسند نه آهي سا ٻين کي پسند ايندي. ان طريقي سان ئي اسين ٻين جي دل ٽوڙڻ کان بچي سگهون ٿا. [1]
جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ انسانيت سان محبت آهي ته، هي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي صلاحيتن سان دنيا کي ڪهڙو فائدو پهچائي سگهون ٿا. گهڻائي ماڻهو انسانيت جي خدمت ۽ ڇڱائي جو ڪم ڪرڻ چاهن ٿا. پر چئني پاسي ڏکيائين ۽ چڪتاڻ ۾ ڦاٿل آهن ۽ ڪنهن نتيجي تي ناهن پهچي سگهيا ته شروعات ڪيئن ۽ ڪٿان ڪن. مايوسي انهن کي وڪروڙي وئي آهي. اهي ماڻهو بيوسي ۽ مونجهاري مان نڪري نٿا سگهن. بلڪل اسان جنگ کي بند نٿا ڪرائي سگهون، پر ان لاءِ پنهنجي حڪومت تي زور ته وجهي سگهون ٿا. بين الاقوامي طور تي پنهنجي آواز کي ته پهچائي سگهون ٿا. چڱو، ڇڏيو ان ڳالهه کي، پنهنجو فرض هتان کان ٿا شروع ڪريون ته تعليم جي ميدان ۾ نوان رستا تلاش ڪرڻ گهرجن ۽ انهن سڀني معاشي ۽ معاشرتي معاملن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. جن مسئلن ۾ گهڻيون خرابيون نظر اچي رهيون آهن، انهن جو هن مهل اسان وٽ ڪو به علاج نه آهي. اسان کي هي مڃڻو پوندو ته هيءَ دنيا غلط انداز سان هلي رهي آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن تبديلي جي اميد نه آهي. پر ان جو مطلب هي به ناهي ته اسان هٿ هٿَ تي رکي ويهي رهون. اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟ ان جو فيصلو اڄ ئي ٿئي ته بهتر آهي. جيڪڏهن اسان جي اندر همت ۽ برد باري اچي وڃي ته اسين اهي ڳالهيون سوچي سگهون ٿا ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان جي تصور ۾ آهن. سڀ کان پهريان ڪم هي ڪرڻو آهي ته پنهنجي ذهنن مان سموري سوچ مٽائي ڇڏيون ۽ جيڪي ڪجهه اسان کي صحيح لڳي ۽ جيڪي جذبا اسان سمجهون ته دنيا لاءِ لاڀائتا آهن، اهي کڻي اڳتي وڌون. بلند حوصلو ۽ پيش قدمي رکندڙن جي بنيادي طاقت هڪ اهم حيثيت ٿي رکي. اهي ماڻهو ڏاڍا عظيم آهن، جيڪي نيڪ مقصد کڻي اڳتي وڌن ٿا ۽ پنهنجي فرضن تي جان قربان ڪن ٿا. سياسي۽ مذهبي رواداري الڳ الڳ نظريا آهن. بي خوف ۽ بهادر فرد ئي ان ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي همت ڪري سگهن ٿا.
جمهوريت هڪ نظريو آهي، جيڪو پهريون دفعو آڱرن تي ڳڻڻ جيترن فردن ۾ پيدا ٿيو، جن جو تعلق ڪرامويل جي فوج (Cromwell's army) سان هيو. انهن کي آمريڪا پهچايو ويو. جتي انهن آزادي جي جنگ ۾ حصو ورتو. ان فوج ۾ گهڻا ئي فرينچ به هئا. جيڪي لفائيٽ (Lafayette) سڏرائيندا هئا. اهي ماڻهو جڏهن فرانس ۾ آيا ته پاڻ سان گڏ جمهوريت جو نظريو کڻي آيا ۽ هتي جمهوريت جٽاءُ دار ٿي. ان کان سواءِ روسو (Rousseau) جي تعليم ۽ انقلاب کان به متاثر ٿيا. [2] [3]
- ↑ تخليق خالق کانسواءِ؟ (عمر عطيلا ايرگي / مظفر بخاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-17
- ↑ سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول (برٽرينڊرسل / عامر عطار / احسان “فائق” پنهور) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2019-01-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-16
- ↑ ڪتاب: سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول، ليکڪ: برٽرينڊرسل