سنڌ ۾ تعليم جو نئون انتظام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. ٺٽي ۽ روهڙيءَ جي سيدن کي جيڪي لوازما ميرن وٽان ملندا هئا، سي انگريز سرڪار بند ڪيا، ته فارسي جي واڌاري کي ڌڪ اچي ويو. ملن ۽ آخوندن جا ڇهه سؤ کن مڪتب سڄيءَ سنڌ ۾ هئا، [1] تن تي سرڪار نڪو ڪو پنهنجو ضابطو رکيو، نڪا ڪا انهن لاءِ گرانٽ منظور ڪيائين. سنه1845ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿيبورن هو، جنهن ااسڪولن کولڻ لاءِ سرڪار کان ٽي هزار رپيا سالياني گرانٽ گهري پر ڪو لائق ماستر ڪونه ملي سگهيو، تنهنڪري ڳالهه اتي رهجي ويئي. تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي هو، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾ هڪ رستو ”پريڊي سٽريٽ“ سڏجي ٿو. هن صاحب خرچ پنهنجي ڳنڍيان ڪري، ڪراچيءَ ۾ هڪ اسڪول کوليو، جنهن ۾ تعليم مفت ۾ ڏني ويندي هئي. سنه 1846ع کان وٺي 1852ع تائين اهو اسڪول هڪ لوڪل ڪاميٽيءَ جي هٿ ۾ هو، ۽ سنن 1853ع ۾ اهو ”چرچ مشن سوسائٽيءَ“ جي حوالي ڪيو ويو. ”متيءَ“ Gospel of St. Matthew جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سيرامپور جي پادرين؛ سنن 1825ع ۾ ڪيو هو. ان جو نئون سنئون ترجمو ڪئپٽن جارج سٽئڪ ڪيو، جو ديوناگري اکرن ۾ سن 1850ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ ”يوحنا“ Gospel of St. Jhon جو ترجمو برنس صاحب سن 1852ع ۾ عربي- سنڌي اکرن ۾ ڪيو؛ ٻئي سال اهو گرمکي اکرن ۾ به ڇپيو. اُهي خرچ، بمبئيءَ جي ”آگزيليئري بائبل سوسائٽيءَ“ (Bible Society Bombay Auxiliary) ڪيا هئا. پوءِ ته ڪئين عيسائي مذهب جا ڪتاب، ”برٽش ۽ فارين بائبل سوسائٽي، لنڊن“ جي خرچ تي ڇپجي پڌرا ٿيا. ڪراچيءَ واري مشن اسڪول کلڻ کان گهڻو پوءِ حيدرآباد ۽ سکر ۾ مشن اسڪول کليا. انهن ۾ هندو توڙي مسلمان شاگرد ڪلاسن ۾ وڃڻ کان اڳ وچين وڏي صفي (هال) ۾ گڏ ٿيندا هئا. پوءِ پادري توڙي ماستر ۽ شاگرد سڀئي گڏجي ڌڻيءَ کان دعا گهرندا هئا:

”اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ هجي وغيره“.

انهيءَ دعا گهرڻ کان پوءِ شاگرد ڪلاسن ۾ ويندا هئا. پادري نهايت لائق انسان هوندا هئا. جهڙوڪ: شرٽ صاحب، جنهن جي سنڌي ڊڪشنري اڄ تائين مشهور آهي. هو سنسڪرت جو ڄاڻو هو ”اکر- ڌاتوُ“ نالي هڪ ننڍو ڪتاب جوڙيو هئائين، جنهن ۾ سنڌي لفظن جا سنسڪرت بنياد ڄاڻايل هئا. [2]

حوالا[سنواريو]