تعليم جو انتظام
انگريزن جي صاحبيءَ جي شروعات ۾، انگريزي سيکارڻ لاءِ ماسترَ گهربل هئا. انهيءَ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ، آڪٽوبر 1854ع ۾، هڪ ”نارمل اسڪول“ ڪراچيءَ ۾ کليو. ان وقت ڪي مرهٽا عالم، جي بمبئيءَ ۽ پونا ڪاليجن مان تعليم وٺي، سنڌ ۾ اچي سرڪاري نوڪرين ۾ گهڙيا هئا، تن مان ڪي نارمل اسڪول ۾ مقرر ٿيا. اهي سنڌي ڪين ڄاڻندا هئا، تنهنڪري انگريزي لفظ جون معنائون هندستانيءَ ۾ ٻڌائيندا هئا. اهو نارمل اسڪول پوءِ حيدرآباد ۾ پراڻيءَ اسپتال جي ڀرسان، هڪ مسواڙي جاءِ ۾ کوليائون، جنهن ۾ سرڳواسي مسٽر چوهڙمل پنجابي (بي. اي) هيڊ ماستر ڪري رکيائون. مسٽر چوهڙمل (Chooharr Mal) سنڌ جو پهريون گرئجويٽ هو. اهو نارمل اسڪول ڦري هاڻي ”مرداڻو ٽريننگ ڪاليج“ ٿيو آهي. سن 1860ع ڌاري، سنڌ جو تعليم کاتو قائم ٿيو، تنهن کان پوءِ گهڻو سڌارو ۽ واڌارو ٿيو. اسان جن ماڻهن به چڱي مڙسي ڪئي. ڪراچيءَ ۾ ”مدرسو“ ۽ حيدرآباد ۾ ” يونين ائڪڊمي“ ۽ ٻين هنڌ ڪي اسڪول کوليائون. 1887ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”ڊي. جي. سنڌ ڪاليج کليو. هن وقت حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ به آرٽس ڪاليج آهن. سرڳواسي پرنسپال شهاڻيءَ جي ڪوشش سان انجنيئرنگ ڪاليج ۽ لاڪاليج کليا. ويجهڙائيءَ ۾ ائگريڪلچرل ڪاليج کليو آهي، ۽ سنڌ کي ڌار يونيورسٽي ملڻ جو به آسرو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ زناني تعليم جو به چاهه وڌيو آهي. هينئر ڀليءَ ڀَت ثابت ٿي چڪو آهي، ته ڇوڪريون ڪنهن به طرح ڇوڪرن کان گهٽ ڪينهن، بلڪ ڪي امتحانن ۾ ڇوڪرن کي به شهه ڏيو وڃن تعليم جي باري ۾ مرهٽن، بنگالين ۽ پارسين شروع واري وقت ۾ سنڌين جي چڱي مدد ڪئي، جنهنڪري سنڌ جا ماڻهو سندن اهو ڳڻ ڪڏهن به ڪين وساريندا [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ