رياض سھيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رياض سھيل
پيدائش سيپٽمبر 1973 (عمر 50 سال)
حيدرآباد سنڌ
رھائش ڪراچي سنڌ
قوميت پاڪستاني
ٻيا نالا رياض سانگي
تعليم ايم اي سوشيالاجي
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
پيشو صحافت
ڌڻي بي بي سي
ماءُپيءُ سھيل سانگي

رياض سھيل يا رياض سانگي پاڪستاني صحافي آھي جيڪو بي بي سي اردو جو سينئر نمائندو آھي. رياض سھيل حيدرآباد ۾ 1973ع تي پيدا ٿيا. سندس والد سھيل سانگي پڻ سنڌ جو مشھور صحافي ۽ ڪارڪن رھيو آھي. بي بي سي ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ رياض سھيل روزاني ڪاوش جو سب ايڊيٽر پڻ رھيو. ھن جون خبرون ۽ تجزيا بي بي سي نيوز، بي بي سي اردو، بي بي سي ھندي، روزاني ڪاوش، ھيرالڊ شايع ٿينديون رھن ٿيون. رياض سھيل کي سنڌ ۽ بلوچستان جي قوم پرست سياست بابت وسيع ڄاڻ آھي. رياض سھيل عليحدگي پسند، پاڪستان ۾ مذھبي ھٿياربند تنظيمن بابت رپورٽون پڻ لکندو آھي.[1]

ذاتي زندگي[سنواريو]

رياض سھيل يا رياض سانگي 11 سيپٽمبر 1973ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيا. سندس والد سھيل سانگي سنڌ جو مشھور ڪارڪن ۽ صحافي آھي. رياض سھيل ايم اي سوشيالاجي جي سند سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. ھن انٽر سنڌ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪئي ۽ ميٽرڪ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان پاس ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "RIAZ SOHAIL". پيپلز پلز. حاصل ڪيل 27 May 2021.