رياض سھيل
| رياض سھيل | |
|---|---|
| پيدائش | 11 سيپٽمبر 1973 (عمر 52 سال) حيدرآباد سنڌ |
| رھائش | ڪراچي سنڌ |
| قوميت | پاڪستاني |
| ٻيا نالا | رياض سانگي |
| تعليم | ايم اي سوشيالاجي |
| مادر علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| پيشو | صحافت |
| ڌڻي | بي بي سي |
| ماءُپيءُ | سھيل سانگي |
رياض سھيل يا رياض سانگي پاڪستاني صحافي آھي جيڪو بي بي سي اردو جو سينئر نمائندو آھي. رياض سھيل حيدرآباد ۾ 1973ع تي پيدا ٿيا. سندس والد سھيل سانگي پڻ سنڌ جو مشھور صحافي ۽ ڪارڪن رھيو آھي. بي بي سي ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ رياض سھيل روزاني ڪاوش جو سب ايڊيٽر پڻ رھيو. ھن جون خبرون ۽ تجزيا بي بي سي نيوز، بي بي سي اردو، بي بي سي ھندي، روزاني ڪاوش، ھيرالڊ شايع ٿينديون رھن ٿيون. رياض سھيل کي سنڌ ۽ بلوچستان جي قوم پرست سياست بابت وسيع ڄاڻ آھي. رياض سھيل عليحدگي پسند، پاڪستان ۾ مذھبي ھٿياربند تنظيمن بابت رپورٽون پڻ لکندو آھي.[1]
ذاتي زندگي
[سنواريو]رياض سھيل يا رياض سانگي 11 سيپٽمبر 1973ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيا. سندس والد سھيل سانگي سنڌ جو مشھور ڪارڪن ۽ صحافي آھي. رياض سھيل ايم اي سوشيالاجي جي سند سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. ھن انٽر سنڌ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪئي ۽ ميٽرڪ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان پاس ڪيائين.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "RIAZ SOHAIL", پيپلز پلز, حاصل ڪيل 27 May 2021۔