رفيق احمد انڍڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن، رفيق احمد انڍڙ تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ستابي انڍڙ ۾ 23 سيپٽمبر 1965ع تي جنم ورتو. سندس والد استاد محمد عباس، هاري ڪميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻ رهيو آهي. 1980ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پني عاقل مان مئٽرڪ ڪري، حيدرآباد جي مسلم سائنس ڪاليج مان انٽر ڪيائين. بعد ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي ادب ۾) ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1990ع ۾ پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ادب ۽ قومي سرگرمين ۾ دلچسپي رهي. 1982ع کان لکڻ جو آغاز ڪيائين، هيل تائين سوين ڪالم، مضمون ۽ شعر مختلف رسالن، اخبارن ۾ شايع ٿيا اٿس. 1973ع ڌاري جڏهن هارين جي حقن لاءِ هڙتالن جو سلسلو شروع ٿيو تہ رفيق انڍڙ، پنھنجي والد سان گڏ الھ بچائي مرڻاس ۽ ٻين سان بک هڙتال تي ويٺو، ان وقت هُو سڀ کان ننڍي عمر وارو بک هڙتالي ڪارڪن هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ويجهو ساٿي ۽ هاري ڪميٽيءَ جو اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ پڻ ان بک هڙتال ۾ ساڻن گڏ هو. ان کان علاوه رفيق انڍڙ سائن بورڊ ۽ ريلوي اسٽيشنن جا نالا سنڌيءَ ۾ لکڻ واري مهم ۾ پڻ پنھنجي دوستن سان گڏ سرگرم رهيو. پاڻ ”سنڌي ٻارڙا سنگت سنڌ“ جو وائيس چيئرمئن رهيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران هُو ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي. ايس. ايف) جي دوستن سان گڏ جيل ڀريو تحريڪ سبب سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ مختصر عرصو قيد رهيو. 1986ع ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي ڏيھ واپسيءَ تي ڀرپور استقبال واري مھم دوران پڻ گرفتار ٿيو. بعد ۾ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ ۾ جدوجھد دوران سکر ايئرپورٽ واري ”جهنڊي ڪيس“ ۾ پڻ هن 6 مهينا جيل ڪاٽيو، بعد ۾ هو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.

رفيق انڍڙ، علم ادب سان وابستگي قائم رکندي سنڌي ادبي سنگت شاخ پني عاقل جو 1981ع کان ميمبر ۽ هاڻوڪو خزانچي پڻ آهي ۽ مختلف مضمون ۽ ڪالم لکندو رهي ٿو. هن وقت سئي سدرن گئس ڪمپنيءَ ۾ اسسٽنٽ مئنيجر آهي ۽ پني عاقل ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]