عبدالقادر انڍڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪامريڊ عبدالقادر -انڍڙ- 14 -اپريل- 1924ع تي انڍڙن جي عيساڻي پاڙي جي هڪ بزرگ ۽ عارف ميان محمد سليمان جي وڏي پٽ ميان جان محمد جي گھر هاليجي شريف (پنوعاقل) ۾ -جنم- ورتو. پرائمري ۽ مذهبي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين. جوان ٿيڻ بعد -انگريز- فوج ۾ شامل ٿيو. رينجرس ۽ پوليس ۾ به نوڪري ڪيائين، پر اهي نوڪريون هن جي -باغي- سڀاءَ قبول نه ڪيون. انهيءَ دوران مولوي نذير حسين -تڙت- جتوئيءَ جي صحبت ۾ حيدربخش جتوئيءَ سان ملاقات ٿيس، مولوي نذير ۽ حيدر بخش جتوئيءَ جي انقلابي ڪچهرين عبدالقادر کي رچائي ريٽو ڪيو ۽ 1958ع ۾ باقاعدي هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ سڄي عمر هارين جي حقن ۽ هاري -انقلاب- لاءِ وڙهندي گذاريائين. -بک- هڙتالون، جلسا، جلوس، ڌرڻا، عدالتي معرڪا ڪري مسڪين هارين کي هزارين ايڪڙن جو مالڪ ڪيائين. هن هلچل ۾ ڪامريڊ رمضان شيخ، مولانا عزيز -الله- -جروار-، شير محمد فضلي، محمد هاشم گھانگھرو، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مولوي نذير حسين -جتوئي-، شاهه محمد دراني، محمد يعقوب -جتوئي- ۽ ٻيا سندس ساٿاري هئا. ڪامريڊ عبدالقادر ون يونٽ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. لسٽون سنڌيءَ ۾ ٺاهيو تحريڪ، بهاري نه کپن تحريڪ ۽ ٻين جدوجهدن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. شاگردن، هارين، مزدورن سان ساٿ ڏنائين. هاري مزدور شاگرد رابطا ڪاميٽين لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ڄام ساقي، مهر حسين شاهه، نورالله ملڪ، سرور سيف، عاشق سومرو، مانڌل شر سندس خاص فڪري دوست هئا. ڪامريڊ شاگردن جي مشهور تنظيم -ايس-. اين. -ايس-. ايف ۽ مزدورن جي مشهور تنظيم ورڪرز فيڊريشن کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو نيشنل عوامي -پارٽي- ضلعي سکر جو صدر رهيو. 1970ع ۾ نعپ جو عاليشان جلسو ڪرايائين، جنهن ۾ ولي خان، حبيب جالب، مير غوث بخش -بزنجو-، عطاءُ -الله- مينگل، -ارباب- سڪندر خليل ۽ ٻيا شامل ٿيا هئا. پني عاقل ۾ جشنِ سنڌ ۽ هاري ڪانفرنسن جھڙا يادگار پروگرام ڪيائين، ڪامريڊ سدائين کاٻي ڌر جي سياست ڪئي، سدائين کاديءَ لباس ۾ رهيو، سندس ڇاتيءَ تي سنڌ جي نقشي جو بيج ۽ لينن جي -تصوير- سدائين آويزان رهيا. ڪامريڊ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي مختلف عهدن تي رهيو ۽ 1976ع کانپوءِ سنڌ جو چيف آرگنائيزر رهيو. -بلوچستان- ۾ 1978ع ۾ -پٽ فيڊر- جي هارين جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيو. سد واهه جي هارين جي حمايت ۾ -بک- هڙتال ڪيائين. اتي کيس فالج جو حملو ٿيو. دوست کيس ڪراچي کڻائي آيا. سندس حالت خراب ٿيڻ ڪري سندس دوست الهه بچايو مرڻاس کيس ڪراچيءَ کان ڳوٺ کڻائي آيو، -جتي- 30 سيپٽمبر 1978ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]