رضا لانگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رضا لانگاھ

رضا لانگاھ (انگريزي:Raza Langah) سنڌ ۾ جنم وٺندڙسنڌي ٻولي جو بهترين جديد شاعر آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

رضا لانگاھ جو اصل نالو رضا ايوب پُٽ ولي محمد لانگاھ آهي. رضا سنڌ جي شهر مورو، ضلعو نواب شاهه هاڻ نوشهرو فيروز ضلعو ۾ 9 مئي 1969ع تي جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

رضا لانگاھ پرائيمري تعليم مورو شهر ۾ حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ ھاء اسڪول مورو مان 1985ع ۾ پاس ڪئي. ۽ انٽر جو امتحان 1987 ۾ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو مان پاس ڪيو. . بي اي جي ڊگري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ايم اي سياسيات 1990ع، ايم اي اڪنامڪس 1993ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ 1996ع ۾ پڻ شاھ عبداللطيف لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيائين.[1]

شاعري جي ابتدا[سنواريو]

رضا لانگاھ شاعري جي ابتدا 1985ع ۾ ڪئي. سندس مضمون ۽ شاعري سنڌي ٻوليءَ جي معياري رسالن، سوجھرو. تخيل، پرک، نئين آس، نئون نياپو، رومي ادب، سڦلتا، سڳنڌ، عبرت ميگزين حيدرآباد ۾ شايع ٿيل آهي. جڏهن ته سندس قلمي پورهيو روزاني ڪاوش، روزاني آفتاب- روزاني مھراڻ، روزاني هلال پاڪستان ، روزاني عبرت، روزاني خادم وطن، روزاني برسات، روزاني سوال، روزاني سرواڻ، روزاني عوامي آواز، روزاني خبرون ۽ روزاني جاڳو اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. سندس چپيل ڪتاب "دعائون ننڊ مان جاڳيون، شاعري" 2014ع ۽ "مان دراوڙ ديس جو" شاعري 2018ع ڇپيل آهن.[1][2][3][4] رضا لانگاھ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "رضا لانگاھ بهترين جديد شاعر". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-05-07. 
  2. zasolangi. "سنڌي ادبي سنگت سنڌي جديد اديبن جي تنظيم آهي،رضا لانگاھ | Indus News %". Indus News (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-05-07. 
  3. zasolangi. "زندگي آ پيار جي مصوري.. | Indus News %". Indus News (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-05-07. 
  4. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Sep/27-09-2016/Page2/P2-10.htm. حاصل ڪيل 2020-05-07.  Missing or empty |title= (مدد)
  5. Khaabroo. "مورو لڳ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جي صدارت هيٺ جمال الدين مومن جي 20 هين ورسي". =Print, Electronic and social media. حاصل ڪيل 2020-05-07.