راجا رفيق پنهور
ڏيک
| راجا رفيق پنهور Raja Rafique Panhwar | |
|---|---|
| ڄم | ڳوٺ آدم خان پنهور، دادو تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ |
| ڌنڌو | ، اداڪار |
| ٻولي | سنڌي |
| رهائش | دادو |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم. اي |
| مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| جُڳ | هاڻوڪو |
| موضوع | اداڪاري |
راجا رفيق پنهور (انگريزي :Raja Rafique Panhwar) سنڌ جو اسٽيج ۽ ٽي وي جو اداڪار آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]رجا رفيق جو پورو نالو رفيق احمد پنهور آهي. هيءُ سنڌ جي دادو ضلعو جي دادو تعلقو ۾ 30 مارچ 1972ع ۾ دادو شهر لڳ ڳوٺ آدم پنهور ۾ پيدا ٿيو. راجا رفيق جي پيءُ نالو محمد صديق پنهور آهي.
تعليم
[سنواريو]هن پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو شهر مان ڪئي ۽ ٻي اي ۽ ايم اي جو امتحان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيو.[1]
فني سفر
[سنواريو]هن فني سفر اسٽيج ڊرامن کان شروع ڪيو. هيءُ ڀلوڙ اسٽيج ۽ ٽي وي اداڪار آهي. هن ڪيترن ئي اسٽيج ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي. هن جا ڳڻپ جوڳا ڊراما ڪڏهن ته ملندا سين ۽ ڪارو سج آهن جن ۾ هن اداڪاري ڪئي. ٻئي ڊراما ڪي ٽي اين نجي چينل تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. هن سنڌ ٽي وي جي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي آهي.[2][3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب:Dadu at glance by Dr. Niaz Abbasi, 2011
- ↑ "راجا رفيق پنهور : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 07 ڊسمبر 2019۔
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 22 ڊسمبر 2019۔