ذوالفقار گاڏهي
ذوالفقار گاڏهي (انگريزي:Zulfiqar Gadehi) سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]ذوالفقار گاڏهي جو پورو نالو ذوالفقار علي گاڏهي آهي. هن پهرين سيپٽمبر 1966ع تي امداد علي گاڏهي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ شير محمد گاڏهي ، سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو ۾ آهي.[1][2]
ادبي خدمتون
[سنواريو]ذوالفقار گاڏهي لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي. هيءُ منفرد شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي. سندس ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. هن اردو ۾ پڻ لکيو آهي.اردو ۾ پڻ سندس ڪتاب ڇپيل آهن.[3] هيءُ هميشه منفرد موضوعن لي ڇُهي لکي ٿو. رومانس سندس لکڻين جو روح آهي.[1][4][5] ذوالفقار گاڏهي سنڌي ادبي سنگت سان به سلهاڙيل رهيو آهي ۽ ان جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو آهي.[6]
ڪتاب
[سنواريو]ذوالفقار جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ موکي مٽ اپٽيا، مان اُماس ۽ چنڊ، هينئڙو ٻيڙي جان[1] ، ھڪ وک جو سفر۽ اردو ۾ دریچہ بے صدا ڇپيل آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "Poets and writers". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2014-12-17. 2020-02-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ فقير محمد سنڌي - سنڌ جي تاريخ. اصل نسخو مان 2020-02-25 تي محفوظ ڪيل. 2020-02-25 تي حاصل ڪيل.
{{cite book}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2020-02-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. - 1 2 "ذکر کچھ کتابوں کا". ایکسپریس اردو (آمريڪي انگريزي ۾). 2014-03-22. 2020-02-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Sindh-mass-comm (2016-03-27). "Mass Comm MA : ذوالفقار گاڏهي شاعر". Mass Comm MA. 2020-02-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "شاعري باغ هوندي آهي- 06". 2020-02-25 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "آرٽيڪل 149: سنڌ جي وحدت تي وار آهي: ادبي سنگت -". 2020-02-25 تي حاصل ڪيل.