ذوالفقار گاڏهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ذوالفقار گاڏهي

ذوالفقار گاڏهي (انگريزي:Zulfiqar Gadehi) سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

ذوالفقار گاڏهي جو پورو نالو ذوالفقار علي گاڏهي آهي. هن پهرين سيپٽمبر 1966ع تي امداد علي گاڏهي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ شير محمد گاڏهي ، سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو ۾ آهي.[1][2]

ادبي خدمتون[سنواريو]

ذوالفقار گاڏهي لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي. هيءُ منفرد شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي. سندس ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. هن اردو ۾ پڻ لکيو آهي.اردو ۾ پڻ سندس ڪتاب ڇپيل آهن.[3] هيءُ هميشه منفرد موضوعن لي ڇُهي لکي ٿو. رومانس سندس لکڻين جو روح آهي.[1][4][5] ذوالفقار گاڏهي سنڌي ادبي سنگت سان به سلهاڙيل رهيو آهي ۽ ان جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو آهي.[6]

ڪتاب[سنواريو]

ذوالفقار جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ موکي مٽ اپٽيا، مان اُماس ۽ چنڊ، هينئڙو ٻيڙي جان[1] ، ھڪ وک جو سفر۽ اردو ۾ دریچہ بے صدا ڇپيل آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-02-25. 
  2. فقير محمد سنڌي - سنڌ جي تاريخ. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16557&BookTitle=Faqir%20Muhammad%20Sindhi%20-%20Sindh%20Ji%20Tarekh. 
  3. 3.0 3.1 "ذکر کچھ کتابوں کا". ایکسپریس اردو. حاصل ڪيل 2020-02-25. 
  4. Sindh-mass-comm. "Mass Comm MA : ذوالفقار گاڏهي شاعر". Mass Comm MA. حاصل ڪيل 2020-02-25. 
  5. "شاعري باغ هوندي آهي- 06" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-02-25. 
  6. "آرٽيڪل 149: سنڌ جي وحدت تي وار آهي: ادبي سنگت -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-02-25.