مواد ڏانھن هلو

ذوالفقار دولتاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ذوالفقار دولتاڻي (انگريزي:Zulfiqar Doltani) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ،ڪهاڻيڪار ۽ صحافي آھي.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

ذوالفقار دولتاڻي جو پورو نالو ذوالفقار علي آهي. هن 20 ڊسمبر 1989ع تي سوڀو خان لغاري جي گهر ۾ سنڌ جي دادو ضلعي جي تعلقي جوهي جي ڪاڇي جي ڳوٺ سوڀو دولتاڻي لغاري ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم

[سنواريو]

ذوالفقار دولتاڻي پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاھ مان سال 2005ع ۾ ڪئي ۽ ٻارهين جماعت  گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه مان سال 2007ع ۾ ڪئي.[2]

لکڻ جي شروعات

[سنواريو]

دولتاڻي لکڻ جي شروعات 2006ع ۾ ڪئي. سندس شاعري توڻي ڪهاڻيون ۽ مضمون اول روزاني پاڪ اخبار ڪراچي ۾  شايع ٿيا. هن جو مواد  ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهي. هن صحافت جي ميدان  ۾ سال 2017ع ۾ پير پاتو. هن سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي به ڪم ڪيو آهي. هن مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکيا آهن. هن وقت دي سنڌ آنلائين ويب اخبار ۾ صحافي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.[3][4][5][6]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Poets and writers", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2020۔
  2. "Zulfiqar Doltani", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 03 سيپٽمبر 2020, حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2020۔
  3. "پنهنجي تصوير ڪهاڻي -" (ٻولي ۾ سنڌي), 18 آگسٽ 2020, حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2020۔
  4. "ذوالفقار دولتاٹی", SindhSalamat, حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2020۔
  5. "ڪاڇي جي سونهن اۡجڙي پئي. ڏسو نٿا ؟", SindhSalamat, حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2020۔
  6. "نتائج تلاش | اردو محفل فورم", www.urduweb.org, حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2020۔