ذوالفقار دولتاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ذوالفقار دولتاڻي

ذوالفقار دولتاڻي (انگريزي:Zulfiqar Doltani) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ،ڪهاڻيڪار ۽ صحافي آھي.

زندگي جو احوال[سنواريو]

ذوالفقار دولتاڻي جو پورو نالو ذوالفقار علي آهي. هن 20 ڊسمبر 1989ع تي سوڀو خان لغاري جي گهر ۾ سنڌ جي دادو ضلعي جي تعلقي جوهي جي ڪاڇي جي ڳوٺ سوڀو دولتاڻي لغاري ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

ذوالفقار دولتاڻي پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاھ مان سال 2005ع ۾ ڪئي ۽ ٻارهين جماعت  گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه مان سال 2007ع ۾ ڪئي.[2]

لکڻ جي شروعات[سنواريو]

دولتاڻي لکڻ جي شروعات 2006ع ۾ ڪئي. سندس شاعري توڻي ڪهاڻيون ۽ مضمون اول روزاني پاڪ اخبار ڪراچي ۾  شايع ٿيا. هن جو مواد  ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهي. هن صحافت جي ميدان  ۾ سال 2017ع ۾ پير پاتو. هن سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي به ڪم ڪيو آهي. هن مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکيا آهن. هن وقت دي سنڌ آنلائين ويب اخبار ۾ صحافي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.[3][4][5][6]

حوالا[سنواريو]

  1. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-09-03. 
  2. "Zulfiqar Doltani". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-09-03. 
  3. "پنهنجي تصوير ڪهاڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-03. 
  4. "ذوالفقار دولتاٹی". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-09-03. 
  5. "ڪاڇي جي سونهن اۡجڙي پئي. ڏسو نٿا ؟". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-09-03. 
  6. "نتائج تلاش | اردو محفل فورم". www.urduweb.org. حاصل ڪيل 2020-09-03.