مواد ڏانھن هلو

پراڪرت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پراڪرت جو لفظ ’پرڪرتي‘ يعني فطرت مان نڪتو آهي. پراڪرت اولھ هندستان جي ماڻهن جي اصلوڪين ٻولين جو گڏيل نالو آهي. هر خطي کي پنهنجي پراڪرت هئي ۽ ان جو پنهنجو نالو هو. پراڪرت ٻوليءَ جو هڪ عوامي روپ هو. ڪن ودوانن جو خيال آهي ته پراڪرت، سنسڪرت مان نڪتل ٻولي هئي. پر ڪي گياني ان ڳالهه کي نٿا مڃن. پراڪرت شاعريءَ کي پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته اها ٻولي هاڻوڪي سنڌي ٻولي سان ويجهو واري ڪا ٻولي هئي. [1] آھي وچوليون انڊو آرين ٻوليون آھن..[2][3]ارڌامگاڌي يا مگاڌي ۽ پالي،گنڌاري، مھاراشٽري ٻوليون به پراڪرت ٻوليون آهن.


پراڪت ٻوليءَ جي معنا پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل ٻولي. ’پرڪرتي‘ لفظ جي هڪڙي معنا آهي ’قدرت‘ (Nature)، ۽ ٻي معنا اٿس’اصلوڪي صورت‘, جنهن جو ضد آهي ’وڪرتي‘ معنيٰ ’بگڙيل صورت‘. پراڪرت ٻوليءَ جي پرڪرتي يا اصلوڪي صورت آهي سنسڪرت تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنا اصلوڪي صورت يعني سنسڪرت مان پيدا ٿيل ٻولي، جا قدرتي طرح يا پاڻمرادو سنسڪرت مان ٺهي پيئي. اها ٻولي عام طرح ڪم ايندي هئي، تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنيٰ عام يا رواجي ٻولي به آهي. هر هڪ پرڳڻي جي پراڪرت پنهنجي پنهنجي هئي، تنهنڪري پراڪرت ٻولي معنيٰ پرڳڻي جي ٻولي به آهي. هن وقت سنڌ جي پراڪرت هاڻوڪي سنڌي ٻولي آهي.

پالي يا قديم پراڪرت

[سنواريو]

گوتم ٻڌ، جو عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي ٿي گذريو آهي، تنهن جي وقت ۾ سنسڪرت ٻولي اڪثر رڳو برهمڻ ڄاڻندا هئا. ٻيا ماڻهو عام طرح هڪ جھوني پراڪرت ٻولي ڳالهائيندا هئا، جا هاڻ ’پالي‘ سڏجي ٿي. انهيءَ ڪارڻ جي ڪري گوتم ٻڌ پنهنجي ڌرم جو پرچار انهيءَ قديم پراڪرت ۾ ڪيو، ته سندس متا ماڻهو پوريءَ طرح سمجهن. هن حقيقت مان انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا واري اهو بلڪل پورو انومان ڪڍيو آهي ته عيسوي سن کان اٽڪل هڪ هزار ورهيه اڳي سنسڪرت ڦري پالي ٿي هئي، جنهنڪري گوتم ٻڌ کي انهيءَ ٻوليءَ ۾ پرچار ڪرڻو پيو هو.

ڪي يوروپي عالم چون ٿا، ته ’پالي‘ لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ’پرالي‘، معنا سِٽ (ڪتاب جي)، ڌرمي ليک. ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ ان ۾ لکيل آهن، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. ٻڌ ڌرم وارا چون ٿا، ته سنسڪرت ۾ ’پال‘ معنا پالڻ، تنهنڪري ’پالي‘ ٻولي معنيٰ اها ٻولي، جنهن ۾ ٻڌ ڌرم وارن جا ڌرمي متا پاليل يا سنڀاليل آهن. هن وقت پالي ٻولي برما، سيام، ۽ سلون (لنڪا) جي ٻڌ ڌرم وارن جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي آهي.

پالي ٻوليءَ جو واڌارو ٻڌ ڌرم وارن ڪتابن ۾ لکيل آهي، ته گوتم ٻڌ پنهنجا پوتر چرن (پاڪ پير) اسان جي سنڌ پرڳڻي ۾ به گهمايا هئا، ۽ سنڌي ماڻهن به ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو. هن مان ظاهر آهي، ته ان وقت سنڌ ۾ پالي ٻولي چالو هئي، جنهنڪري اسان جا ماڻهو گوتم ٻڌ جو پرچار ۽ ٻڌڌرم جا ڌرمي پستڪ سمجهي سگهيا ٿي.

گوتم ٻڌ پنهنجي وقت ۾ ٻڌ ڌرم پکيڙيو، ته مڌيه ديش وارن آرين پنهنجي برهمڻي ڌرم پکيڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. مثلاً، عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي، اگست مني، ونڌيا جبل لتاڙي ڏکڻ هندستان ڏي ويو ۽ اتي وڃي برهمڻن جون بيٺڪون وڌائين. ائين مدراس کاتي ڏي برهمڻي ڌرم ۽ سنسڪرت جي پکيڙ ٿي، ان وقت اتر هندستان ۾ ماڻهو عام طرح پالي ٻولي ڳالهائيندا هئا، تنهنڪري ڏکڻ هندستان ڏي پالي جي به پکيڙ ٿي.

عيسوي سن کان پنج صديون کن اڳي، وجيا نالي هڪ راجڪمار، ڪيترن ماڻهن سان ’لاٽ‘*مان لڏي سريلنڪا (سلون) ڏي ويو ته ٻڌ ڌرم ۽ پالي جي پکيڙ اوڏانهن به ٿي ۽ اتي جي پالي ٻولي پوءِ ڦري سنهالي (سنگهالي) پراڪرت ٿي، جا هندستان جي پراڪرت ٻولين جي ڏورانهين سؤٽ چئبي. [4]

پراڪرت ٻولين جا قسم

[سنواريو]

پالي ٻولي سڄي هندستان ۾ پکڙيل هئي ۽ پوءِ بگڙجي پراڪرت ٿي، ته هندستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پراڪرت ٻولي پنهنجي پنهنجي نموني واڌارو ڪيو، جنهنڪري ان جا گهڻا نمونا ٿيا. جين ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ انهن مان ڪن ۾ لکيل آهن. اسانجن آڳاٽن ماڻهن انهن جا گرامر به ٺاهيا، جي اڄ تائين موجود آهن. چنڊ نالي هڪ شخص عيسوي سنه کان ٽي سؤ کن ورهيه اڳي، يعني موريا گهراڻي جي صاحبيءَ ۾، پراڪرت ٻولين جو وياڪرڻ ’پراڪرت لڪشڻ‘ نالي جوڙيو هو، جنهن جو ترجمو ڊاڪٽر هورنل (Dr. Hoernle) ڪيو آهي.

چنڊ کان پوءِ وررچي، جو مهاراجا وڪرماجيت جي دربار جي نون رتنن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو، تنهن ’پراڪرت پرڪاش‘ ٺاهيو، جنهن جو ترجمو ڊاڪٽر ڪوويل (Dr: Cowell) ڪيو آهي. جين ڌرم جو نامور اپاسڪ هيمچندر آچاريا، جو سن 89- 1088ع ڌاري احمد آباد ۾ ڄائو هو، تنهن ’هيم وياڪرڻ‘ جوڙيو، جنهن جي ا‎ٺين باب ۾ پراڪرت ٻولين جو وياڪرڻ ڏنو اٿس. هيم وياڪرڻ جو ترجمو ڊاڪٽر پشل (Dr Pischel) ڪيو آهي. هيمچندر آچاريا کان پوءِ تروڪرم، لڪشميڌر، مارڪڻڊيه، (عيسوي سترهين صديءَ ۾) ۽ ٻين، پراڪرت وياڪرڻ ٺاهيا. انهن ڪتابن مان ڄاڻ پئي ٿي، ته پاليءَ واري زماني کان پوءِ، هندستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جيڪي پراڪرت ٻوليون چالو هيون، تن مان ڇهه مکيه هيون: (1) مها راشٽر (2) ماگڌي (3) ارڌ ماگڌي (4) شؤر سيني (5) پئشاچي (6) اپڀرنش. انهن ڇهن نالن مان ظاهر آهي ته پهريون چار پراڪرت ٻوليون جن هنڌن ۾ ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون، تن هنڌن جا نالا مٿن رکيل هئا، ۽ پئشاچي پراڪرت، پشاچ لوڪن جي ٻولي هئي، جن بابت مٿي اڳيئي چيو ويو آهي ته ڪلجڳ شروع ٿيڻ وقت هنن پنجاب ۽ سنڌ ۾ اچي بيٺڪون وڌيون هيون.’اپڀرنش‘ معنيٰ بگڙيل ٻولي، تنهنڪري اها ڪنهن خاص هنڌ جي ٻولي نه هئي؛ پر جيڪا به ٻين پراڪرتن کان وڌيڪ بگڙيل هئي سا انهيءَ نالي سان سڏبي هئي. انهن ڇهن پراڪرتن مان مها راشٽريءَ جو درجو سڀني کان مٿي ڪري ليکيو اٿن. جين ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ ان ۾ لکيل آهن. اها وڏي ايراضيءَ ۾ چالو هئي ۽ اهڙي ته مکيه هئي، جو هيمچندر آچاريا جڏهن رڳو ’پراڪرت‘ لفظ ڪم آڻي ٿو، تڏهن مطلب ئي اٿس ’مهاشٽري پراڪرت‘. پنهنجي گرامر ۾ گهڻو ذڪر ڪيو ئي ان جو اٿس. ٻين پراڪرت نحوين به قاعدا رڳو مهاشٽري پراڪرت جا ڏنا آهن: ٻين پراڪرت ٻولين بابت رڳو ايترو ڄاڻايو اٿن ته اهي فلاڻين فلاڻين ڳالهين ۾ مهاشٽريءَ کان علحديون آهن.

اپڀرنش

[سنواريو]

وچولي زماني جون پراڪرت ٻوليون، جي پاليءَ جو درجو لنگهي وڌيڪ ابتر ٿيون، سي پوءِ وڌيڪ بگڙيون.اهو سڀاويڪ آهي ته جَت، ڌنار ۽ ٻيا اڻپڙهيل ماڻهو لفظن جا اچار بگيڙين ٿا. وقتي ساڱيا واڱيا به ٻوليءَ ۾ چُڪون ڪن ٿا. ائين ٻولين ۾ بگاڙو پوي ٿو- پرپاليءَ واري زماني کان وٺي هندستان ۾ حالتون ئي اهڙيون اچي بڻيون، جو هڪٻئي پٺيان ڌاريا لوڪ ڪاهي پئي آيا ۽ انهن به اهي ئي پراڪرت ٻوليون اختيار ڪيون، ته پاڻ اچار وڌيڪ بگيڙيائون، جنهنڪري آڳاٽن نحوين، انهن بگڙيل ٻولين کي ’اپڀرنش‘ سڏيو آهي، جنهن جي معنا آهي مقرر درجي کان ڪِريل (Falicn from the normal) يعني بگڙيل يا کريل ٻولي. اپڀرنش جو درجو سڀني پراڪرت ٻولين کان گهٽ ڪري ليکيو اٿن- هندستان جي جدا جدا ڀاڱن جون اهي اپڀرنش ٻوليون بگڙجي هاڻوڪيون هندي، سنڌي، گجراتي وغيره ٿيون آهن. جنهنڪري چئبو ته آڳاٽين پراڪرتن ۽ هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جو وچ وارو ڏاڪو اهي اپڀرنش پراڪرت ٻوليون آهن.

اپڀرنش جو ذڪر پراڪرت گرامر جوڙيندڙن هيمچندر آچاريا، تروڪرم، ڪرمڌيشور ۽ مارڪڻڊيه ڪيو آهي. ڊنڊن پنهنجي ’ڪاويا درش‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته اپڀرنش ٻولي، اميرن (اڀيرن يعني ڳنوارن يا مالدارن) جي ٻولي هئي ۽ سنڌ جا اهير اپڀرنش ۾ شعر چوندا هئا. ان وقت جو سنڌ جو شعر ملي نٿو سگهي، باقي گجرات طرف جي ناگر اپڀرنش جو شعر موجود آهي، جنهن مان ٿورا ٽڪرا ڊاڪٽر ڀنڊارڪر پنهنجي ڪتاب “ Wilson Philological Lectures” ۾ ڏنا آهن. سنڌ ۾ اهي ڪوبه سمجهي ڪونه سگهندو، ان ۾ ٻٽا، يعني ٻن سٽن وارا بيت آهن: سنڌ جو به قديم شعر ٻه سٽو يا ’دوهرو‘آهي.

پراڪرت جا مزيدار مثال

[سنواريو]

پراڪرت ۽ اپڀرنش ۾ ٻه مکيه ڳالهيون گهڻو ڌيان ڇڪين ٿيون. ڪيترن لفظن جي وچ ۽ پڇاڙيءَ مان، حرف صحيح ايتريقدر نڪري ويا آهن، جو هن وقت پراڪرتن ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ نه ٻيو حرف علت يا ’هه‘ جو اچار آهي ۽ ٻيو ڪو به حرف صحيح ڪونهي! لفظن مان ڄڻ ته هڏا ويا آهي نڪري، باقي رڳو ماس پيو لڙڪي! مثلاً، سنسڪرت لفظ ’هرديا‘ معنا هردو يه دل، ۽ ’متر‘ معنا مِٽ(مائٽ). پراڪرت ۾ انهن جا اچار ٿيا ’هنئه‘ ۽ ’منئه‘! ڪنهن کي جيڪر اعتبار ۾ ئي ڪونه اچي، ته ڪو پراڪرت ڳالهائيندڙ، هن ريت لفظن مان حرف ڪڍي، رڳو ٻاتن وانگر (ءَ – ءَ – ءَ – يه، يه، يه) پيا ڪندا هئا. پر ڏسون ٿا، ته اهي ساڳيا لفظ سنڌي ۾ آهي: پراڪرت لفظ ’هنئه‘ بدران چئون ’هنئون- هنئانءُ‘ معنا دل ۽ ’منئه بدران چئون ’مِنئون‘(ميان)‘ مثلاً ميان قادر بخش. پراڪرت ٻوليءَ ۾ خود ’پراڪرت‘ لفظ جو اچار آهي ’پاييا‘، جنهنڪري ڌنپال آچاريا پنهنجي جوڙيل پراڪرت ڪوش (ڊڪشنريءَ) جو نالو ئي رکيو آهي ’پاييلڇي‘. جيڪو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ’پراڪرت لڪشمي‘. ’لڪشمي‘ جو اچار بگڙي ’لڇمي‘ ۽ پوءِ ’لڇي‘ ٿيو آهي. اهو اچارن جو نمونو اڄ تائين ڪجهه قدر لاڙ جي هندن ۾ آهي، جي ’ناريل بدران چون ’ناير‘!

مثلاً، ’بيڪانير‘ شهر بيکي نالي هڪ راجپوت جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. پراڪرت ڳالهائيندڙ گهُڻن وانگر ’ن‘ بدران ’ڻ‘ ايتريقدر ڪم آڻيندا هئا، جو پراڪرت ۾ اهڙا سڀ لفظ ’ن‘ بدران ’ڻ‘ سان شروع ٿين ٿا. اسان شايد انهن جي اَڍ ڇڪي آهي، جو لفظن ۾ نڪ جو اُچار گهڻو گڏيون ٿا. مثلاً ’تهجو‘ ۽ ’مهجو‘ بدران چئون ’تنهنجو‘ ۽ ’منهنجو‘، ۽ ’پري‘ بدران عام طرح چئون ’پرين‘، معنا پيارو. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو، پراڪرت ڳالهائيندڙن کان اسان جا اچار وڌيڪ مٺا آهن. هن وقت سنڌيءَ ۾ ڪوبه لفظ ’ڻ‘ سان شروع ڪونه ٿو ٿئي: رڳو هڪ لفظ ’ڻوڻ‘(جمع ڻوڻيون) آهي، پر ان جو صحيح اُچار آهي ’روُڻ‘(جمع روڻيون). درياء جو پاڻي اٿلي، ڪنهن بند کي ويڙهي ويندو، ته بند کي اول سيڪ ايندو، يعني ڀڄي آلو ٿيندو. پوءِ روڻ پونديس، جنهن مان پاڻي ’روُن روُن‘ ڪري وهندو ۽ پوءِ بند کي گهارو پوندو. اهو لفظ ’رون رون‘ (آواز) مان ٺهيل آهي.

اپڀرنش پراڪرت جا مثال

[سنواريو]

سنسڪرت لفظن جا اُچار پراڪرت واري زماني ۾ ماڻهن هڪڙيءَ ريت بگيڙيا، ۽ گپت گهراڻي وارن جي صاحبيءَ ۾ جيڪي سنسڪرت لفظ وري نئين سر چالو ٿيا، تن جا اچار اپڀرنش واري زماني ۾ ماڻهن ٻيءَ ريت بگيڙيا- مثلاً، سنسڪرت ’هرديه‘، پراڪرت ’هنئه‘، سنڌي ’هنئون‘، پر اپڀرنش ۾ اچار ٿيس ’هج‘ (Hijja)، جنهن مان سنڌي لفظ ’هيج‘ ٺهيو آهي، ۽ معنيٰ اٿس دل جو چاهه يا خوشي- ’هيج‘ نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون.‘(شاهه)، اهڙيءَ طرح ساڳين سنسڪرت لفظن جون سنڌيءَ ۾ ڪيتريون علحديون علحديون صورتون آهن. (الف) جيڪي لفظ پراڪرت ۾ ورهين کان چالو هئا، تن مان ڪيترن جا اچار پوءِ اپڀرنش ٿيا، يعني بگڙيا- مثلاً، سنسڪرت لفظ ’راجا‘ جو اچار پراڪرت ۾ ٿيو ’راڻا‘، ته اهو اپڀرنش ۾ وڌيڪ بگڙجي ٿيو’راءَ‘ سنڌ جي شاهي گهراڻي وارا حاڪم پاڻ کي ’راءَ‘(راجا) سڏيندا هئا. اهو لفظ خود اپڀرنش پراڪرت جو آهي. هن وقت اسين اهو لفظ ماڻهن جي نالن پٺيان گڏيندا آهيون- مثلاً: حشمتراءَ، بسنتراءَ، هن طرح چالو لفظن جا اُچار وڌيڪ بگڙيا، تنهن لاءِ تاريخي سبب به هئا. [5]

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Daniels, p. 377
  3. Woolner, Alfred C. (1928). Introduction to Prakrit. Delhi: Motilal Banarsidass Publ.,. pp. 235. ISBN 9788120801899. 
  4. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
  5. ڏسو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ