دائو جا قبا
ڏيک
دائُو جا قبا (انگريزي: Dau Ja Quba) سنڌ، پاڪستان جي لاڙڪاڻي ضلعي هاڻي قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي قنبر علي خان تعلقو جي قديم ڳوٺ غيبي ديرو جي اتر اوڀر ۾ ڳوٺ ماهو جي پرسان ڪاچو ۾ حسناڻي چانڊين جو هڪ قديم قبرستان آهي جيڪو مقامي طور دائو جا قبا جي نالي سان مشهور آهي. هي قبرستان ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور جي طرز تعمير جو بهترين مثال آهن. دائو جا قبا ۾ ڪيترائي مقبرا آهن جن جي ديوارن تي چٽسالي ٿيل آهي. چٽسالي يا نقش نگاري ۾ گلڪاري، ميوا، ڀاڄيون، وڻ، ڪهاڻيون ۽ جاميٽري جون ڊزائنون نقش ٿيل آهن.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "دائو جا قبا.........عزيز ڪنگراڻي" (ٻولي ۾ سنڌي), 21 جون 2019, حاصل ڪيل 02 جولاءِ 2019۔
- ↑ "دائوءَ جا قبا : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 02 جولاءِ 2019۔