خير النساء جعفري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

خير النساءِ جعفريءَ جو جنم 17 آگسٽ 1947ع ۾ ٿيو. گهر ۾ سندس نالو گُڏي هو پر ادبي دنيا ۾ کيس خير النساءَ جعفري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي ليڪچرر مقرر ٿي. پاڻ ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات 1974ع ڌاري ڪيائين. ڪهاڻين کان علاوه ھن سفرناما، مضمون، مقالا ۽ ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن جا مهاڳ، پڻ لکيا. سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪهاڻي کيتر جي ڪجهه وڏن نالن ماڻڪ، شوڪت شوري ۽ مشتاق شوري سان سندس نانءُ فڪري ڌارا جي ڪهاڻين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هوءَ سچي ۽ کري ڳالهه منهن تي چئي ڇڏڻ جي عادي هئي، ان ڳالهه جا شاهد سندس ڇپيل انٽرويو ۽ تقريرون آهن.

خير النساءَ جي ڪهاڻي ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ايتري ته مشهور ٿي جو ان کان پوءِ ايندڙ ڪيترن ئي ليکڪن سندس انداز ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. خير النساءِ جي نظر ۾ ڪنهن ادبي تخليق کي محض ”جنس“ جي ڪري فحش قرار ڏيڻ ادبي نامردي آهي. سندس پسنديده ليکڪ نسيم کرل ۽ آغا سليم رهيا آهن. خير النساءَ جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”تخليق جو موت“ 1978ع ۾ ڇپيو جيڪو جلد ئي مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو. جنهن کي ٻيهر ”سنڌيڪا اڪيڊمي“ 1992ع ۾ سندس مهاڳن، انٽرويوز، تقريرن ۽ مقالن سميت شايع ڪرايو.

توڙي جو هوءَ اڄ اسان سان نه آهي پر سندس لکڻيون اڄ به سنڌي ادب ۾ جرڪندڙ ان ستاري جيان آهن جنهن جي روشني يگاني ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. خير النساءَ جعفريءَ جي لکڻين تي دز نٿي ڇانئجي سگهي اهي لکڻيون ڏورانهين مستقبل تائين زنده رهنديون ڇاڪاڻ ته جهڙي بي باڪي سندس لکڻين ۾ آهي اهڙي جرئت اڄ جي دور ۾ به روايت بڻجي نه سگهي آهي.

حوالا[سنواريو]

  • تخليق جو موت، سنڌيڪا اڪيڊمي
  • ماهوار ڪينجهر، حيدرآباد