مواد ڏانھن هلو

حشو ڪيولراماڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حشمت راء عرف حشو ڪيولراماڻي
ذاتي تفصيل
پيدائش 20 ڊسمبر 1914
ڀريا سٽي ، نوشهرو فيروز ضلعو
وفات 1980 ۾ برساتي رات ۾ گم ٿي ويو

حشو ڪيولراماڻي(انگريزي: Hushu Kewalramani) سنڌ جي مکيه ترقي پسند قومي ڪارڪن، اديب، ڪهاڻيڪار، عالم ۽ سنڌ جي فدائيء جو پورو نالو حشمت ولد ٽهلرام ڪيولراماڻي هو. هن باهمت ۽ باقلم ليکڪ ڀرين جي ڳوٺ/ ڀريا سٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾، 20 ڊسمبر 1914ع تي جنم ورتو. حشو ڪيول راماڻي پهريون ماڻهو هو، جنهن چيو ته سنڌي هڪ قوم آهي . سائين جي ايم سيد جي شخصيت تي حشو ڪيولراماڻي جو گهرو اثر هو. حشو ڪيول راماڻي ڀريا جهڙي قديمي شهر ۾ ديوان ڪوڙو مل جي اڪيڊمي ۾ ناٽڪ منڊلين جو بنياد وڌو ته ان وقت اها علمي درسگاهه جنهن سڄي سنڌ کي شعور ڏنو پئي ته نياڻيون پڙهايو ڌرتي بچايو. حشوءَ کي جي ايم سيد ۽ شيخ اياز پڻ پنهنجو استاد مڃيندا هئا ۽ عزت ڏيندا هئا.

ننڍپڻ

[سنواريو]

سندس والد ٽهلرام پٽ کيومل روينيو کاتي ۾ ملازم هو ۽ آخر ۾ ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي عهدي تي رهيو. هي ايماندار ۽ انصاف پسند آفيسرن مان هو، حشوءَ ڪيولراماڻيءَ جي پيءُ جي وفات وقت سندس عمر اٺ سال هئي. والد جي وفات کانپوءِ سندس تربيت ۽ تعليم جو انتظام سندس والده جي هٿ هيٺ ٿيو، حشوءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڀرين جي ڳوٺ ۾ ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي اين. جي. وي. هاءِ اسڪول مان ڏنائين. ان کان پوءِ سترهن ورهين جي ڄمار ۾ هندستان کان ٻاهر ’سيلون‘ هليو ويو، جتان ٻيهر مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سيلون ۾ رهڻ وقت ينگ مينس ڪرسچن ائسوسيئيشن جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن سوسائٽيءَ مان سيلون جي ڪيترن سياستدانن ۽ مدبرن تربيت حاصل ڪئي.

حـشـو ڪـيولـرامـاڻـي، ان کان پوءِ 1935ع ۾ انگلنڊ ويو، جتي آڪسفرڊ يـونيـورسـٽيءَ ۾ ’آئي. سـي. ايـس‘ پڙهڻ لاءِ ويٺو، پر پهرين ايروناٽيڪل سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ کنيائين، پر انهيءَ کي اڌ ۾ ڇڏي سياسيات ۽ اڪانامڪس پڙهڻ لڳو ۽ آزاد خيال طبيعت سبب ڪا به ڊگري حاصل نه ڪري سگهيو. لنڊن ۾ رهائش دوران ريڊيڪل (Radical) سوچ وارن جي صحبت ۽ اثر هيٺ سوشلزم طرف ڇِڪجي ويو ۽ انگلنڊ جي پورهيت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ان زماني ۾ هندستان جي شاگردن ’انڊيا ليگ، لنڊن‘ ٺاهي، جنهن ۾ ڪرشنا مينن اڳرو هو ۽ اندرا گانڌيءَ به اُن جي ميمبر هئي. حشو ڪيولراماڻي هن تنظيم جو صدر رهيو. انگلنڊ ۾ رهائش دوران ئي حشو ڪيولراماڻيءَ جي پنڊت جواهر لعل نهروءَ ۽ فيروز گانڌيءَ سان به واقفيت ٿي ۽ هندستان جي آزاديءَ سان تعلق رکندڙ گڏجاڻين ۾ اڪثر شرڪت ڪندو هو. حشو پاڪ ٽربيون جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو هو.

انگلينڊ مان واپسي

[سنواريو]

1939ع ۾ حشو ڪيولراماڻي، انگلنڊ مان واپس موٽي سنڌ آيو ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪري واپس لنڊن نه وڃي سگهيو. هي ڪراچي مزدور تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. سنڌ ۾ شاگرد تحريڪ جو سرواڻ رهيو. جڏهن سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي شاگردن پاران ڪراچي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽفارم تان فين گهٽائڻ ۽ اهي قسطن ۾ وٺڻ جي تحريڪ هلي، ته ان سموريءَ تحريڪ جو روح روان حشو ڪيولراماڻي رهيو، جڏهن ته هو ڪاليج جو شاگرد به نه هو. هن شاگرد فيڊريشن ذريعي فيئن (Fees) جي واڌ خلاف اهڙي زبردست تحريڪ هلائي، جو ايڪڙ ٻيڪڙ وڏن ماڻهن جي ٻارن کان سواءِ ٻين عام شاگردن فين ڀرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان زماني ۾ ڪاليج جو وائيس پريزيڊنٽ هوتچند مولچند گربخشاڻي هو. آخرڪار ڪاليج اختياريءَ کي حشوءَ جي اڳواڻيءَ ۽ شاگردن جي ٻَڌي اڳيان جُهڪڻو پيو. في ڏھ روپيا ٽرم تي گهَٽائي وئي ۽ شاگردن کي اها قسطن ۾ ڏيڻ جي سهولت به ملي.

هڪ ڪارڪن

[سنواريو]

حشو ڪيولراماڻي فرقيوار ذهنيت کان بالاتر هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان ترت پوءِ جڏهن هٽلر جي فاشي قدمن جي خلاف جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن گڏجي آواز اُٿاريو، ته حشو ڪيولراماڻي به پنهنجن ساٿين: قاضي مجتبيٰ (پورهيت اڳواڻ)، سنتوش ڌرماڻي ۽ پريتم ٽهلراماڻيءَ (شاگرد اڳواڻن) سان گڏجي، جنگ جي خلاف ڪراچيءَ ۾ مزدورن ۽ شاگردن جو هڪ وڏو جلوس ڪڍرايو، جنهن ۾ ڪراچي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميمبرن کان سواءِ هاري، مزدور، مهاڻا ۽ ڪانگريسي به وڏي تعداد ۾ شامل هئا. احتجاجي ماڻهن جي هٿن ۾ انگريزن جي خلاف وڏا وڏا پوسٽر هئا. هي شاهي جلوس ڪراچي ميونسپل بلڊنگ کان شروع ٿي خالقڏني هال وٽ ختم ٿيو. حشو ڪيولراماڻيءَ انگريز شاهيءَ جي خلاف ۽ ملڪ جي آزاديءَ جي حمايت ۾ انتهائي جوشيلي تقرير ڪئي، جنهن کان متاثر ٿي، ٻئي ڏينهن مسٽر تاراچند لعلواڻيءَ ’ڪراچي گزيٽ‘ ۾ لکيو ته: ”حشوءَ ان ڏينهن ڪراچيءَ کي ماسڪو بڻائي ڇڏيو هو.“ ڪجهه ڏينهن بعد سندس گهر جي تلاشي ورتي وئي ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. سندس گهر مان لينن جا اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب لڌا ويا، جڏهن ته حشوءَ کي اردو نه ايندي هئي، پر ڪن سرڪاري جاسوسن اهي ڪتاب سندس گهر ۾ ڦِٽا ڪيا هئا. حشوءَ جي هيءَ گرفتاري سيپٽمبر 1940ع ڌاري ٿي. پهرين کيس ڪراچي جيل ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ سکر جيل ۾ بدلي ڪيو ويو ۽ ڏيڍ سال (1941ع تائين) جيل ۾ رهيو. مشهور انقلابي شخصيت پرچي وديارٿيءَ، حشوءَ جي آزاديءَ لاءِ سکر ۾ وڏو جلوس ڪڍرايو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شامل هئا ۽ اهو جلوس ڏيڍ ميل ڊگهو هو.

قومپرست

[سنواريو]

حشو ڪيولراماڻيءَ جا سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد، مزدور اڳواڻ نارائڻ داس بيچر ۽ محمد امين کوسي سان سڀ کان وڌيڪ گهاٽا ۽ ويجها تعلقات هئا. حشو ڪيولراماڻيءَ کي 1942ع ۾ هڪ ڀيرو وري فوجي ماڻهن سان لهه وچڙ جي ڪوڙي شڪ ۾ ٻه مهينا جيل ۾ رکيو ويو. حشو ڪيولراماڻيءَ 1942ع ڌاري سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جوڙي، جنهن ۾ پريتم ٽهلراماڻي ۽ سنتوش ڌرماڻي هن جا ساٿي رهيا. شاگردن ۽ نوجوانن مان ڪيترن تي سندس صحبت ۽ جديد سماجوادي ۽ قومي خيالن جو وڏو اثر پيو، اهڙن نوجوانن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، ارجن شاد، ڪرشن کٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هن سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ ڪرشن کٽواڻيءَ سان گڏجي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سلسلي ۾ سڄيءَ سنڌ جو گشت ڪيو.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، ڪجهه عرصو سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو ۽ ساڻس قومي سياست ۾ همخيال رهيو. سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻيءَ کي پنهنجي تحريرن ۾ پنهنجو ’سياسي استاد‘ سڏيو آهي، جڏهن ته حشو ڪيولراماڻيءَ، سائين جي ايم سيد کي پنهنجو ’سياسي استاد‘ ۽ پاڻ کي سندس ’ادبي استاد‘ سڏيو آهي (حوالو: اڄ پڻ چڪيم چاڪ: جي ايم سيد). هن 1948ع ڌاري سائين جي ايم سيد کي سندس مشهور ڪتاب ’نئين سنڌ لاءِ جدوجهد‘ لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ سان گڏ اُن جي انگريزي ترجمي ‘Struggle For New Sindh’ تيار ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هن ڪجهه عرصو هڪ ماهوار مخزن ”پاڪستان ٽائيمس“ به جاري ڪئي. حشو ڪيولراماڻيءَ جي سرگرمين ۽ وجود کي پاڪستان جي نوَن حڪمرانن پنهنجين پاليسين لاءِ خطرناڪ سمجهي، کيس 1949ع ۾ چارج شيٽ ڏيڻ کان سواءِ ئي ڏهه مهينا جيل ۾ رکيو ۽ کيس مجبور ڪيو ته هو سنڌ ڇڏي وڃي. حشو ڪيولراماڻي، انهن محب وطن ماڻهن مان هو، جن پنهنجو ديس سنڌ، ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ نه ٿي گهريو، پر کيس جيل ۾ رکي، مٿس الزام مڙهي، کيس زوريءَ سنڌ بدر ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو.

شيخ اياز سان سنگت

[سنواريو]

سنڌ جو قومي شاعر شيخ اياز حشو ڪيولراماڻيءَ جي سوچ ۽ خيالن کان گهڻو متاثر هو. ڪراچيءَ ۾ رهنڻ دوران هو ٻئي راتين جون راتيون سياست ۽ ادب تي ڳالهائيندا هئا. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکيو آهي ته: ”ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي آهي، ۽ جي مان اُنهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه هجان ها، ۽ اُهي آهن: حشو، سوڀو ۽ ابراهيم (جويو). انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي. اِهي ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مون کان جيوَن جي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار آهن.“ (ص 48-147). شيخ اياز جي هن راءِ مان سنڌ جي هن عظيم فرزند حشو ڪيولراماڻيءَ جي ادبي ۽ سياسي قد ڪاٺ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ حشو ڪيولراماڻي، محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز، سچا ’رائِسٽَ‘ (Rioist) هئا. حشو، ننڍي کنڊ جي وڏي مفڪر ايم. اين. راءِ سان لنڊن ۾ مليو هو ۽ اُن کان فڪري طرح ڪافي متاثر هو. جڏهن حشوءَ کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ هن عارضي طرح ڀارت لڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو هو ته شيخ اياز، کيس ڪراچي هوائي اڏي تي الوداع ڪرڻ ويو هو. شيخ اياز لکيو آهي ته: ”مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪيئن مان حشوءَ کي هوائي جهاز تي ڇڏي، موٽي برنس باغ ۾ آيو هوس ۽ بئنچ تي ڦان ٿي ڪِريو هوس.“ [1] شيخ اياز حشوءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ هنن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي.


الهاس نگر جي تيز هوا
ڪنهن وقت حشو کي
ڳولي ٿي۔ [2]

ّّشيخ اياز حشو جي موت تي چيو هو؛


موت تنهنجو جلاوطن ساٿي
ياد آيو ته دل ڀڄي پيئي
ڄڻ‌ ڪنهن پهاڙ‌جي ڇاتي
ڇيت جي ڇوت سان ڇڄي پيئي۔


ڀارت روانگي

[سنواريو]

پاڪستان قائم ٿيڻ بعد 1949ع ۾، کيس، چارج شيٽ ڏيڻ کانسواءِ، ڏهه مهينا جيل ۾ رکيو ويو..[3] پاڪستان ٿيڻ بعد هي انهن ماڻهن مان هو، جن پنهنجو سنڌ ديس ڇڏڻ نٿي گهريو. اول ۾ کيس جيل ۾ موڪليو ويو. بعد ۾ سنڌ اندر سندس رهڻ ناقابل برداشت ڪري، کيس ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڀارت ۾ لڏي وڃڻ کانپوءِ هن لڏي ويل هندن جي مسئلن ۽ هند ڀارت جي سوالن تي ڪيترائي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ پئي لکيا آهن[3]. ٻه ننڍا ڪتاب به لکيا اٿس: 1. سنڌ جي ننڍين آکاڻين جو ڪتاب (انگريزي) 2. پاڪستاني سوالن جي ڇنڊڇاڻ (انگريزي) دهليءَ ۾ هن "سنڌو سماج" کي برپا ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي، پهرين "سنڌي ٻولي ڪنوينشن" سڏائڻ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هندستان جي پريزيڊنٽ راڌا ڪرشنن کي به دعوت ڏيئي گهرايو ويو هو.[3].ڀارت ۾ لڏي وڃڻ کانپوءِ حشو ڪيولراماڻيءَ، اخبار نويسيءَ جو پيشو اختيار ڪيو.1950ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌي لپي (عربي-سنڌي لپيءَ) جي بحاليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلي ته حشو ڪيولراماڻيءَ ان ۾ سرگرم حصو ورتو. ان ڏس ۾ سنڌو سماج دهليءَ جي زير سايي، سنڌي هلچل جي اڳواڻي حشو ڪيولراماڻيءَ ڪئي، جنهن ۾ هيم ناگواڻي، شنڀو جئسنگهاڻي ۽ ٻيا سندس ساٿي رهيا. 1957ع ڌاري پهرئين ’سنڌي ٻولي ڪنوينشن‘ جي وقت حشو ڪيولراماڻي، ’سنڌو سماج دهليءَ‘ جو صدر هو ۽ هن ان ڪنوينشن ۾ جيڪو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اهو سنڌيت جي هلچل جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو. هن ڪنوينشن ۾ هن هندستان جي پريزيڊنٽ راڌا ڪرشن کي دعوت ڏئي گھرايو هو. اڳتي هلي حشو ڪيولراماڻيءَ ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ جي ساٿين سان گڏجي سنڌيت جي ڦهلاءَ ۽ سنڌي ٻولي جي تسليميءَ لاءِ جاکوڙ ۾ وڏو ساٿ ڏنو.

حشوءَ جو سنڌي ٻولي سان عشق

[سنواريو]

جڏھن 1962ع ۾، سنڌي ٻوليءَ کي ھندستان جي ٻين قومي ٻولين ۾ شامل ڪرڻ جي ھلچل ھلي رھي ھئي، تہ حشو ان ھلچل جو سرواڻ ھو. پارليامينٽ جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪري، کين سنڌي ٻوليءَ جي اھميت کان واقف ڪرڻ، انگريزيءَ ٻولي ۾ حشوءَ کانسواءِ ٻيو ڪير ٿي ڳالھائي سگھيو؟ جنھن ڏينھن اسيمبلي ۾ ٺھراءُ پيش ٿيڻ وارو ھو، اُن ڏينھن صبح جو حشُو پنھنجي ننڍڙي پٽ گل کي بيھاري ڇڏيو. ان جي ھٿن ۾ ڪراچي حلوي جا پئڪيٽ ھئا. ھر ايندڙ ميمبر کي ھو اھو حلوو ڏيندي چئي رھيو ھو، ”صاحب! جيترو مٺو ھي اسان جو سنڌي حلوو آھي، ان کان وڌيڪ مٺي سنڌي ٻولي (Mithhi Sindhi bboli) اٿوَ. ان جي حمايت ۾ ووٽ ضرور ڏجو!!“ [4]

سنڌ سان لهه و چڙ

[سنواريو]

حشو ڪيولراماڻيءَ جي سنڌ ۾ رهائش دوران توڙي سنڌ مان لڏي وڃڻ کان پوءِ هند مان به سائين جي. ايم. سيد سان خط و ڪتابت جو سلسلو جاري رهيو. سندس 20 خط، سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘ ۾ ڏنا آهن، جيڪي حشو ڪيولراماڻيءَ کيس 1948ع کان وٺي آگسٽ 1966ع تائين لکيا هئا. حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ۽ بحاليءَ جي معاملن، پاڪستان ۽ هندستان جي سياسي صورتحال ۽ باهمي ويڇن بابت انگريزي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا، جن کي هن ترتيب ڏئي، اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ Pakistan Exrayedجي نالي سان ڇپرايو هو. حشو ڪيولراماڻي، نه رڳو سنڌيءَ جو سٺو ڪهاڻيڪار هو، پر هن ڪيترين سنڌي ڪهاڻين جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيو هو، جن کي اڳتي هلي مشهور اديب نبي بخش کوسي “Sindhi Short Stories” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناميارن ڪهاڻيڪارن: امر لعل هنڱوراڻي، تيرٿ وسنت، محمد ابراهيم جويي، سوڀي گيانچنداڻي، سُندري اتمچنداڻي، آنند گولاڻي، جمال ابڙي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي. اُتم، ڪلا پرڪاش، سُڳن آهوجا، غلام رباني آگري ۽ امر جليل جون ڪهاڻيون شامل آهن. 1963ع ۾ جڏهن شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي دهليءَ ويا هئا ته دوستن جي محفلن ۾ شيخ اياز، حشوءَ جا پير پڪڙي چيو هو ته: I owe half my existence to Hashu. (منهنجو اڌ وجود، حشوءَ جي ڪري آهي.) اياز جي حشوءَ سان اها آخري ملاقات هئي. سنڌ ۾ ته حشو ڪيولراماڻي پرڻجڻ جي قيد ۾ ڦاسڻ کان پيو ڇرڪندو هو، پر هند ۾ وڃي گهر گرهستي وارو ٿيو ۽ سرلا آهوجا سان وهانءُ ڪيائين، جنهن عورت سان شاگرد هلچل ڪراچيءَ دوران سندس سنيهه جڙيو هو. اولاد صالح هئڻ ڪري ڪيترو عرصو خوش زندگي گذاريائين. سندس پٽ گُل ، مصوريءَ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو.

بمبئي روانگي

[سنواريو]

دهليءَ ۾ رهائش جي ٿورن سالن کان پوءِ، حشو اتان ڇڏي اچي بمبئيءَ ۾ وَسيو، پر سنڌي هندن جي بدحالي، وطن جي وڇوڙي ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن جي هڪٻئي سان دشمنيءَ واري روَيي، هن مفڪر شخص جي دل ۽ ذهن تي وڏو اثر ڪيو هو ۽ سندس ذهني ميزان بِگڙي ويو. هن جي دل ۽ دماغ جي حالت اهڙي وڃي بيٺي، جو هو ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جن ۾ هن جو سپر اِيگو (Super Ego) شامل هوندو هو. هو شراب نوشي ۽ رولاڪيءَ جي زندگيءَ جو عادي ٿي ويو هو. وٽس الهاس نگر ۾ رات گذارڻ لاءِ ڪو گهر نه هوندو هو ته هو مساڻ ۾ وڃي سمهندو هو. جي ڪو هن کان پڇندو هو ته هو ائين ڇو ٿو ڪري ته چوندو هو: ”نيٺ ته اتي ئي وڃڻو آهي“[5]. حشو، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو به دوست هو. هن رولاڪيءَ واري دور ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کي هڪ خط، پنهنجي مزار جي ڪتبي لاءِ لکيو هو ته:

قبر تي ڪتبو

[سنواريو]

”هتي اُهو ماڻهو رکيل آهي، جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي، اُنهن کان ڀڄي ويو، اُن ڳالهه جي ڳولا لاءِ، جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو.“ 1980 واري ڏهاڪي جي هڪ طوفاني برساتي رات ۾، حشو ڪيولراماڻي اوچتو گم ٿي ويو ۽ اڄ سوڌو سندس خبر نه پئجي سگهي آهي ته سندس موت ڪيئن ٿيو. حشو، جيڪو پاڻ کي ’واڻيو‘ (واپاري) نه پر ’ڄٽ‘ چوڻ تي فخر محسوس ڪندو هو، اُن جي نه ڪا مزار آهي نه سماڌي، هُو بي نام فضائن ۾ گُم ٿي ويو. حشوءَ جي دوست شيخ اياز مٿس هڪ نظم لکيو هو،[6] الهاس نگر جي تيز هوا، ڪنهن وقت حشوءَ کي ڳولي ٿي ... ![7]

مدد علي سنڌي، لکي ٿو ته 1986ع ۾ ھري موٽواڻي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو آيو۔ ان وقت حشو جئيرو هو۔ مون کانئس حشو جو حال احوال پڇيو هو۔ هن ٻڌايو هو، مدد سچ پڇين ته حشو تمام ڏکي زندگي گذاري رهيو آھي، ڪڏھن الهاس نگر ريلوي اسٽيشن جي ڪنهن پليٽ فارم تي، ته ڪڏھن ڪڏھن شمشان گهاٽ ۾ رات وڃي رهندو آھي۔ سنڌ جو هي تمام وڏو ماڻھو ممبئي جي فوٽ فاٿ تي پنڌ ھلندو آھي ۔ڪنهن ماني کارائي ته واھ نه ته بک تي پيو گذاريندو آهي۔ آئون جڏھن به پنهجي مٺائي جي دڪان تي ويٺو هوندو هئس ت هو مون وٽ ايندو هو، ته کائنڻ لاء مون کان رڳو مرملا يا پڪوڙا گهرندو هو. هڪ ڀيرو آئون دڪان تي نه هجان ته حشو اچي نڪتو ، منهنجي پٽ کان مرملا ۽ پڪوڙا گهريائين پر منهنجي پٽ کيس دڙڪو ڏئي اتان وڃڻ لاء چيو پر هو بيٺو رهيو، ايتري ۾ آئون به اچي پهتس، پريان کان ڏٺم ته منهنجو پٽ حشو کي دڙڪا ڏئي اتان کان وڃڻ لاء پيو چئي، آئون ڊوڙندو آيس ته پوءِ مون پنهنجي پٽ ۽ دڪان وارن کي چئي ڇڏيو ته جڏهن به هي ماڻھو دڪان تي اچي ته کيس مرملا ۽ پڪوڙا ڏئي ڇڏجئو، ۽ ڪڏھن به هن کان پيسا نه وٺجو. ان مهل حشو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي چئيائين ته هري هنن ماڻھن کي ڪهڙي خبر ته حشو ڪير آھي؟ حشو ڪو عام ماڻھو ڪونهي، حشو جو قدر سنڌ وارا ڪندا، هو مونکي چڱي طرح سڃاڻن ٿا. وڃي جي ايم سيد کان پڇو۔ شيخ اياز کان پڇو۔ علام قاضي کان پڇو۔ فيلڊ مارشل محمد ايوب به مونکي سڃاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو ، ۽ ان جو والد سر شاهنواز به مون کان واقف آهن، اي۔ ڪي۔ بروهي منهنجو دوست آھي۔ وزير اعظم اندرا گانڌي مون کان صلاحون وتندي آھي، هي سنڌي واڻيا اصل ڪڏھن به نه سڌرندا. جلد آئون سنڌ ويندس، اتي سنڌي منهنجو قدر ڪندا ۽ پوءِ اچي تقرير ۾ پيو۔ مون هٿ ٻڌي مافي گهري، تڏهن وڃي ماٺ ٿيو، پوءِ اخبار ۾ مرملا ۽ پڪوڙا کڻي آھستي آھستي وکون کڻندو پاڻ سان ڳالهائيدو هليو ويو۔ آئون کيس ويندو ڏسي ڏاڍو رنو هئس۔

هري اهو ٻڌائي چپ ٿي ويو هو، اسين ان مهل ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياءِ جي ڪناري بيٺا هئاسين ۽ علي بابا جي گهران ٿي واپس وريا هئاسين، جو هو گهر ڪو نه هو، اسان جي سامهون وھندڙ سنڌو درياءَ ھو، اسان جي ڀر ۾ شوڪت شورو، ماٺ ڪري اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو، ۽ منهنجي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا هئا. مون ان مهل آسمان ۾ ڏٺو هو، شام جي اونداھ هوريان هوريان ڇانئجي رهي هئي، ڪي ولر کان وڇڙيل پکي ڪوٽڙي ڏي وڃي رهيا هئا ۽ آسمان تي هڪ اڪيلو تارو ٽم ٽم ڪري رهيو هو. [8] [9]

پڙھيو پڙھيجاءِ

[سنواريو]

سنڌ جي ڏاهي حشو ڪيولراماڻي جو قول:

  • ”آئون ڪميونزم لاءّ وڙھي سگهان ٿو، آئون ڪميونزم لاءِ مري سگهان ٿو، پر ڪميونزم جي هيٺ رهڻ پسند نه ڪندس.“

[10]

پاڪستان ايڪس ريڊ

[سنواريو]

پاڪستان ايڪس ريڊ حشوءَ جو لکيل ڪتاب آهي، جيڪو هن پنهنجي مخلتف مضمونن کي ملائي ڇاپيو هو. حشوءَ پنهنجو اهو ڪتاب هن ننڍي کنڊ جي هڪ ٻئي گانڌي باچا خان کي ارپيو هو. [11]

حوالا

[سنواريو]
  1. جل جل مشعل جل، جنوري 1968ع، ص 24-25
  2. شيخ اياز جي شاعري
  3. 3.0 3.1 3.2 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005
  4. ڪتاب: حشوُ ڪيولراماڻي نہ وسرندر شخصيت، ليکڪ: مدد علي سنڌي، صفحو: 40
  5. سر لوهيڙا ڳڀيا: شيخ اياز ص: 153
  6. ڪتاب ’ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون‘ شيخ اياز (ص: 272)
  7. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  8. Hashu Kewalramani حشو ڪيولراماڻي | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-10-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-20 
  9. مدد علي سنڌي، حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت مان آلين اکين سان کنيل هڪ لازوال ياد
  10. پڙھيو پڙھيجاءِ | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-10-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-29 
  11. Book: Pakistan X-Rayed, written by Hashoo Kewalramanni