جمهوريا ارتسک
ريپبلڪ آف ارتسخ جمھوريه ارتسخ | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: آزاد ۽ خودمختيار ارتسخ | |||||
| حیثیت | گڏيل قومن کيس تسليم ناھي ڪيو ۽ ان کي آذربائيجان جو حصو سمجھن ٿا | ||||
| گادي جو هنڌ | اسٽپاناڪرت (اڳوڻو نالو: خانڪندي) 39°52′N 46°43′E / 39.867°N 46.717°E | ||||
| دفتري ٻوليون | آرمينيائيa | ||||
| مقامي آبادي | ارتسخي | ||||
| حڪومت | وحداني صدارتي ريپپلڪ | ||||
• صدر | آرائيڪ ھاروتيونيان | ||||
| آرٿر تووماسيان | |||||
| مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
| خودمختياري سوويت يونين کان | |||||
• خوداختياري | 2 سيپٽمبر 1991[1] | ||||
| 10 ڊسمبر 1991 | |||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 11,458 چورس ڪلوميٽر (4,424 چورس ميل)[حوالو گهربل] | ||||
| آبادي | |||||
• 2015 مردم شماري | 150,932[2] (191st) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $71.30 ڪروڙ ڊالر (n/a) | ||||
• في سيڪڙو | $4,803 (n/a) | ||||
| ڪرنسي | (AMD) | ||||
| معياري وقت | AMT (متناسق عالمي وقت+4) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | ساڄو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +374 47c | ||||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | AM | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .am, .հայ | ||||
| |||||
ارتسخ، ارتسک(انگريزي: Republic of Artsakh) اڳوڻي ”جمهوريہ نگورنو ڪاراباخ“ جو نئون نالو آھي ۽ ان جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ارتسخ آھي جيڪا آذربائيجان جي جائز علائقي نگورنو ڪاراباخ ۾ آرمينيا جي مدد سان قائم ڪيل ھڪ اھڙي حڪومت آھي جنھن کي گڏيل قومون تسليم نہ ٿيون ڪن[3] 2006 ۾ ريپپلڪ جي ائين ۾ نگورنو ڪاراباخ جنگ م وڌيڪَ آذربائيجاني علائقا قبضي م اچڻ بعد پراڻي نگورنو ڪاراباخ واري علائقي ۽ نون علائقن کي ملائي ھڪ نئين تڪراري ارتسخ ريپبلڪ ٺاھي وئي. عالمي برادري ارتسک يا ارتسخ واري علائقي کي آذربائيجان جو جائز علائقو سمجھي ٿي جنھن تي ھڪ ناجائز رياست جوڙي وئي آهي. نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي آبادي جي اڪثريت ھجڻ ڪري روسي بادشاهت مان 1918ع ۾ آزاد ٿيڻ وقت ٻنھي آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۽ آرمينيا جي ريپبلڪ نگورنو ڪاراباخ جي دعويداري ڪئي ۽ 1920ع ۾ ٻنھي وچ ۾ ھڪ مختصر جنگ پڻ لڳي. جڏھن سوويت يونين جو ٻنھي ريپبلڪن تي قبضو ٿيو ۽ اھي ٻئي رياستون سوويت سوشلسٽ ريپبلڪن ۾ تبديل ٿي ويون تي سوويت يونين مسئلي کي ختم ڪرڻ لاء 1923ع ۾ آذربائيجان جي حدن ۾ نگورنو ڪاراباخ جي خودمختيار اوبلاسٽ (آذربائيجان جو ھڪ صوبو) قائم ڪئي. سوويت يونين جي ٽٽڻ سان خطي ۾ اھو مسئلو ھڪ دفعو ٻيھر اٿي تڪرار بڻجي ويو.

1991ع ۾ نگورنو ڪاراباخ جي ان صوبي جي انتظاميه نگورنو ڪاراباخ ۽ ان سان منسلڪ علائقي شاھوميان جي آذربائيجان کان آزادي جو ريفرينڊم ڪرايو اھڙي طرح انھن گڏجي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن سان نگورنو ڪاراباخ واري جنگ ڇڙي وئي جيڪا 1994ع ۾ بغير ڪنھن نتيجي جي جنگ بندي سان ختم ٿي ۽ وري 2020ع ۾ اھا جنگ ٻيھر شروع ٿي وئي جنھن ۾ ترڪي پڻ سڌي طرح آذربائيجان جي اتحاي طور شامل ٿي آرمينيا تي فضائي حملو ڪري ان جي جنگي جھاز کي ڪيرايو. آرمينيا سڌي طرح ارتسک جي فوجي مدد ڪري رھيو آھي.
سياسي نظام
[سنواريو]ارتسک جو نظام حڪومت صدارتي جمھوريت آھي. ان جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو نيشنل اسيمبلي آھي. ارتسخ مڪمل طرح آرمينيا تي دارومدار رکندڙ آھي ۽ درحقيقت اھو نالي ۾ الڳ ملڪ آھي پر درحقيقت آرمينيا جي قبضي هيٺ آھي.


3 نومبر 2006 ۾ ان وقت جي نگورنو ڪاراباخ ريپپلڪ جي صدر ارڪادي قوڪاسيان آئين جي تيار ڪيل مسودي جي منظوري لاء ريفرينڊم ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو[4] ريفرينڊم ۾ عوامي شرڪت %87.2 رھي جن مان %98.2 سيڪڙو ووٽرن آئين جي منظوري ڏني[5] ان ائين جي پھرين شق ۾ نگورنو ڪاراباخ ريپپلڪ جو نالو تبديل ڪري ارتسخ ريپبلڪ رکيو ويو ۽ ان کي ھڪ خودمختيار جمھوري رياست قرار ڏنو ويو جيڪا قانون ۽ انصاف تي بيٺل ھوندي[6][7] [8] ان ريفرينڊم کي يورپي يونين، او ايس سي اي، گئام ناجائز قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.[8][9] [10] ترڪي پڻ ان رفرينڊم جي مخالفت ڪئي[11][12] نگورنو ڪاراباخ جو آئيني رفرينڊم 2017 پڻ ٿيو جنھن تحت نئون آئين منظور ڪري ملڪ م صدارتي نظام نافذ ڪيو ويو[3][13][14] ارتسخ جو نئون نالو رکڻ دراصل پراڻي نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ کان سواء آذربائيجان جي ٻين ضلعن تي ڪيل قبضي تي حق جتائڻ ھيو
جاگرافي
[سنواريو]ارتسخ يا نگورنو ڪاراباخ ھڪ جابلو علائقو آهي جنھن جي جبلن جي سامونڊي سطح کان سراسري اوچائي 1,100 metres (3,600 ft) آھي.

ارتسخ جي پکيڙ 11500 به چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان جون حدون آرمينيا، آذربائيجان۽ ايران سان ملن ٿيون. مائونٽ مراوي ھن علائقي جي سڀ کان وڏي چوٽي آھي جنھن جي اوچائي 3,340 metres (10,958 ft) ۽ ڪوھ ڪيرس 2,725 metres (8,940 ft) اوچو آهي. ارتسخ جو پاڻي جو وڏو ذخيرو سارسانگ ڊيم آھي. ان جي ندين ۾ ترتر ندي، کاچين ندي شامل آهن[15] ھي علائقو زمين جي اھڙي پليٽ تي واقع آهي جيڪا اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر طرف لاھي رکندڙ آهي. ھن علائقي جي سمنڊ جي سطح کان سراسري بلندي1,100 m (3,600 ft) آھي[16] اڪثر نديون ارتسخ جي وادي طرف وھندڙ آھي[16]
ھتان جي آبهوا ٽيمپريٽ ۽ درمياني رھندڙ آھي. گرمي پد جي سراسري شرح 11 °C (52 °F) رھندي آھي جيڪا سال ۾ ھيٺ مٿي ٿيندي رھي ٿي. جولاء ۾ 22 °C (72 °F) تائين ۽ جنوري ۾ −1 °C (30 °F) تائين پھچي ٿي. ھوا ۾ نمي جي شرح 710 mm (28 in) تائين پھچندي آھي. ڪجهه علائقن ۾ 100 ڏينهن تائين ڌنڌ رھندو آھي[16] ارتسخ جي خطي ۾ 2000 قسمن جا ٻوٽا ٿين ٿا ۽ علائقي جو 36 سيڪڙو ٻيلن تي مشتمل آهي[16]
انتظامي ورهاست
[سنواريو]
1: شاھوميان; 2: مارتاڪرت; 3: آسڪيران; 4: مارتوني; 5: ھادروت; 6: شوشي ; 7: ڪاشاتاغ
عمودي پٽاپٽي ڏيکاريل علائقا اصل نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ ۽ شاھوميان خطي کان ٻاھر وارا آھن. افقي پٽاپٽي ڏيکاريل علائقا آذربائيجان جي قبضي وارا آھن

ارتسخ ريپبلڪ جون اٺ ڊويزنون آهن. ارتسخ ۾ اڳوڻي نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ جا پنج ضلعا ۽ ان سان لڳولڳ ست ٻيا اڳوڻا آذربائيجاني ضلعا شامل آهن جيڪي ھن وقت ارتسخ واري آرمينيائي فوج جي قبضي هيٺ آھن.[17][18]
| # | ارتسخ جا صوبا | آبادي (2005) | آذربائيجاني ضلعا | گادي | اڳوڻي نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ |
|---|---|---|---|---|---|
| 1 | شاھوميان صوبو | 2,560 | ڏکڻ گورانبوي ضلعو ، اولھ ڪالابازار ضلعو | ڪالابازار شھر (اڳوڻو شاھوميان شھر) | نہ |
| 2 | مارتاڪرت صوبو | 18,963 | اوڀر ڪالابازار ضلعو, اولھ ترتر ضلعو (آغدام ضلعي جو حصو) | مارتاڪرت شھر | جزوي |
| 3 | آسڪيران صوبو | 16,979 | خوجالي ضلعو (آغدام ضلعي جو حصو) |
آسڪيران شھر | جزوي |
| 4 | مارتوني صوبو | 23,157 | اتريون خواجوند ضلعو (آغدام ضلعي جو حصو) |
مارتوني شھر | جزوي |
| 5 | ھادروت صوبو | 12,005 | ڏکڻ خواجوند ضلعو, جبرائيل ضلعو (فضولي ضلعي جو حصو) |
ھادروت شھر | جزوي |
| 6 | شوشي صوبو | 4,324 | شوشا ضلعو | شوشا شھر | ھا |
| 7 | ڪاشاتاغ صوبو | 9,763 | لاچين ضلعو, قبادلي ضلعو، زنگلان ضلعو | بردزور شھر | نہ |
| 8 | اسٽپاناڪرت صوبو (گادي) | 49,986 | خانڪندي ضلعو | اسٽپاناڪرت | ھا |
آبادي
[سنواريو]ھتان جي %97.7 سيڪڙو آبادي آرمينيائي آھي ۽ انھن جي مادري ٻولي پڻ آرمينيائي آھي. اتان جي آبادي جي اڪثريت عيسائي آھي جنھن جو مذھب آرمينيا جي حواري ڪليسا آھي. ھتي کوڙ تاريخي عيسائي خانقاھون واقع آھن جيڪي سياحت جو مرڪز آھن ۽ سياح آرمينيا جي پاسي کان ھتي گھمڻ ايندا آهن.
سفارتي تعلقات
[سنواريو]
ارتسخ جي پرڏيهي وزارت جي آفيس اسٽپاناڪرت (خانڪندي) شھر ۾ آھي. اڃان تائين گڏيل قومن جي ھڪ به رڪن يا مبصر کيس تسليم ناھي ڪيو. ان پرڏيهي کاتي جا ڪنھن بہ ملڪ سان تعلق سفارتي سطح جا نہ آھن. ان باوجود ارتسخ جي ريپبلڪ پنج مستقل مشن آرمينيا، آسٽريليا، روس، جرمني ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ ڪم ڪن پيا ۽ ھي ريپپلڪ فرانس ۾ سوشل ۽ پوليٽيڪل انفرميشن جو بيورو پڻ قائم ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ ھڪ مشن بيروت ۾ڻپڻ شروع ڪيو اٿائين[20] 2015 ۾ ھڪ تقرير ۾ آرمينيا جي صدر سرژ سرگزائن بيان ڏنو ھو ته نگورنو ڪاراباخ آرمينيا جو اڻٽٽ حصو آهي[21].
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Zürcher, Christoph [in جرمن] (2007). The Post-Soviet Wars: Rebellion, Ethnic Conflict, and Nationhood in the Caucasus ([Online-Ausg.]. ڇاپو). New York: New York University Press. ص. 168. ISBN 9780814797099.
- ↑ "ԼՂՀ 2015Թ. ՄԱՐԴԱՀԱՄԱՐԻ ՆԱԽՆԱԿԱՆ ՕՊԵՐԱՏԻՎ ՑՈՒՑԱՆԻՇՆԵՐԻ ՄԱՍԻՆ". STAF NKRE. 30 March 2016. اصل نسخو مان 16 April 2016 تي محفوظ ڪيل. 30 March 2016 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Constitution of the Republic of Artsakh". Ministry of Foreign Affairs - Republic of Artsakh. 2020-04-19 تي حاصل ڪيل.
The names 'Republic of Artsakh' and 'Republic of Nagorno-Karabakh' are identical.
- ↑ "Nagorno Karabakh to hold referendum on draft constitution on 10 December". REGNUM. 3 November 2006. اصل نسخو مان 11 December 2008 تي محفوظ ڪيل. 16 December 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karabakh Approves Pro-Independence Constitution". Radio Free Europe. 11 ڊسمبر 2006. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 17 جُونِ 2008 تي محفوظ ڪيل. 16 ڊسمبر 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Constitution of the Nagorno Karabakh Republic". اصل نسخو مان 17 December 2007 تي محفوظ ڪيل. 15 June 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Constitution". Nagorno Karabakh Republic Ministry of Foreign Affairs. اصل نسخو مان 23 آڪٽوبر 2016 تي محفوظ ڪيل. 23 جُولاءِ 2016 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Karabakh Defends New Constitution". IWPR Institute for War & Peace. 11 جنوري 2007. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 26 مَئي 2010 تي محفوظ ڪيل. 8 مَئي 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Nagorno-Karabakh gains constitution". ISN.ETHZ.ch. 13 December 2006. 16 December 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "EU rejects referendum vote on draft constitution in Nagorno-Karabakh". International Herald Tribune. 11 December 2006. اصل نسخو مان 26 February 2008 تي محفوظ ڪيل. 16 December 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Турция осудила референдум в Нагорном Карабахе". kavkaz-uzel.ru. 11 ڊسمبر 2006. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 14 آڪٽوبر 2007 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "Deutsche welle reports on nagorno karabakh". ArmInfo. 9 January 2007. 16 December 2008 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "Azerbaijan's Breakaway Nagorno-Karabakh Holds 'Illegal' Referendum". Radio Free Europe. 21 فيبروري 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 23 فيبروري 2017 تي محفوظ ڪيل. 23 فيبروري 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Artsakh Votes for New Constitution, Officially Renames the Republic". Armenian Weekly. 21 فيبروري 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 22 فيبروري 2017 تي محفوظ ڪيل. 15 جُونِ 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Nagorno Karabakh Republic – Country Overview". Nkrusa.org. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 19 اپريل 2012 تي محفوظ ڪيل. 6 مَئي 2012 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 "The Office of the Nagorno Karabakh Republic in USA". Nkrusa.org. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 18 اپريل 2012 تي محفوظ ڪيل. 6 مَئي 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ آرڪائيو ڪيا ويا 3 January 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Azerb.com – Regions". Travel-images.com. 24 مارچ 2007. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 9 جُونِ 2012 تي محفوظ ڪيل. 6 مَئي 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2005 NKR census (Map of divisions and info on each shown)" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 6 March 2009 تي محفوظ ڪيل. 6 May 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Permanent Representations". Ministry of Foreign Affairs of Nagorno-Karabakh Republic. اصل نسخو مان 26 مَئي 2011 تي محفوظ ڪيل. 7 مَئي 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Серж Саргсян: Нагорный Карабах – это Армения آرڪائيو ڪيا ويا 27 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Vestnik Kavkaza. 26 September 2015.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 interwiki-linked names
- Coordinates on Wikidata
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from May 2019
- Articles with invalid date parameter in template
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from June 2016
- اوڀر يورپي ملڪ
- جڳھ جو نالو سلجھائپ صفحا
- سلجھائپ صفحا
- روسي-ڳالهائيندڙ ملڪ ۽ علائقا
- 1991 ۾ ٺاهيل رياستون ۽ علائقا