جمهوريا ارتسک

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف ارتسخ

جمھوريه ارتسخ
Flag of ارتسخ
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: آزاد ۽ خودمختيار ارتسخ
Location of ارتسخ
حیثیت گڏيل قومن کيس تسليم ناھي ڪيو ۽ ان کي آذربائيجان جو حصو سمجھن ٿا
گادي جو هنڌ اسٽپاناڪرت
(اڳوڻو نالو: خانڪندي)
39°52′N 46°43′E / 39.867°N 46.717°E / 39.867; 46.717مڪانيت: 39°52′N 46°43′E / 39.867°N 46.717°E / 39.867; 46.717
دفتري ٻوليون آرمينيائيa
مقامي آبادي ارتسخي
حڪومت وحداني صدارتي ريپپلڪ
• صدر
آرائيڪ ھاروتيونيان
آرٿر تووماسيان
مقننه نيشنل اسيمبلي
خودمختياري سوويت يونين کان
• خوداختياري
2 سيپٽمبر 1991[1]
10 ڊسمبر 1991
پکيڙ
• جملي
11٬458 km2 (4٬424 sq mi)[حوالو گھربل]
آبادي
• 2015 مردم شماري
150,932[2] (191st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$71.30 ڪروڙ ڊالر (n/a)
• في سيڪڙو
$4,803 (n/a)

ارتسخ، ارتسک(انگريزي: Republic of Artsakh) اڳوڻي ”جمهوريہ نگورنو ڪاراباخ“ جو نئون نالو آھي ۽ ان جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ارتسخ آھي جيڪا آذربائيجان جي جائز علائقي نگورنو ڪاراباخ ۾ آرمينيا جي مدد سان قائم ڪيل ھڪ اھڙي حڪومت آھي جنھن کي گڏيل قومون تسليم نہ ٿيون ڪن[3] 2006 ۾ ريپپلڪ جي ائين ۾ نگورنو ڪاراباخ جنگ م وڌيڪَ آذربائيجاني علائقا قبضي م اچڻ بعد پراڻي نگورنو ڪاراباخ واري علائقي ۽ نون علائقن کي ملائي ھڪ نئين تڪراري ارتسخ ريپبلڪ ٺاھي وئي. عالمي برادري ارتسک يا ارتسخ واري علائقي کي آذربائيجان جو جائز علائقو سمجھي ٿي جنھن تي ھڪ ناجائز رياست جوڙي وئي آهي. نگورنو ڪاراباخ جي آرمينيائي آبادي جي اڪثريت ھجڻ ڪري روسي بادشاهت مان 1918ع ۾ آزاد ٿيڻ وقت ٻنھي آذربائيجان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۽ آرمينيا جي ريپبلڪ نگورنو ڪاراباخ جي دعويداري ڪئي ۽ 1920ع ۾ ٻنھي وچ ۾ ھڪ مختصر جنگ پڻ لڳي. جڏھن سوويت يونين جو ٻنھي ريپبلڪن تي قبضو ٿيو ۽ اھي ٻئي رياستون سوويت سوشلسٽ ريپبلڪن ۾ تبديل ٿي ويون تي سوويت يونين مسئلي کي ختم ڪرڻ لاء 1923ع ۾ آذربائيجان جي حدن ۾ نگورنو ڪاراباخ جي خودمختيار اوبلاسٽ (آذربائيجان جو ھڪ صوبو) قائم ڪئي. سوويت يونين جي ٽٽڻ سان خطي ۾ اھو مسئلو ھڪ دفعو ٻيھر اٿي تڪرار بڻجي ويو.

ارتسخ جي نامنھاد ريپبلڪ جو نقشو (1994 - 2020)

1991ع ۾ نگورنو ڪاراباخ جي ان صوبي جي انتظاميه نگورنو ڪاراباخ ۽ ان سان منسلڪ علائقي شاھوميان جي آذربائيجان کان آزادي جو ريفرينڊم ڪرايو اھڙي طرح انھن گڏجي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنھن سان نگورنو ڪاراباخ واري جنگ ڇڙي وئي جيڪا 1994ع ۾ بغير ڪنھن نتيجي جي جنگ بندي سان ختم ٿي ۽ وري 2020ع ۾ اھا جنگ ٻيھر شروع ٿي وئي جنھن ۾ ترڪي پڻ سڌي طرح آذربائيجان جي اتحاي طور شامل ٿي آرمينيا تي فضائي حملو ڪري ان جي جنگي جھاز کي ڪيرايو. آرمينيا سڌي طرح ارتسک جي فوجي مدد ڪري رھيو آھي.

سياسي نظام[سنواريو]

ارتسک جو نظام حڪومت صدارتي جمھوريت آھي. ان جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو نيشنل اسيمبلي آھي. ارتسخ مڪمل طرح آرمينيا تي دارومدار رکندڙ آھي ۽ درحقيقت اھو نالي ۾ الڳ ملڪ آھي پر درحقيقت آرمينيا جي قبضي هيٺ آھي.

اسٽپاناڪرت شھر ۾ صدارتي محل
اسٽپاناڪرت ۾ پارليامينٽ

3 نومبر 2006 ۾ ان وقت جي نگورنو ڪاراباخ ريپپلڪ جي صدر ارڪادي قوڪاسيان آئين جي تيار ڪيل مسودي جي منظوري لاء ريفرينڊم ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو[4] ريفرينڊم ۾ عوامي شرڪت %87.2 رھي جن مان %98.2 سيڪڙو ووٽرن آئين جي منظوري ڏني[5] ان ائين جي پھرين شق ۾ نگورنو ڪاراباخ ريپپلڪ جو نالو تبديل ڪري ارتسخ ريپبلڪ رکيو ويو ۽ ان کي ھڪ خودمختيار جمھوري رياست قرار ڏنو ويو جيڪا قانون ۽ انصاف تي بيٺل ھوندي[6][7] [8] ان ريفرينڊم کي يورپي يونين، او ايس سي اي، گئام ناجائز قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.[8][9] [10] ترڪي پڻ ان رفرينڊم جي مخالفت ڪئي[11][12] نگورنو ڪاراباخ جو آئيني رفرينڊم 2017 پڻ ٿيو جنھن تحت نئون آئين منظور ڪري ملڪ م صدارتي نظام نافذ ڪيو ويو[3][13][14] ارتسخ جو نئون نالو رکڻ دراصل پراڻي نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ کان سواء آذربائيجان جي ٻين ضلعن تي ڪيل قبضي تي حق جتائڻ ھيو

جاگرافي[سنواريو]

ارتسخ يا نگورنو ڪاراباخ ھڪ جابلو علائقو آهي جنھن جي جبلن جي سامونڊي سطح کان سراسري اوچائي 1٬100 ميٽر (3٬600 ft) آھي.

rightڪوھ مراوي ارتسخ جي سڀ کان اوچي چوٽي آھي

ارتسخ جي پکيڙ 11500 به چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان جون حدون آرمينيا، آذربائيجان۽ ايران سان ملن ٿيون. مائونٽ مراوي ھن علائقي جي سڀ کان وڏي چوٽي آھي جنھن جي اوچائي 3٬340 ميٽر (10٬958 ft) ۽ ڪوھ ڪيرس 2٬725 ميٽر (8٬940 ft) اوچو آهي. ارتسخ جو پاڻي جو وڏو ذخيرو سارسانگ ڊيم آھي. ان جي ندين ۾ ترتر ندي، کاچين ندي شامل آهن[15] ھي علائقو زمين جي اھڙي پليٽ تي واقع آهي جيڪا اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر طرف لاھي رکندڙ آهي. ھن علائقي جي سمنڊ جي سطح کان سراسري بلندي1٬100 m (3٬600 ft) آھي[16] اڪثر نديون ارتسخ جي وادي طرف وھندڙ آھي[16]

ھتان جي آبهوا ٽيمپريٽ ۽ درمياني رھندڙ آھي. گرمي پد جي سراسري شرح 11 °C (52 °F) رھندي آھي جيڪا سال ۾ ھيٺ مٿي ٿيندي رھي ٿي. جولاء ۾ 22 °C (72 °F) تائين ۽ جنوري ۾ −1 °C (30 °F) تائين پھچي ٿي. ھوا ۾ نمي جي شرح 710 mm (28 in) تائين پھچندي آھي. ڪجهه علائقن ۾ 100 ڏينهن تائين ڌنڌ رھندو آھي[16] ارتسخ جي خطي ۾ 2000 قسمن جا ٻوٽا ٿين ٿا ۽ علائقي جو 36 سيڪڙو ٻيلن تي مشتمل آهي[16]

انتظامي ورهاست[سنواريو]

ارتسخ جون ريجن:
1:  شاھوميان; 2: مارتاڪرت; 3: آسڪيران; 4: مارتوني; 5: ھادروت; 6: شوشي ; 7: ڪاشاتاغ
عمودي پٽاپٽي ڏيکاريل علائقا اصل نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ ۽ شاھوميان خطي کان ٻاھر وارا آھن. افقي پٽاپٽي ڏيکاريل علائقا آذربائيجان جي قبضي وارا آھن
ارتسخ جا وڏا ۽ ننڍا شھر


ارتسخ ريپبلڪ جون اٺ ڊويزنون آهن. ارتسخ ۾ اڳوڻي نگورنو ڪاراباخ خوداختيار اوبلاسٽ جا پنج ضلعا ۽ ان سان لڳولڳ ست ٻيا اڳوڻا آذربائيجاني ضلعا شامل آهن جيڪي ھن وقت ارتسخ واري آرمينيائي فوج جي قبضي هيٺ آھن.[17][18]

# ارتسخ جا صوبا

[19]

آبادي (2005) آذربائيجاني ضلعا گادي اڳوڻي نگورنو
ڪاراباخ خوداختيار
اوبلاسٽ
1 شاھوميان صوبو 2,560 ڏکڻ گورانبوي ضلعو ، اولھ ڪالابازار ضلعو ڪالابازار شھر (اڳوڻو شاھوميان شھر) نہ
2 مارتاڪرت صوبو 18,963 اوڀر ڪالابازار ضلعو, اولھ ترتر ضلعو (آغدام ضلعي جو حصو) مارتاڪرت شھر جزوي
3 آسڪيران صوبو 16,979 خوجالي ضلعو
(آغدام ضلعي جو حصو)
آسڪيران شھر جزوي
4 مارتوني صوبو 23,157 اتريون خواجوند ضلعو
(آغدام ضلعي جو حصو)
مارتوني شھر جزوي
5 ھادروت صوبو 12,005 ڏکڻ خواجوند ضلعو, جبرائيل ضلعو
(فضولي ضلعي جو حصو)
ھادروت شھر جزوي
6 شوشي صوبو 4,324 شوشا ضلعو شوشا شھر ھا
7 ڪاشاتاغ صوبو 9,763 لاچين ضلعو, قبادلي ضلعو، زنگلان ضلعو بردزور شھر نہ
8 اسٽپاناڪرت صوبو (گادي) 49,986 خانڪندي ضلعو اسٽپاناڪرت ھا

آبادي[سنواريو]

ھتان جي %97.7 سيڪڙو آبادي آرمينيائي آھي ۽ انھن جي مادري ٻولي پڻ آرمينيائي آھي. اتان جي آبادي جي اڪثريت عيسائي آھي جنھن جو مذھب آرمينيا جي حواري ڪليسا آھي. ھتي کوڙ تاريخي عيسائي خانقاھون واقع آھن جيڪي سياحت جو مرڪز آھن ۽ سياح آرمينيا جي پاسي کان ھتي گھمڻ ايندا آهن.

سفارتي تعلقات[سنواريو]

اسٽپاناڪرت يا خانڪندي ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيس

ارتسخ جي پرڏيهي وزارت جي آفيس اسٽپاناڪرت (خانڪندي) شھر ۾ آھي. اڃان تائين گڏيل قومن جي ھڪ به رڪن يا مبصر کيس تسليم ناھي ڪيو. ان پرڏيهي کاتي جا ڪنھن بہ ملڪ سان تعلق سفارتي سطح جا نہ آھن. ان باوجود ارتسخ جي ريپبلڪ پنج مستقل مشن آرمينيا، آسٽريليا، روس، جرمني ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ ڪم ڪن پيا ۽ ھي ريپپلڪ فرانس ۾ سوشل ۽ پوليٽيڪل انفرميشن جو بيورو پڻ قائم ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ ھڪ مشن بيروت ۾ڻپڻ شروع ڪيو اٿائين[20] 2015 ۾ ھڪ تقرير ۾ آرمينيا جي صدر سرژ سرگزائن بيان ڏنو ھو ته نگورنو ڪاراباخ آرمينيا جو اڻٽٽ حصو آهي[21].

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Zürcher, Christoph (2007). The Post-Soviet Wars: Rebellion, Ethnic Conflict, and Nationhood in the Caucasus ([Online-Ausg.]. ed.). New York: New York University Press. p. 168. ISBN 9780814797099. 
  2. "ԼՂՀ 2015Թ. ՄԱՐԴԱՀԱՄԱՐԻ ՆԱԽՆԱԿԱՆ ՕՊԵՐԱՏԻՎ ՑՈՒՑԱՆԻՇՆԵՐԻ ՄԱՍԻՆ". STAF NKRE. وقت 16 April 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 March 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. 3.0 3.1 "Constitution of the Republic of Artsakh". Ministry of Foreign Affairs - Republic of Artsakh. حاصل ڪيل 2020-04-19. The names 'Republic of Artsakh' and 'Republic of Nagorno-Karabakh' are identical. 
  4. "Nagorno Karabakh to hold referendum on draft constitution on 10 December". REGNUM. 3 November 2006. Archived from the original on 11 December 2008. https://web.archive.org/web/20081211204035/http://www.regnum.ru/english/733363.html. Retrieved 16 December 2008. 
  5. "Karabakh Approves Pro-Independence Constitution". Radio Free Europe. 11 December 2006. Archived from the original on 17 June 2008. https://web.archive.org/web/20080617182137/http://www.rferl.org/featuresarticle/2006/12/15d9442b-2b41-4132-9312-9a1f77fc92ac.html. Retrieved 16 December 2008. 
  6. "Constitution of the Nagorno Karabakh Republic". وقت 17 December 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 June 2018. 
  7. "Constitution". Nagorno Karabakh Republic Ministry of Foreign Affairs. وقت 23 October 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. 8.0 8.1 "Karabakh Defends New Constitution". IWPR Institute for War & Peace. 11 January 2007. Archived from the original on 26 May 2010. https://web.archive.org/web/20100526222026/http://www.iwpr.net/report-news/karabakh-defends-new-constitution. Retrieved 8 May 2010. 
  9. "Nagorno-Karabakh gains constitution". ISN.ETHZ.ch. 13 December 2006. http://www.isn.ethz.ch/isn/Current-Affairs/Security-Watch/Detail/?id=51823&lng=en. Retrieved 16 December 2008. 
  10. "EU rejects referendum vote on draft constitution in Nagorno-Karabakh". International Herald Tribune. 11 December 2006. Archived from the original on 26 February 2008. https://web.archive.org/web/20080226134917/http://www.iht.com/articles/ap/2006/12/11/europe/EU_GEN_EU_Nagorno_Karabakh.php. Retrieved 16 December 2008. 
  11. "Турция осудила референдум в Нагорном Карабахе". kavkaz-uzel.ru. 11 December 2006. Archived from the original on 14 October 2007. https://web.archive.org/web/20071014175455/http://kavkaz.memo.ru/newstext/news/id/1144460.html. 
  12. "Deutsche welle reports on nagorno karabakh". ArmInfo. 9 January 2007. http://www.arminfo.info/news-issue1550.shtml. Retrieved 16 December 2008. [مئل ڳنڍڻو]
  13. "Azerbaijan's Breakaway Nagorno-Karabakh Holds 'Illegal' Referendum". Radio Free Europe. 21 February 2017. Archived from the original on 23 February 2017. https://web.archive.org/web/20170223040655/http://www.rferl.org/a/nagorno-karabakh-referendum-azerbaijan-armenia/28323000.html. Retrieved 23 February 2017. 
  14. "Artsakh Votes for New Constitution, Officially Renames the Republic". Armenian Weekly. 21 February 2017. http://armenianweekly.com/2017/02/21/artsakh-votes-for-new-constitution-officially-renames-the-republic/. 
  15. "Nagorno Karabakh Republic – Country Overview". Nkrusa.org. وقت 19 April 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 May 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  16. 16.0 16.1 16.2 16.3 "The Office of the Nagorno Karabakh Republic in USA". Nkrusa.org. وقت 18 April 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 May 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  17. [1] آرڪائيو ڪيا ويا 3 January 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  18. "Azerb.com – Regions". Travel-images.com. وقت 9 June 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 May 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  19. "2005 NKR census (Map of divisions and info on each shown)" (PDF). وقت 6 March 2009 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 May 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  20. "Permanent Representations". Ministry of Foreign Affairs of Nagorno-Karabakh Republic. وقت 26 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 May 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. Серж Саргсян: Нагорный Карабах – это Армения آرڪائيو ڪيا ويا 27 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Vestnik Kavkaza. 26 September 2015.