جرنل (رسالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(جرنل کان چوريل)

جرنل __(Journal):

هڪ قسم جورسالو، جنهن ۾ اڪثر ڪري تحقيقي مقالا گڏ ڪري شايع ڪبا آهن.پي. ايڇ. ڊي يا ڪنهن لاڳاپيل مضمون سان وابستگيءَ وارن کي تاڪيد ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن مشهور جرنل ۾پنهنجا پيپر شايع ڪرائين. سنڌ ۾ انگريزن جي دؤر ۾ انگريزي زبان ۾ڪيترائي جرنل شايع ٿيندا هئا. 20 صديءَ ۾ سيد مصطفيٰ غلام شاھ سنڌ ڪواٽرلي Sindh Quarterly نالي هڪ جرنل شايع ڪندو هو.انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سچل چيئر خيرپور، ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي طرفان به جرنل شايع ٿيندا رهندا آهن. جن ۾ ”ڀٽائي“، ”ڪينجهر“، ”ڪلاچي“، ”آشڪار“ ۽ ”سنڌي ٻولي“ اهم آهن.[1]


نالو ۽ معني[سنواريو]

جرنل Journal انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ فرينچ مان آيو جيڪو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ diurnalis مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي "روزانو". جرنل جون ڪيتريون ئي معنائون آهن .
• ڌنڌي يا واقعن جو رڪارڊ. روزمره جي ذاتي رڪارڊ جي جرنل کي ڊائري چئبو آهي.
اخبارون ۽ رسالا جيڪي روزانو شايع ٿين.
• مقرر وقت تي وقفي سان شايع ٿيندڙ رسالا به جرنل سڏبا آهن جن ۾ تعليمي جرنل، سائنسي جرنل، سوسائٽيءَ جي وھنوار جي رڪارڊ کي بہ جرنل چئبو آهي.[2]

لفظ جرنلسٽ بہ جرنل مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي اھڙو ماڻھو جيڪو پبلڪ پريس يا ميڊيا جي پاران لکڻ جو ڪم ڪري. ان لفظ جو استعمال سترھين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿيو.

پبلڪ جرنل[سنواريو]

پارليامينٽ يا ڪانگريس جي روزمره جي ڪاروائي جو رڪارڊ پبلڪ جرنل سڏبو آهي.ان کي ايوان جا منٽس آف رڪارڊ بہ چوندا آهن.

اڪائونٽ جرنل[سنواريو]

ڌنڌي ۾ ھڪ ڪتاب جو نالو جرنل ھوندو آھي جنھن ۾ ڌنڌي جي ھر وھنوار جي پھرين داخلا ان ۾ رکي ويندي آھي جتان انھن داخلائن جو حوالو ليجر نالي ڪتاب ۾ منتقل ٿيندو آهي. ونھوار جي داخلائن جي ان مرحلي کي بڪ ڪيپنگ چوندا آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Blake, Gary; Bly, Robert W. (1993). The Elements of Technical Writing. New York: Macmillan Publishers. p. 113. ISBN 0020130856.