تورو دت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تورو دت Toru Dutt
پيدائش 4 مارچ 1856(1856-03-04)
12 ماڻڪتولا اسٽريٽ, رمباگن, ڪولڪتا, بينگال, برطانوي هندستان
وفات 30 آگسٽ 1877 (عمر 21 سال)
ڪلڪتو, بينگال, برطانوي هندستان
مدفن مانڪتلہ عيسائي قبرستان, ڪلڪتو
قوميت برطانوي هندستان جا پرڳڻا
پيشو ڪوي ( شعر ٺاهيندڙ)

تورو دت (انگريزي: Toru Dutt، بنگالي=তরু দত্ত)، (پيدائش: 4 مارچ، 1856ع - وفات: 30 آگسٽ، 1877ع) برطانوي راڄ ۾ انگريزي ۽ فرانسيسي ٻولي جي هندوستاني شاعرا، ناول نگار ۽ مترجم هئي.ھن ھندوستاني ادب کي انگريزي ٻولي سان واقف ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس تعلق بنگال سان ھو. هن ھندو گھراني ۾ پيدا ٿيڻ بعد خاندان سميت عيسائي مذھب قبول ڪيو ھو. فرانس ۽ انگلستان ڏانهن سفر ڪيائين. جتي ان تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ پنھنجي رچنائن (تخليق) کي انگريزي ادب تي گهاٽا نقش ڇڏيا. هيءَ ھندستان جي پهرئين ناول نگار آھي. جنھن فرانسيسي ٻولي ۾ ناول لکيو آهي.

زندگي جو اَحوال[سنواريو]

تورو دت 4 مارچ 1856۾ بنگال جي ھڪ ھندو خاندان ۾ پيدا ٿي ھئي. پيءُ گووند چند دت کي سنسڪرت ۽ قديم ھندو تھذيب ۾ تعيلم و تربيت کي دلچسپي ھئي. تورو دت جڏھن 6 سال جي هُئي تڏھن ھن جو سڄو خاندان عيسائي ٿي ويو. تورو دت ۽ ان جي خاندان 1868ء ۾ يورپ ڏانهن سفر تي روانا ٿيا. 1870ء ۾ فرانس کان پوئي ھن خاندان جا ماڻھو انگلستان ھليا ويا. فرانس ۾ تورو دت ۽ ان جي ڀيڻء آرو جي اسڪول ۾ داخلا ورتي. پر اسڪول ڇڏي ڪري گھر ۾ ھي فرانسيسي ٻولي سکي. 1871ء ۾ نيونھم ڪاليج، ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخل ھئي. ان اتي انگريزي ۽ فرانسيسي ٻوليون ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي. ھوء سيپٽمبر 1873 ۾ ھندوستان واپس آيا، جيڪو ڪارنامون ھن پنھنجي پوئيان ڇڏيان ھواء عالمي نقط نظر جي ھڪ فن ڪارانا ۽ قيمتي ذخيرا آھي. پر ان کي جام عمر ھجي ھا تہ دنيا کي ھندوستاني پراڻيون ڪھاڻيون سان ڪافي واقفيت ڪرائي ھا، ان جيڪي بہ ترجماء ڪيا ان سان ھندستان کي عزت ملي. ادب کي پنھنجي زندگي جا مقصد قرار ڏي ڪري سنسڪرت ٻولي جي سيتا لڪشمي دھرو تيرملا جي ڪھاڻيون کي انگرزي ٻولي ۾ متعارف ڪيا. ان فرانسيسي ٻولي ۾ ھڪ ناول بہ لکيو ھو جيڪو ان جي فوت ٿيئڻ کان پوئي فرانس ۾ شائع ٿيو. [1] جيون برڪش فرانسيسي The Casrive ۽ ڪنول ٻولي ۾ ان جي مشھور نظمين. آھن. ان مسيح جي تعليمات جي عنوان تي نظمن لکي. ھو ھڪ عيسائي عورت ھئي. ھن سماج جي خدمت مختلف طريقن سان انجام ڏنا ۽ مادري وطن جو نالو بہ روشن ڪيو.[1]

فوت[سنواريو]

تورو دت 30 آگسٽ 1877ء ۾ بنگال جي شھر ڪلڪتا ۾ فوت ٿيو. ان کي دفن ڪلڪتا جي مانڪتلا ڪرسچن قبرستان ۾ ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 جامع اردو انسائيڪلوپيڊيا (جُلد 1، ادب)، قومي ڪائونسل براءِ فروغ اردو زبان نئي دهلي، 2000ء، ص 181

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]