تعليمي نصاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪالي ڪٽ يونيورسٽي، ڪالي ڪٽ، ڀارت ۾ 2007ع جي داخلائن ۽ تعليمي نصاب جا تفصيل

تعليمي نصاب (انگريزي: Syllabus) ھڪ ترتيب يا دستاويز آھي جيڪو اھو ٻڌائيندو آھي تہ ڪوئي تعليمي ڪورس، خواھ اسڪولي، ڪالج، جامعاتي، پيشہ وراڻہ، تفريحي، صحت ۽ تندرستي يا ڪنھن ٻي نوعيت جو ھجي، ڪھڙن مرڪبن تي جڙيل آھي، ان جا غرض ۽ مقصد ڇا آھن، ان جون توقعون ڇا آھن ۽ ان جو مطالعو ڪرڻ وارن يا ان کي پنھنجو ڪرڻ وارن کي ڇا ڇا ڪرڻو پوندو. تعليمي نصاب ۾ مضمونن جو تذڪرو ھوندو آھي. مثال طور ڀارت جھڙي ملڪ ۾ اسڪولي سطح تي عام طور سان انگريزي، ھندي ۽ ھڪ مقامي ٻولي تہ تقرين سڀني اسڪولن ۾ لازمي پڙھايون وينديون آھن. ان کان سواءِ سائنس، رياضي ۽ سماجي اڀياس بہ ضروري سمجھيا ويندا آھن. ھي مضمون جيتوڻيڪ اسڪول جي ھر جماعت ۾ پڙھايا ويندا آھن، پر ان ۾ ھر سطح تي مواد مختلف ھوندو آھي. زبانن جي پڙھائي ۾ پھريان حرف شناسي، لفظن جي جوڙجڪ، فقري سازي، انشائيہ، خط نگاري، سوانح، وغيرہ سڀ سطح در سطح وڌندا آھن. سائنس ۾ عام معلومات تي پھريان پھريان زور ڏنو ويندو آھي. اسڪول جي اختتام تائين ٻار سائنسي تجربا ۽ آلي سازي تائين ۾ حصو وٺندا آھن. سماجي اڀياس ۾ معمولي فردن خاندان ۽ رشتن جي تعارف کان شروع ڪري ھوريان ھوريان تاريخ، شھريت، جاگرافي وغيرہ پڙھائي ويندي آھي. اھڙي طرح ڪالج جي سطح تي گريجويشن جي سطح تي عام طور ڪجهه مضمونن تي توجھ ڏني ويندي آھي. مثال بي اي پڙھڻ وارو ھڪ شاگرد ممڪن آھي تہ ڀارت جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ عالمي تاريخ جو مطالعو ڪري. پر جڏھن اھو شخص ايم اي ڪندو تہ ھو ممڪن آھي ڪنھن ھڪ موضوع تي توجھ ڏيندو، جھڙوڪ ڀارت جي تاريخ. وري ھن موضوع جا بہ ڪيترائي ھيٺيان مضمون ٿي سگھن ٿا، مثال قديم سنڌو ماٿريءَ جي ثقافت، آرين جي تاريخ، قديم ھندستان جي تاريخ، ھندستان ۾ اسلام، مغلن جي تاريخ، برطانوي ھندستان، آزاد ڀارت جي تاريخ، وغيرہ.

اھميت[سنواريو]

ڪو بہ تعليمي نصاب ھڪ قسم جو ھدايتي نقشو فراھم ڪندو آھي.[1] جنھن تي تعليمي مقصدن ۽ غرضن جي پوري عمارت تعمير ڪري سگھجي ٿي.

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. [https://www.jagranjosh.com/articles/benefits-of-syllabus-for-students-in-learning-process-1523445000-1 How syllabus is important for students to be successful in the exams? A course syllabus acts as a directional map to proceed in the way of leaning. In this article, we will discuss that how your course syllabus helps you prepare effectively and perform well in the exams.]