بين الاقوامي تنظيم ترڪ ثقافت
ترڪ ثقافت جي بين الاقوامي تنظيم ترڪسوئي | |
---|---|
![]() ترڪسوئي جا خودمختيار رڪن (مئرون رنگ سان ڏيکاريل) ۽ ٻيا ( ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل) | |
صدر مقام | ![]() |
سرڪاري ٻوليون | ترڪ (سرڪاري ٻولي) روسي, انگريزي (ڪم واريون ٻوليون) |
رُڪنَ[1] |
|
حڪومت | |
• جنرل سيڪريٽري |
دوئيسن ڪئسينوف |
قیام | 1993 |
ترڪسوئي (انگريزي: Turksoy ) يا ترڪ ثقافت جي بين الاقوامي تنظيم(انگريزي: International Organization of Turkic Culture) ترڪ نسل وارن ماڻھن يا ترڪ ٻولي ڳالھائيندڙن جي ھڪ بين الاقوامي تنظيم جو نالو آهي. ھن تنظيم جو صدر مقام استنبول، ترڪي ۾ آھي. ھن تنظيم جو جنرل سيڪريٽري 2020 ۾ دوئيسن ڪئسينوف آهي جيڪو قزاقستان جو اڳوڻو وزير ثقافت ھيو.
تاريخ[سنواريو]
ھن تنظيم جي ٺاھڻ جو خيال 1992ع ۾ باڪو ۽ استنبول ۾ آذربائيجان، قزاقستان، ڪرغزستان، ازبڪستان ترڪي ۽ ترڪمانستان جي ثقافت وارن وزيرن جي ٿيل اجلاسن ۾ آيو جڏھن انھن وزيرن ھڪ گڏيل ثقافتي جوڙجڪ ۾ سھڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. بعد ۾ 12 جولاء 1993ع ۾ الماتي ۾ ھڪ معاھدي ذريعي ترڪسوئي قائم ڪئي وئي. 1996ع ۾ يونيسڪو ۽ ترڪسوئي وچ ۾ سرڪاري سھڪار قائم ٿيو جنھن ۾ اھو طئي ڪيو ويو تہ اھي ٻئي ادارا باھمي صلاح مشورا ۽ ھڪٻئي جي پروگرامن ۾ نمائندگي ڪندا[2]. 3 نومبر 2009 تي ترڪ ڪائونسل جي رڪن ملڪن فيصلو ڪيو تہ ترڪسوئي کي ترڪ ڪائونسل ۾ ضم ڪيو ويندو.
رڪن[سنواريو]
موجوده[سنواريو]
2016ع ۾ ترڪسوئي جا 6 ھيٺيان رڪن ملڪ ۽ 3 غير خودمختيار مبصر ھئا.[1]
رڪن ملڪ | ٻولي | ياداشت |
---|---|---|
![]() |
آذربائيجاني | |
![]() |
قزاق | |
![]() |
ڪرغز | |
![]() |
ترڪ | |
![]() |
ترڪمان | |
![]() |
ازبڪ | |
مبصر رڪن | ٻولي | ياداشت |
![]() |
بشڪير | روسي وفاق ۾ شامل رياست |
![]() |
تاتار | روسي وفاق ۾ شامل رياست |
![]() |
گاگئوز | مالدوا جي خوداختيار ريجن |
![]() |
ترڪ | رڳو ترڪي پاران تسليم ڪيل ڊي فيڪٽو آزاد رياست |
ماضي وارا باقي رڪن[سنواريو]
پنج روسي وفاق ۾ شامل رياستون 2015 جي آخر ۾ ترڪ فوج پاران روسي جھاز کي ڪيرائڻ جي ردعمل ۾ احتجاج ڪندي ترڪسوئي ڇڏي ويون.[3][4][5]
مبصر رياست | ٻولي | ياداشت |
---|---|---|
![]() |
التئي | روسي وفاق ۾ شامل رياست |
![]() |
کاڪيس | روسي وفاق ۾ شامل رياست |
![]() |
ساکا | روسي وفاق ۾ شامل رياست |
![]() |
ٽووائي | روسي وفاق ۾ شامل رياست |

حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 Türksoy Official Web Site. "Homepage > Türksoy > Member States". وقت 2012-12-22 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-12-04. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ UNESCO Web Site. "Relations with the Joint Administration of the Turkic Culture and Arts (TÜRKSOY), and Draft Agreement between that Organization and UNESCO" (PDF). وقت 2016-03-03 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-12-04. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Якутия поддерживает политику России по отношению к Турции | NVK Online". nvk-online.ru. وقت 2016-02-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2016-01-30. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Якутия прервет связи с ТюрКСОЙ: "Партнеров в тюркском мире достаточно" - ИА REGNUM". ИА REGNUM. وقت 2016-02-03 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2016-01-30. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Власти тюркских регионов выбирают между Россией и Турцией". وقت 2017-04-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2017-04-02. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)