تاريخ پنجاب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽيڪسلا ھڪ قديم تاريخي مقام

پنجاب جو لفظ ابن بطوطہ جي تحريرن ۾ ملي ٿو جيڪو ھن 14ھين صدي عيسوي ۾ ھن علائقي جو دورو ڪندي لکيون، ان جو وسيع پيماني تي استعمال سورھين صدي جي ٻين حصي جي ڪتاب ”تاريخ شير شاہ سوري“ ۾ ملي ٿو، جنھن ۾ پنجاب جي شير خان جي قلعي جي تعمير جي حوالي سان ملي ٿو۔ ان کان پھرين پنجاب جھڙو تذڪرو مھاڀارت جي قصي ڪھاڻين ۾ بہ آھي جيڪو پنجا ندا (پنج نديون) جي حوالي سان آھي۔ ان کان بعد آئين اڪبري ا۾ ابو الفصل لکيو آھي تہ ھي علائقو ٻن حصن ۾ ورھايل ھو، لاھور ۽ ملتان۔ ان آئين اڪبري جي ٻين حصي ۾ ابوالفصل پنجاب کي پنجند لکيو آھي۔ ان کان علاوہ مغل بادشاھ جھانگير پنھنجي تزڪ جھانگيري ۾ پنجاب جو لفظ استعمال ڪيو آھي۔ پنجاب جو لفظ فارسي جا پنچ يعني پنج ۽ آب يعني پاڻي سان ماخوذ آھي۔ يعني پنج دريائن جي سرزمين۔ ھي اھي پنج درياھ آھن جيڪي ھن علائقي ۾ وھن ٿا۔ اڄ ڪالھ انھن مان ٽي درياھ تہ مڪمل طور تي پاڪستاني پنجاب جي علائقن ۾ وھن ٿا۔ جڏھن تہ ٻن درياھن جي مرڪز ڀارتي پنجاب سان ٿي ڪري اچن ٿا۔ ان کان اڳ ان جو نالو سپت سنڌو يعني ست درياھن جي سرزمين ھو۔ تاريخ جھلم ۾ انجم سلطان شھباز لکيو آھي تہ سپت جو مطلب ست ۽ سنڌو جو مطلب درياھ آھي۔ شير شاھ جيڪو قلعو بڻايو ھو اھو جھلم ۾ قلعي روھتاس جي نالي سان آھي۔

سنڌ جي تھذيب[سنواريو]

سنڌ جي تھذيب جيڪا دنيا جي پراڻي ترين انساني تھذيبن مان ھڪ اھم تھذيب آھي، پنجاب ۾ بہ ھن تھذيب جا گھرا اثر موجود آھن جن ۾ ھڙاپا قابل ذڪر آھي۔

ويدڪ تھذيب[سنواريو]

سلطنتون ۽ مسلم فتحون[سنواريو]

غزنوي سلطنت[سنواريو]

دھلي سلطنت[سنواريو]

مغل دور[سنواريو]

دُراني دور[سنواريو]

سک دور[سنواريو]

برطانوي دور[سنواريو]


پڻ ڏسو[سنواريو]