سک ڏڻن جي فھرست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھيٺ سک ڏڻن جي فھرست آھي جن کي سک مذھب سان تعلق رکندڙ ماڻھو ملھائيندا ۔

ٻيا سک ڏڻ[سنواريو]

مٿي ٻڌايل ڏڻن کان علاوه وڌيڪ ڪجهه ڏڻ (تقريباً 45) اھڙا آھن جيڪي ڪجهه مخصوص علائقن ۾ ننڍي پيماني تي ملھايا ويندا آھن۔ اھڙا تھوارن ۾ پرڪاش اتسو (ٻين اٺ گروئن جي پيدائش جا ڏينھن)، گروگڙي ديوس، جيوتي جوت ديوس (ٻين سک گروئن جي ورسي)، پتنگن جو بسنت ڏڻ جو وڊالي ڳوٺ (جتي گرو گروبند سنگھ 1595ع ۾ پيدا ٿيو ھو) جي چھراتر صاحب جي گردواري ۾ ملھايو ويندو آھي،[1] وغيره۔ سک پنھنجي تمام تھوارن ۾ گردواري ۾ جمع ٿي ڪري گرو گرنٿ صاحب جي تعظيم بجا آڻيندا آھن، گرباني ۽ ڪيرتن ٻڌندا ۽ پاٺ پڙھندا آھن۔

مقامي طور تي ڪجهه ميلا لڳندا آھن جن جي تاريخي اھميت سکن جي وڌيڪ مسلم آھي ۽ ھزارين جي تعداد ۾ سک انھن ميلن ۾ ڊوڙيا ايندا آھن۔ انھن مان ڪجهه اھم ميلا ڏنل آھن:

  • فتح ڳڙھ صاحب ۾ گرو گوبند سنگھ جي ننڍي صاحبزادي جو قتل۔
  • چمڪور جي جنگ ۽ گرو گوبند سنگھ جي وڏي صاحبزادي جو قتل۔
  • گرو گوبند سنگھ جي چاليھ جانبازن جو قتل جيڪو مغلن جي ھڪ وڏي فوج سان مڪتسر جي جڳھ تي انتھائي بي جگري سان وڙھيا ھا، گرو گوبند سنگھ ان جي متعلق خوش خبري ڏني تہ انھن جانبازن نجات حاصل ڪري ورتي آھي۔ ھر سال سري مڪتسر صاحب ۾ ميلو ماگھي ان ئي واقعي جي ياد ۾ لڳايو ويندو آھي۔

حوالا[سنواريو]

  1. Johar, Surinder Singh Holy Sikh Shrines