پنجابي ماڻھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(پنجابي ماڻهو کان چوريل)
پنجابي
ڪل آبادي
ت. 13 – c. 15

ڪروڙ

پنجابي ماڻھن جي ثقافت ۾ دھل اھم ساز آهي
نمايان آبادي وارا علائقا
 پاڪستان 94,486,500[1]
 ڀارت 30,000,000[2]
 گڏيل بادشاھت 700,000[3]
 ڪينيڊا 545,730[4]
 گڏيل آمريڪي رياستون 253,740[5]
 آسٽريليا 132,496[6]
 ملائيشيا 56,400[7]
 لبيا 54,000[8]
 ناروي 24,000[9]
 بنگلا ديش 23,700[10]
 نيوزي لينڊ 19,752[11]
 نيپال 10,000[12]
ٻوليون

پنجابي ۽ پنجابي لھجا

مذھبَ

پنجاب، پاڪستان: اسلام (97%)
پنجاب، انڊيا: سک ازم (57.7%), ھندوازم (38.5%)

پنجابي: Punjabis :پنجابی, ਪੰਜਾਬੀ): پنجابي ھڪ نسلي گروھ آھي جنھن جو تعلق پنجاب سان آهي جيڪي انڊو آرين پنجابي ٻولي ڳالھائيندا آھن.[13] خطو پنجاب جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود آھي، اتان جو ھڪ نسلي گروھ آھي۔ پاڪستان ۾ صوبي پنجاب ۾ آباد آھن جڏھن تہ ڀارت ۾ بہ ڀارتي رياست پنجاب ۾ آباد آھن۔ انھن جي مادري زبان پنجابي آھي جڏھن تہ ان کان علاوہ انگريزي، اردو، سرائڪي، پشتو ۽ پوٽوھاري وغيرہ کي بطور ٻين ٻولي استعمال ڪندا آھن۔ ھاڻي ٻيا بہ گروھ بڻجي ويا آھن (جيئن سرائڪي، وغيرہ) اھي بہ پنجابي نسلي گروھ جو ئي ھڪ قسم آھن جن جو زمين جي فاصلي سان گڏوگڏ لھجو بدلجي ويو۔

پنجاب فارسي ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي: پنج ۽ آب جن جي معني آهي پنج پاڻين واري سرزمين. پنجابي ان سرزمين تي رھندڙ ماڻھو آھن.[14]ڏکڻ ايشيا جي فارسي ترڪ فاتحن ان سرزمين جي ھن نالي کي متعارف ڪرايو[15][16][17]ارڙھين صديءَ جي آغاز ۾ڪيترن ئي قبيلن، ذاتين ۽ اتان جي رھندڙ ماڻھن جي سنگم انھن کي پنجابي جي نئين نالي سان سڃاڻپ ڏني. ان کان اڳ انھن قبيلن ۽ ذاتين ۾ ساڳي ٻولي ۽ نسلي يا ثقافتي ھڪجھڙائي ھجڻ باوجود ھڪ قوم جو تصور ڪونہ ھيو.[18][19][20]

تاريخ[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو تاريخ پنجاب

محل وقوع[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پنجاب جو خطو

پنجابي ماڻھو اصل ۾ خطي پنجاب ۾ آباد آھن۔ پنجاب جو مطلب پنج دريائن جو خطو آھي۔ مقامي پنجابي آبادي ان وقت بطور مقدر اڀري جڏھن ارڙھين صدي ۾ رنجيت سنگھ پھريون ڀيرو پنجاب اعظم جو بنياد رکيو جنھن ۾ ھاڻوڪو پاکستاني پنجاب، ڀارتي پنجاب، پورو آزاد ڪشمير ۽ ھاڻوڪو خيبر پختونخوا شامل آھن ھي سڀ علائقا پنجاب ۾ شمار ٿين ٿا۔

پنجابي ماڻھو اوڀر ۾ ڀارتي رياست ھماچل پرديش،ھرياڻہ ۽ راجسٿان کان وٺي ڪري اولھ ۾ پاڪستاني صوبي خيبر پختونخوا تائين جڏھن تہ اتر ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کان وٺي ڏکڻ ۾ سنڌ تائين آباد آھن۔

پاڪستاني پنجابي[سنواريو]

پاڪستان ۾ تقريباََ 40 کان 45 سيڪڙو ماڻھو آھن جيڪي پنجابي ٻولي ڳالھائن ٿا۔ پاڪستان ۾ پنجابي آبادي ٻن اھم گروھن ۾ ورزھايل سمجھي وڃي ٿي، زميندار ۽ قوم۔ زميندار اصل ۾ انھن پنجابين کي چيو وڃي ٿو جيڪي زراعت ۽ ھارپي سان لاڳاپيل ھوندا آھن۔ زميندار گروھ وڌيڪ راجپوت، جٽ، شيخ، گوجر، گاڪخر، ڊوگر ۽ رحماني ۾ ورھايل آھن. پاڪستان ۾ پنجابي اڪثريتي آبادي مسلمان آھن۔

درجو صوبو پنجابي ڳالھائيندڙ سيڪڙو
پاڪستان 76,335,300 44.15
1 پنجاب 70,671,704 75.23
2 سنڌ 3,592,261 6.99
3 وفاقي گادي جو ھنڌ، اسلام آباد 1,343,625 71.62
5 بلوچستان 318,745 2.52

ڀارتي پنجابي[سنواريو]

ھڪ ڀارتي پنجابي ھاري

ڀارت ۾ پنجابي مذھبي اعتبار سان ٻن اھم گروھن ۾ ورھايل آھن، ھڪ سک آبادي ۽ ٻين ھندو آبادي۔ ڀارت ۾ پنجابي آبادي تقريباََ 4 سيڪڙو آھي جيڪي تقريباََ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ فرد ٿين ٿا.

مذھب[سنواريو]

پنجابي ماڻھن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻہ مذھب آھن، پاڪستان ۾ رھندڙ پنجابي اڪثريتي طور تي مسلمان جڏھن تہ ڀارت ۾ رھندڙ پنجابي سک مذھب جا پيروڪار آھن۔ پنجابي اڪثر مسلمان آھن جيڪي سني اسلام جي فقہ حنفي جا پيروڪار آھن.

ثقافت[سنواريو]

ٻولي[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پنجابي ٻولي

پنجابي ماڻھن جي مادري زبان پنجابي آھي جيڪا ھڪ ھند يورپي ٻولي آھي جيڪا پنجاب جي باشندن ۾ مروج آھي۔ پنجابي ڳالھائيندڙ وارن ۾ ھندومت، سک مت، اسلام، ۽ مسيحيت جا پيروڪار شامل آھن۔ اول ذڪر ڪيل مذھب کان علاوه باقي ٽنھي مذھبن ۾ ھن زبان کي خاص حيثيت حاصل رھي آھي۔ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪيل مردم شمارين جي مطابق دنيا ۾ پنجابي ڳالھائڻ وارن جي تعداد 14-15ڪروڙ کان وڌيڪ آھي. ان کان علاوہ اردو،هندي ۽ انگريزي بطور ٻين زبان استعمال ڪندا آھن۔

پنجابي ثقافتي کاڌو[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پنجابي کاڌو
گجر جو حلوو

پنجاب ۾ تندوري کاڌا گھڻو عام آھن۔ پنجابي ثقافتي کاڌن ۾ مرغ تڪو،پٽاٽو گوبي، پراٺو، ديسي لسي، تندوري چجن، زيره چاول، پنجيري، تڙڪہ دال، سيون، گجر جو حلوو، اچار گوشت ۽ پنير شامل آھن.

موسيقي[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پنجابي موسيقي

رقص[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پنجابي رقص

پنجاب ۾ تمام گھڻا ثقافتي رقص عام آھن جن ۾ سڀ کان معروف رقص ڀنگڙو آھي جيڪو مختلف تقريبن ۽ ڏڻن تي ڪيو ويندو آھي۔ ٻيا ھيٺ ڏنل آھن:

  • ڀنگڙڳ
  • سمي
  • گِدڌا
  • ڪڪلي
  • جھومر
  • ڊنڊاس
  • جگني
  • لڊي

ڏڻ[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پنجابي ڏڻ

رانديون[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پنجاب ۾ رانديون

پنجابي بلحاظ ملڪ[سنواريو]

درجو ملڪ آبادي
1  پاڪستان 81,379,615
2  ڀارت 33,109,672
3 سانچو:Country data برطانيا مملڪت متحدہ 2,300,000
4  ڪينيڊا 800,000
5 سانچو:Country data گڏيل عرب امارتون 720,000
6  گڏيل آمريڪي رياستون 640,000
7  سعودي عرب 620,000
8  آسٽريليا 620,000
9 سانچو:Country data ھانگ کڍڪانگ ھانگ ڪانگ 260,000
10  ملائيشيا ملائيشيا 185,000
11 سانچو:Country data ڏکڻ آفريڪا 140,000
12  برما 120,000
13  فرانس 90,000
14  اٽلي 80,000
15  ٿائي لينڊ ٿائيلينڊ 75,000
16  جاپان 75,000
17 سانچو:Country data موريشس موريشس 70,000
18  سنگاپور 70,000
19  عمان 68,000
20  لبيا 65,000
21  بحرين 60,000
22 سانچو:Country data ڪينيا ڪينيا 55,000
23 سانچو:Country data تنزانيہ تنزانيہ 45,000
24  ڪويت 40,000
25  نارويناروي 25,000
26  ڊينمارڪ ڊينمارڪ 15,000

حوالا[سنواريو]

  1. "Pakistan" آرڪائيو ڪيا ويا 2018-11-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. The World Factbook — Central Intelligence Agency.
  2. "Punjabi Population In India - State wise details". www.punjabdata.com. 
  3. McDonnell, John. "Punjabi Community". House of Commons. حاصل ڪيل 3 August 2016. We now estimate the Punjabi community at about 700,000, with Punjabi established as the second language certainly in London and possibly within the United Kingdom. 
  4. "NHS Profile, Canada, 2011, Census Data". Government of Canada, Statistics Canada. حاصل ڪيل 4 February 2015. 
  5. US Census Bureau American Community Survey (2009-2013) See Row #62
  6. Top ten languages spoken at home in Australia آرڪائيو ڪيا ويا 9 July 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  7. "Malaysia". 
  8. "Libya". 
  9. Strazny, Philipp. "Encyclopedia of Linguistics". Routledge. 
  10. "Bangladesh". 
  11. "Archived copy". وقت 13 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 March 2014. 
  12. http://unstats.un.org/unsd/demographic/sources/census/wphc/Nepal/Nepal-Census-2011-Vol1.pdf
  13. 522 Concise Encyclopedia of Languages of the World. Elsevier. 2010. pp. 522–523. ISBN [[Special:BookSources/97 8-0-08-087775-4|97 8-0-08-087775-4]]. https://books.google.com/books?id=F2SRqDzB50wC&pg=PA 522. 
  14. Gandhi, Rajmohan (2013). Punjab: A History from Aurangzeb to Mountbatten. New Delhi, India, Urbana, Illinois: Aleph Book Company. ISBN 978-93-83064-41-0. 
  15. Canfield, Robert L. (1991). Persia in Historical Perspective. Cambridge, United Kingdom: Cambridge University Press. p. 1 ("Origins"). ISBN 0-521-52291-9. 
  16. "Punjab, bread basket of India, hungers for change". Reuters. 30 January 2012. http://in.reuters.com/article/2012/01/30/india-election-punjab-idINDEE80S02520120130. 
  17. "Columbia Water Center Released New Whitepaper: "Restoring Groundwater in Punjab, India's Breadbasket" – Columbia Water Center". Water.columbia.edu. حاصل ڪيل 12 July 2013. 
  18. Malhotra, edited by Anshu; Mir, Farina (2012). Punjab reconsidered : history, culture, and practice. New Delhi: Oxford University Press. ISBN 9780198078012. http://global.oup.com/academic/product/punjab-reconsidered-history-culture-and-practice-9780198078012;jsessionid=67C0F3362215BC7FE368DF643C70CA16?cc=de&lang=en&. 
  19. Ayers, Alyssa (2008). "Language, the Nation, and Symbolic Capital: The Case of Punjab". Journal of Asian Studies 67 (3): 917–46. doi:10.1017/s0021911808001204. http://alyssaayres.com/pdf/Ayres-JAS-Language-Nation.pdf. 
  20. Thandi, edited and introduced by Pritam Singh and Shinder S. (1996). Globalisation and the region : explorations in Punjabi identity. Coventry, United Kingdom: Association for Punjab Studies (UK). ISBN 1874699054. 

پڻ ڏسو[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]