بنجو آبشار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بنجو آبشار

بنجو آبشار (انگريزي ٻولي:Bunjo waterfall) سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي جي کيرٿر جابلو سلسلي مان وهي ايندڙ قدرتي چشمن جي پاڻي جو هڪ آبشار آهي جيڪو اٽڪل 500 فوٽن جي ٽڪري تان هيٺ ڪرندڙ پاڻي جو آبشار آهي. هن آبشار جو پاڻي واهي جي صورت ۾ سيد گاجي شاهه جي درگاھ کان ٿيندو اوڀر طرف ڌونڪ ماٿري ۾ اچي آبادي ڪري ٿو. هن پاڻي جي واهي سبب مقامي ماڙيکڙ دڙو يا پياري جي ماڙي جو ماڳ آهي جنهن کي اين جي مجمدار غازي شاهه جو دڙو نالو ڏنو جنهن تي پوءِ تاج صحرائي ۽ ڊاڪٽر لوئس فليم به تحقيق ڪئي. هي دڙو 6000 هزار سال قديم آهي. هتان موهن جي دڙي جا به آثار ملي هئا. هيءُ آبشار بهترين سياحتي ماڳ آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. "بنجو آبشار : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-30. 
  2. "کيرٿر ۾ بنجو آبشار....عابد لاشاري" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-29.