باب:سنڌ/چونڊ سوانح عمري/1

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حضرت مخدوم بلاول شهيد 856ھ بمطابق 1451ع ۾ حسن سمو جي گهر ۾ هاڻوڪي ڄامشورو ضلعو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي سمه حڪمران گهراڻي سان هو. سندس وڏا اصل ۾ لسٻيلو جا رهاڪو هئا ۽ سومرن جي سنڌ تي حڪومت واري دور ۾ اتي حاڪم طور مقرر هئا. مخدوم بلاول جو ننڍپڻ ۾ ديني ۽ اسلامي تعليم ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو. شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه بخاري پاران قائم مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽان حاصل ڪيائين. مخدوم صاحب ناظره قرآن ۽ فقهه جي ڪتابن سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي علم پرايائين. ديني تعليم پرائي پنهنجي وقت جو وڏو شرعي علم جو ماهر ۽ فقيه بڻيو. سدائين عبادت زهد ۽ تقوى گذاريائين. سندس ناماچار سڄي هندستان ۾ ڦهلي. ان وقت دهليءَ جو مشهور مصنف ۽ شاعر مخدوم جمالي حج تي ويندي هتان گذريو هو سو لکي ٿو ته سنڌ ۾ ٽي روحاني رهبر ۽ عالم آهن، پهريون لال شهباز قلندر، ٻيو مخدوم بلاول ۽ ٽيون مخدوم نوح.جڏهن مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو ته مخدوم بلاول ۽ سندس شاگردن ۽ بلاولي تحريڪ جي پوئلڳن شديد مزاحمت ڪئي جنهنڪري کيس شاھ بيگ ارغون سازش سان شهيد ڪرائي ڇڏيو. مخدوم کي929ھ بمطابق 1522ع ۾ شهيد ڪيو ويو.روايت آهي ته کيس گھاڻي ۾ پيڙھائي شھيد ڪيو ويو هو. (وڌيڪ...)