مواد ڏانھن هلو

اٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پِيٺل اناج کي ’اٽو‘ چئبو آهي. اناج جي سمورين جنسن جو اٽو ٺھندو آهي. عام طرح ان جي ماني پچي ٿي ۽ اهو خوراڪ طور استعمال ٿئي ٿو. سڀ ڪنھن اَٽي ۾ پنھنجي پنھنجي خاصيت هوندي آهي.

اٽي جو ھڪ قسم

سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ ڳاڙهن چانورن جي اٽي جي ماني شوق سان کاڌي ويندي آهي، جيڪا نھايت لذيذ ٿيندي آهي. پيٺل ڪڻڪ جي اٽي مان ڇاڻ ڪڍي، باقي بچيل اٽي کي ’ميدو‘ چئبو آهي. عام ماني گهڻو ڪري ڪڻڪ جي اٽي يا ميدي مان ٺھندي آهي. ڪڻڪ جو اٽو گهڻو ڪري آمريڪا، ڪئناڊا، اولھ يورپ، پاڪستان ۽ هندستان ۾ ٿيندو آهي.

جوئر ۽ ٻاجهريءَ جو اٽو بہ پاڪستان ۽ هندستان جا ماڻهو ڪم آڻيندا آهن. ڪن علائقن ۾ چانورن، مڪائيءَ، چڻن، مٽرن ۽ مڱن جو -اٽو- به تيار ڪندا آهن، جيڪو ٻين کاڌن ۾ ڪم ايندو آهي.

ڪڻڪ جو اٽو بدن کي قوت ڏيندڙ ۽ رت پيدا ڪندڙ آهي. ان اٽي مان نشاستو بہ ٺھندو آهي. گهريلو ٽوٽڪو آهي تہ اَٽي کي پاڻيءَ ۾ رڌي، لُپري ٺاهي، ڪنھن سخت ڳوڙهي ۽ سور واريءَ جاءِ تي ٻڌجي ته ان کي نرم ڪري، ڦاڙي، ڇُٽائي ٿو. اُن جو بُوسو (ڪَتر ۽ تُھَ) ڪوسو ڪري سوڄ واريءَ جاءِ تي ٽاڪور ڪجي تہ مفيد آهي.[1][2]

حوالا

[سنواريو]