نشاستو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

نشاستو      Carbohydrate

”اصغر ساگر“

نشاستو جسم کي توانائي بخشي ٿو ۽ جسم جي بناوٽ جو حصو آھي. نشاستي جو ڪم جسم کي توانائي پھچائڻ آھي. اسان جو ھاضمي جو نظام رت ۾ نشاستي کي گلقاڻ Glucose ۾ تبديل ڪري ٿو. ھي گلقاڻ Glucose توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي جيڪا گهرڙن ۔ ڏورن ۽ جيري ۾ استعمال ٿئي ٿي. گلقاڻ Glucose جي نسل کان سوا واڌو توانائي جيرن ۽ ڏورن ۾ مستقبل جي لاء محفوظ ٿي وڃي ٿي.

     نشاستي کي ڪارب بہ چيو وڃي ٿو خاص ڪري اٽي ۽ ڪڻڪ مان ٺھيل ھر شي ۽ کنڊ ۾ گلقاڻ پاتي وڃي ٿي. ڪارب رت ۾ شامل ٿي رت ۾ شڳر جي مقدار وڌائي ٿي. رت ۾ شڳر جي مقدار وڌيڪ ٿيڻ سان انسولين خارج ٿئي ٿي جنھن سان ھن شڳر جي مطلوبہ مقدار ڏورن ۾ توانائي ٺاھڻ لاء ھلي وڃي ٿي باقي بچيل شڳر کي جيرو چرٻي ۾ تبديل ڪري جسم جي مختلف حصن ۾ جمع ڪرڻ شروع ڪري ٿو جيڪڏھن ضرورت کان وڌيڪ خوراڪ وٺڻ جو ھي سلسلو جاري رھي تہ جيرو لڳاتار چرٻي جمع ڪري ٿو جنھن سان ماڻھو ٿلهو ٿي وڃي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏھن ڪوبہ انسان خوراڪ کان گهٽ نشاستو ۽ مجموعي خوراڪ جون ڪيلريون گهٽ مقدار ۾ وٺڻ شروع ڪري تہ مرحلو ابتو ٿي وڃي ٿو. جيرو جسم ۾ جمع ٿيل تيل چرٻي کي واپس تحليل ڪري رت ۾ غذائيت جي مقدار پوري ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ جيڪڏھن ائين اھو لڳاتار سلسلو رھي تہ ماڻھو سنهو ٿي وڃي ٿو. نشاستي مان پيدا ٿيل چرٻي جو وڌيڪ ھجڻ نقصانڪار آھي جيترو گهٽجڻ ۔ گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ڄڻ تہ چرٻي جمع ۽ خارج ٿيڻ جو ڪم جيري جي ھٿان ٿئي ٿو. جڏھن ھي چرٻي حد کان وڌيڪ جمع ٿئي ٿي تہ انسان جا عضوا متاثر ٿين ٿا ۽ وڌيڪ متاثر ٿيندڙ دل ۽ لبلبو ٿين ٿا. رت ۾ چرٻي جي وڌيڪ مقدار ھجڻ ڪري دل جون بيماريون ٿين ٿيون ۽ چرٻي جو لبلبي تي اثرانداز ٿيڻ ڪري شڳر جي بيماري شروع ٿي وڃي ٿي. ان کان سوا جسم جا اھم عضوا جيڪي انسان جي زندگي لاء ضروري آھن اھي چرٻي سان ڍڪجي وڃن ٿا جنھن سان انهن جي ناڪام ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. وزن وڌيڪ ٿيڻ جي ڪري پير ۔ جوڙ ۽ تمام وزن کڻندڙ عضوا گس گاٺ جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ مريض ھلڻ ڦرڻ کان قاصر ٿي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ متوازن غذا جو تصور ناھي جڏھن تہ انگريزن جي ملڪ ۾ کاڌو پروٽين ۽ سبزين تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ اتي گھ تمام ننڍي بوتل ۾ ملي ٿو ايترو جيترو اسان وٽ مٿي کي تيل ھنيو وڃي ٿو ھڪ ننڍي شيشي تيل جي اتان کنيل تيل چانھن جي چمچي جيترو اھو اٻريل سبزي ۾ پوي ٿو ۽ ٻين کاڌن ۾ ملايو وڃي ٿو پڪائڻ کان پوء.

ھڪ گرام نشاستي ۾ 4 ڪيلريون ملن ٿيون. خيال رھي تہ ميڊيڪل لائن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيلرين کي C سان لکيو وڃي ٿو ۽ انجنيرنگ ۾استعمال ٿيندڙ ننڍي c کان ھزار دفعا وڏي ٿئي ٿي

يعني kcal = kilocalories = Calories

نشاستو چانورن ۔ پٽاٽن ۽ سبزين ۾ پاتي وڃي ٿو. انساني جسم لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو توانائي نشاستي مان حاصل ڪري ٿو. نشاستو انساني دماغ ۽ مشڪن لاء توانائي جو وڏو ذريعو آھي. نشاستي ۾ نائٽروجن نٿي ٿئي. انساني جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ نشاستي ڪٺي ڪرڻ جي گنجائش نٿي رھي ٿورو جيڪو ذخيرو رھي ٿو اھو حيواڻ (حيواني نشاستو) Glycogen جي شڪل ۾ جيري ۽ مشڪن ۾ رھي ٿو. عام گهريلو کنڊ کي سڪروز Sucrose چون ٿا. ھي 100 فيصد نشاستو ٿئي ٿو.ھڪ چانھن جي چمچي ۾ 30 ڪيلريون ٿين ٿيون.

نشاستو جسم جي اندر ٻارڻ طور ڪم ڪري ٿو. جڏھن اسان ورزش ڪريون ٿا  تہ نشاستا Carbs ڏورن ۾ موجود حيواڻ Glycogen ۽ خون ۾ موجود گلقاڻ Glucose استعمال ڪندي ATP ٺاھي ٿو. ATP اھا توانائي آھي جنھن جي جسم کي ضرورت رھي ٿي. ورزش دوران 3 سرشتا جسم بنائي ٿو.

پھريون فاسفوڄن Phosphagen جنھن کي ATP جلدي بنائي ٿو. ورزش دوران ATP فاسفوڄن کي وڌيڪ مقدار ۾ نٿو ٺاھي. 14 سيڪنڊ ورزش ڪرڻ کان پوء فاسفوڄن پنھنجو ڪم شروع ڪري ٿو. فاسفوڄن جي نظام ختم ٿيڻ بعد گلقيت Glycolysis شروع ٿي وڃي ٿي. گلقيت گلقاڻ کي ٽوڙي ٿي ۽ پيرو ايسڊ Pyruvate ۽ ATP ڇڏي ٿي. آڪسيجن جي موجودگي ۾ پيرو ايسڊ Pyruvate سائيڪل krebs ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. سائيڪل Krebs ڳوٽ Mitochondria سان گڏ ٿئي ٿو. جيڪڏھن جسم ۾ مناسب مقدار ۾ گلقاڻ موجود ناھي تہ گلقيت جو عمل آھستي ٿي وڃي ٿو. پائرو تيزاب Pyruvate جي بغير Krebs سائيڪل سست ٿي وڃي ٿو ۽ توھان جي گهرڙبدليت کي گهٽ ڪري ٿو.

مطلب نڪري ٿو ھڪ سست گهرڙبدليت Metabolism وزن ۾ گهٽتائي آھي. نشاستا جسم ۾ گلقاڻ Glucose  پيدا ڪن ٿا جيڪي جسم کي توانائي فراھم ڪن ٿا ۽ ان دوران چرٻي ڳري ٿي ۽ مثبت انداز ۾ نتيجو حاصل ٿئي ٿو جيڪڏھن اسان وزن گهٽائڻ چاھيون ٿا تہ نشاستي کان ڊڄڻ جي ضرورت ناھي پر پورو پنو استعمال ڪجي نہ گهٽ نڪي وڌيڪ. ھي توانائي توھان جي جسم جي چرٻي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.

نشاستو بنيادي طور تي ٻن قسمن جو ٿئي ٿو.

(1) سادو نشاستو ۔ سادو ڪارب      Monosaccharides

(2) پيچيدھ نشاستو ۔ پيچيدھ ڪارب    Disaccharides

سادي ڪارب ۾ کنڊ شامل ٿئي ٿي جڏھن تہ پيچيدھ ڪارب ۾  نشاستي کان غذائي تاندورن Fibers تائين قسم اچي وڃن ٿا.

1) سادو نشاستو      Monosaccharides

سادو نشاستو مونوساچيريڊ سڏجي ٿو. مونو معنا سادو ۽ چيريڊ معنا کنڊ. ھن سادي نشاستي کي ٽوڙي نہ ٿو سگهجي.

سادي نشاستي جا ٽي قسم آھن.

(1) گلقاڻ ۔ گلوڪاڻ           Glucose

ھڪ سادي کنڊ جيڪا ٻوٽن ۾ پاتي وڃي ٿي.

(2) نمٺاڻ ۔ نباتاتي مٺاڻ     Fructose

اھڙي سادي کنڊ جيڪا ميون ۽ ٻين ٻوٽن ۾ پاتي وڃي ٿي جيڪي بنيادي خوراڪ وارا ٿين ٿا ھي ھاضمي جي نظام دوران رت جي دوري ۾ سڌو سنئون جذب ٿئي ٿي.

(3) شيراڻ                        Galactose

ھي سادي کنڊ کير ۾ پاتي وڃي ٿي. ھي ٻارڻ جي گهرڙبدليت لاء سڀ کان پھرين ذريعو آھي جيڪو جسم ۾ توانائي جي پيداوار جو عمل آھي.

سادي نشاستي ۾ قدرتي طور تي کنڊ شامل آھي ۽ ميوا ۔ سبزيون۔ کير ۔ کير واريون شيون. ان کان علاوہ سادي کنڊ سان گڏ پيداوار جي عمل دوران ڪجھ مصنوعات يقيني طور تي مالامال آھن.

(2) پیچیدھ نشاستو        Disaccharides

پيچيدھ نشاستو متوقع طور تي سادي نشاستي Monosaccharides جو ھڪ کان وڌيڪ ڪيميائي مجموعو آھي جنھن کي سمجهڻ لاء ھيٺيون شيون مددگار ٿي سگهن ٿيون.

(1) گلقاڻ Glucose ۽ نمٺاڻ Fructose جو گڏيل نتيجو پيچيدھ ڪارب جا ذريعا ھوندا. اسان انهن ذريعن کي روازانو جي بنياد استعمال ڪري سگهون ٿا. ھي کنڊ توھان دڪان تان حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ چانھن جي مٺاڻ لاء استعمال ڪري سگهو ٿا.

(2) گلقاڻ Glucose مجموعو آھي جيڪو شيراڻ Galactose سان گڏ کيراڻ Lectose جي پيداوار ڪري ٿو جيئن کير ۾ مٺاڻ وغيرھ.

(3) گلقاڻ مجموعو خود گل ماکي Meltose جي پيداوار ڪري ٿو جيڪو کنڊ ۾ شامل آھي. پيچيدھ نشاستا خالص شين مان حاصل ڪري سگهجن ٿا جيئن اناج ۔ ماني خالص ۔ نشاستي واريون سبزيون ۽ ترڪاريون وغيرھ. اڪثر پيچيدھ ڪارب ريشي وارين غذائن جا بھترين وسيلا آھن.

احتياط ۽ اپاء :-

نشاستا قدرتي غذا مان حاصل ڪيا وڃن تہ بھتر آھي. قدرتي غذا ۾ سبزيون ۔ ميوو ۔ اناج ۽ ڪڻڪ جي مصنوعات شامل آھن. ھي مصنوعات ڀرپور غذائيت سان گڏ تاندورن جي غيرمعمولي مقدار سان لبريز ٿئي ٿي.

سفيد چانور ۔ سفيد پستا ۔۽ سفيد ماني ڪارب جي وافر مقدار رکن ٿا. قدرتي غذا ۾  خوراڪ جي عمل دوران وٽامن ۔ معدنيات ۽ ريشيدار غذائون جلدي ھضم ٿين ٿيون. صحت جي ماھرن مطابق صحيح ڪارب ھيٺين شين کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا.

سوڌيل کاڌي Refined food کان بچجي.

قدرتي خوراڪ ۽ سڄي ان وارين اپتن تي ڀاڙجي.

ڪڻڪ جي اٽي مان ڇلي نہ ڪڍجي.

لوبيا وڌيڪ کائجي.

تازا ميوا ۽ سبزيون کائجن.

کنڊ وارن مشروبن ۽ رسن کان بچجي.