پاڻ تي ڀاڙڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پاڻ تي ڀاڙڻ، پاڻ سهائتا يا سيلف هيلپ (Self help) هڪ اهڙو بين الاقوامي لاڳاپڻ جو اصطلاح آهي، جيڪو حقيقت پسند ۽ خيال پرست نظريي 'دانن ۾ هڪ جيتري اهميت وارو آهي. بين الاقوامي قانونن ۽ گڏيل قومن جي پڌرنامي جي تفصيلن مطابق، هر جمهوري ملڪ کي سيڪيورٽي ۽ سالميت جي حوالي سان پنهنجي مدد پاڻ تحت قدم کڻڻ جي اجازت آهي. سياسي، معاشي، سماجي ۽ قانوني سڌارا آڻڻ لاءِ هر ملڪ پنهنجي سگهه ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪندي، ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جو حق رکي ٿو، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته پاڻ تي ڀاڙڻ جو نظريو، رياستن کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو. تاريخي لحاظ سان ڏسجي، ته يوناني دور کان ”سيلف هيلپ“ جا مثال ملن ٿا، پر اڻويهين ۽ ويهين عيسوي صدين ۾ صنعتي، سياسي ۽ سماجي انقلاب اچڻ ڪري، ”پاڻ تي ڀاڙڻ“ جي حيثيت تمام گهڻي وڌي وئي آهي. هن وقت تائين ان علم جهڙو ڪو ٻيو عنصر بين الاقوامي لاڳاپن ۾ سامهون نه اچي سگهيو آهي، ڇاڪاڻ جو طاقت کي برابر رکڻ لاءِ اتحاد يا گڏيل فوجي اتحاد (مثال: نيٽو) قائم ڪرڻ سان، ”پاڻ تي ڀاڙڻ“ جي اهميت بلڪل گهٽ نه ٿي ٿئي، پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ دنيا ۾ هر ملڪ جي بنيادي پاليسي رهي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به رهندي.[1]

حوالا[سنواريو]