رومي سلطنت
زمانئه قديم جي هڪ سلطنت، جنهن جي گادي جو هنڌ روم ھيو۔ هن سلطنت جو پهريون بادشاهه آگسٽس سيزر هيو جيڪو 27 قبل مسيح ۾ تخت تي ويٺو۔ هن کان پهرين روم هڪ جمهوريه هيو جيڪا جوليس سيزر ۽ پومپي جي گهرو ويڙهه ۽ گائس ماريئس ۽ سولا جي تنازعن جي ڪري ڪمزور ٿي وئي هئي۔
ڪافي موجوده ملڪ بشمول انگلستان، اسپین، فرانس، اٽلي، يونان، ترڪي ۽ مصر هن عظيم سلطنت جو حصو هيا۔ رومي سلطنت جي ٻولي لاطيني ۽ يوناني هئي۔ اولاهين رومي سلطنت 500 سالن تائين قائم رهي جڏهن ته اوڀارين يعني بازنطيني سلطنت، جنهن ۾ يونان ۽ ترڪي شامل هيا، هڪ هزار سالن تائين موجود رهي۔ اوڀارين سلطنت جي گادي جو هنڌ قسطنطنيه هيو۔
مغربي )اولاهين( رومي سلطنت 4 سيپٽمبر 476ء تي جرمنن جي هٿان تباهه ٿي وئي جڏهن ته بازنطيني سلطنت 29 مئي 1453ء ۾ عثمانين جي هٿان فتح قسطنطنيه سان گڏ ختم ڪري ڇڏي۔
پنهنجي عروج جي دور ۾ رومي سلطنت 5،900،000 چورس ڪلوميٽرن (2،300،000 چورس ميل) تي پکڙيل هئي۔ اولاهين تهذيب جي ثقافت، قانون، طرزيات، فن، ٻولي، مذهب، طرز حڪومت، فوجون ۽ طرز تعمير ۾ اڄ به رومي سلطنت جي جھلڪ نظر ايندي آهي۔
لاڳاپيل مضمون[سنواريو]
| وڪيميڊيا العام ۾ Ancient Rome ملاحظا ڪريو |