ايم ڪمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ايم ڪمل جو اصل نالو 'مولچند منگهارام بندراڻي آھي. سندس جنم ڪنڊياري ۾ 8 آگسٽ 1925ع ڌاري ٿيو. هن پنهنجي سموري تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. 1940ع ڌاري ماڊل هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ۽ انٽر سائنس ڊي جي ڪاليج مان ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پاڻ الهاس نگر ممبئي وڃي رهيو. ريلوي ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ ان سان توڙ نڀايائين، 1983ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين.

ايم ڪمل جي ادبي شروعات هڪ شاعر جي حيثيت سان ٿئي ٿي، پر اها شاعري اردو ٻوليءَ ۾ هئي. اهڙِيءَ طرح هن جي ڄاڻ سڃاڻ سڳن آهوجا ۽ موهن ڪلپنا سان ٿي. انهن جي زور ڀرڻ تي ايم ڪمل سنڌي شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن سنڌي ساهت کي لڳ ڀڳ ويهه کن ڪتاب ڏنا، شاعريءَ کان علاوه ناٽڪ نويسي ۾ پڻ موچارو نانءُ ڪمايائين. هن جي ڪجهه ڇپيل ڪتابن جا نالا ننڊ ۽ جاڳ (1965ع)، ڳرندڙ برف جا نقش (1975ع)، روشن راهون (1981ع)، باهه جا وارث (1986ع) سوچ جا پاڇا (1989ع)، اڃايل لهر (1989ع)، سوجهرو شام جو (1992ع)، ٻنهي پاسي باهيون (1994ع)، من مڙي نٿو (1995ع)، آخري اُڏام (1997ع) آهن.

ايم ڪمل جيتوڻيڪ ناٽڪ نويسي به ڪئي پر تنهن هوندي به هن جي مڃتا ۽ حيثيت هڪ شاعر جي حيثيت سان آهي. هن نظم ۽ غزل تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي. هن اٽڪل 650 غزل لکيا آهن. پاڻ ڪيترائي ادبي انعام ۽ مڃتا ايوارڊ ماڻيائين. ايم ڪمل جا ناٽڪ نويس طور جيڪي ڪتاب شايع ٿيا انهن ۾ ميونسپل ڪائونسلر (1979ع)، ناٽڪ (1980ع)، ماچيس ڪٿي آهي (1985ع)، کوٽو سڪو (1987ع)، خوشخبري (1990ع) ۽ فريم ۾ مڙهيل شخص (1991ع) شامل آهن. سندس ناٽڪ ”ميونسپل ڪائونسلر“ کي 1976ع ۾ بهترين ناٽڪ طور ”انٽربئنڪ ناٽڪ چٽاڀيٽي“ پاران ٽرافي ملي چڪي آهي.

ايم ڪمل ڪيترن ئي فنڪارن جي رهنمائي ڪري چڪو آهي. ان لاءِ هن ”مهراڻ رنگ منچ“ جي نالي هڪ ڊراما گروپ قائم ڪيو. کيس ڪيترن ئي انعامن سان گڏ مرڪزي سرڪار ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ، مرڪزي هندي ڊائريڪٽوريٽ پاران ٻه انعام ۽ 1990ع ۾ مها راشٽر سرڪار کان هڪ لک روپين جو ”گرو پرسڪار“ پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. جهڙي طرح نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هو مستقل مزاج رهيو آھي. سندس رھائش اڄ بھ الهاس نگر ۾ ئي آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري شاعر جو اصل نالو مولچند منگهارام بندراڻي آهي ، جيڪو -تاريخ- 8 -آگسٽ- 1925ع تي شهر ڪنڊياري تعلقي ۽ ضلعي نوابشاهه ( موجوده ضلعي نوشهري فيروز ) ۾ ڄائو . انٽر سائنس تائين پڙهيل آهي . سندس سڃاڻپ ليکڪ ، شاعر ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان آهي . هيءُ هندستان ۾ هن وقت سنڌي زبان جي چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو . جديد غزل جو وڏو شاعر آهي . سندس شاعريءَ جا 15 ۽ ناٽڪن جا 7 ڪتاب ڇپيل آهن ، -جن- مان ڪي اهم هي آهن: ’ننڊ ۽ -جاڳ- ‘ ( شاعري: 1965ع ) ، ’جهريل جيءُ ‘ ( شاعري: 1971ع ) ، ’ڳرندڙ -برف- جا نقش ‘ ( شاعري: 1975ع ) ، ’ميونسپل ڪائونسلر ‘ ( ناٽڪ: 1979ع ) ، ’روشن راهون ڌنڌلا ماڳ ‘ ( شاعري: 1981ع ) ، ’پنجاهه غزل ‘ ( شاعري: 1983ع ) ، ’ماچيس ڪٿي آهي؟ ‘ ( ناٽڪ: 1985ع ) ، ’-باهه- جا وارث ‘ ( شاعري: 1986ع ) ، ’ميرانجهڙو ٿڪ ‘ ( شاعري: 1988ع ) ، ’سوچ جا پاڇا ‘ ( شاعري: 1989ع ) ، ’اڃايل لهر ‘ ( شاعري: 1989ع ) ، ’ڪوسي رک ‘ ( شاعري: 1990ع ) ، ’خوشخبري ‘ ( ناٽڪ: 1990ع ) ، ’فريم ۾ مڙهيل شخص ‘ ( ناٽڪ 1991ع ) ، ’ميونسپل ڪائونسلر ‘ ( ايڪانيڪي ناٽڪن جا مجموعا ) ، ’سهميل شام ‘ ( شاعري: 1992ع ، ’سوجهرو شام جو ‘ ( شاعري: 1992ع ) ، ’-ٻنهي پاسي باهيون- ‘ ( شاعري: 1994ع ) ، ’من مڙي ئي نٿو ‘ ( شاعري: 1995ع ) ، ’آخري -اڏام- ‘ ( شاعري: 1997ع ) ، ’لڪل اوجاڳا ‘ ( شاعري: 1998ع ) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن . هدايتڪار طور ڪجهه ايڪانڪي ناٽڪن ۾ به ڪم ڪيل اٿس . سندس ڪتاب ’-باهه- جا وارث ‘ تي سال 1989ع لاءِ مرڪزي ساهتيه اڪادمي طرفان -انعام- مليل آهي . هو 3 فيبروري 2010ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  • رسالو، ”سوجهرو“ ڪراچي.