الھاس نگر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(الھاس نگر ممبئي کان چوريل)
الهاس نگر
شهر
ممبئي ميٽروپوليٽن سٽي
الهاس نگر ريلوي اسٽيشن (جون 2000)
الهاس نگر ريلوي اسٽيشن (جون 2000)
الهاس نگر is located in مھاراشٽر
الهاس نگر
الهاس نگر
جاگرافي بيهڪ: 19°13′N 73°09′E / 19.22°N 73.15°E / 19.22; 73.15مڪانيت: 19°13′N 73°09′E / 19.22°N 73.15°E / 19.22; 73.15
ملڪ  ڀارت
رياست مهاراشٽر
ضلعو ٿاني
حڪومت
 • قسم ميونسپل ڪارپوريشن
پکيڙ
 • ڪل 13 ڪ.م2 (5 ميل2)
بلندي 19 ميل (62 ft)
آبادي (2011)
 • ڪل 506,098
الهاس نگر ريلوي اسٽيشن

الهاس نگر (انگريزي: Ulhas Nagar) هندستان جي رياست مهاراشتر جي ضلعي ٿاني جو هڪ شهر آهي. ھي الھاس نگر تعلقي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. هتي سنڌ کان لڏي ويل هندو سنڌي وڏي تعداد ۾ رهن ٿا[1]. هيءُ شهر ممبئي ميٽروپوليٽن واري علائقي جو حصو آهي ممبئي شهر کان اٽڪل 60 ڪلوميٽر پري آهي. 2011ع وارن انگن اکرن مطابق هن شهر جي آدمشماري 506098 آهي[2]. هتي هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي جيڪا ممبئي کي پوني سان ملائيندڙ مرڪزي ريلوي لائين تي قائم ٿيل آهي. هتي سنڌي کاڌا عام جام ملن ٿا. هندستان ۾ رهندڙ ڪيترن ئي سنڌي اديبن جي رهائش هن شهر ۾ آهي. هن شهر کي ننڍڙي سنڌ چئجي ته غلط نه ٿيندو.

تاريخ[سنواريو]

ٻي عالمگير جنگ ۾ فوجين لاءِ پنج فوجي ڪئمپون ٺاهيون ويون هيون جن ۾ 6000 سپاهين ۽ 20000 ٻين ماڻهن جي رهڻ جي گنجائش هئي. هنن ڪئمپن کي ”ڪلياڻ فوجي ڪئمپون“ سڏيو ويندو هو. هتي 2126 فوجي بئريڪ ۽ 1173 گهر ٺاهيا ويا هئا. ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ اهي ڪئمپون اجڙي ويون ۽ فوجي هتان هليا ويا. 1947ع ۾ ھندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڳڀڳ هڪ لک سنڌي هندن کي هتي رهايو ويو.[3]. اٺين آگسٽ 1949ع تي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ هن هنڌ کي هڪ ننڍي شهر (Town) جي حيثيت ڏني وئي. ان وقت جي گورنر جنرل هن شهر جو نالو ”اُلهاس نگر“ رکيو جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشين جو شهر“. 1955ع ۾ هتي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي. جنوري 1960ع ۾ هتي الهاس نگر ميونسپالٽي جو بنياد رکيو ويو. 1965ع ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جون پهريون چونڊون ٿيون. 1970ع جي پوئين اڌ تائين هتان جا اڪثر رهواسي سنڌ کان لڏي آيل سنڌي هندو هئا. 2010ع ۾ هن شهر ۾ اٽڪل چار لک سنڌي هندو آباد هئا[4].

شهر جو وڻج واپار[سنواريو]

الهاس نگر جو هڪ دوڪان

هيءُ هڪ صنعتي شهر آهي. هتي ريشمي ڪپڙي، ڪپڙي جي رڱائي، برقيات ۽ اليڪٽرانڪس جي سامان ۽ مٺاين جا وڏا وڏا دڪان آهن. هتان جينز جون پتلونون سـڄي دنيا ۾ وڪري لاءِ موڪليون وڃن ٿيون. هتان جي فرنيچر مارڪيٽ به ڪافي مقبول آهي. شهر ۾ باھ وسائڻ جو مرڪز ۽ 60 خانگي اسپتالون قائم آهن. هتان جا سنڌي کاڌاڪافي مشهور آهن، جن ۾ دال پڪان، پوري ۽ چاٽ خاص ذڪر جي لائق آهن[5].

شهر جي آبادي[سنواريو]

الهاس نگر جو هڪ مندر

2011ع واري آدمشماريءَ مطابق هيءُ مهاراشٽر رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان 22هون۽ هندستان جو 88هون وڏو شهر آهي. هتان جي آبادي %53 مردن ۽ %47 عورتن تي مشتمل آهي.

مذهب سيڪڙو
هندو 74%
ٻڌ 15%
جين 5.7%
عيسائي 2.4%
ٻيا 1.3%
مسلمان 1%

تعليم[سنواريو]

آر ڪي تلريجا ڪاليج

هن شهر ۾ 29 پرائمري اسڪول، 56 سيڪنڊري اسڪول ۽ 9 هاير سيڪنڊري اسڪول قائم آهن. هن شهر ۾ هيٺيان ڪاليج ڪم ڪري رهيا آهن:

  • پرنسيپال ڪي ايم ڪندناڻي فارميسي پوليٽيڪنڪ ڪاليج
  • انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
  • ڊاڪٽر ايل ايڇ هيراننداڻي ڪاليج آف فارميسي
  • ايڇ اينڊ جي ايڇ منسکاڻي انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ
  • ناري گرسهاڻي لا ڪاليج

الهاس گرلس ڪاليج 1961ع ۾ قائم ٿيو جنهن کي اڄڪله آر ڪي تلريجا ڪاليج ڪوٺيو وڃي ٿو.

حوالا

  1. "Ulhasnagar, India, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  2. Ulhasnagar in Thane Maharashter - Municipal Corporation, Last Visited on 28th January 2020
  3. Lyer S., ULHASNAGAR - A Glance down History from Shambles to a Settlement, Sindhistan, Vol. 1, No. 2, 2002
  4. "Information About Ulhasnagar, An Overview of Ulhasnagar". www.ulhasnagaronline.in. حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  5. Ten Things to do in Ulhasnagar, Last Visited on 29th January 2020