ڪاروبار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪاروبار

ڪاروبار: ڌنڌو: بزنس: Business: انسان جي زندگي ۽ معاشري جو سفر جنهن دور کان شروع ٿيو آهي، اهو محدود ضرورتن جو دور هيو، جنهن ۾ شايد غذا جي ضرورت ئي هڪ وڏي ضرورت هئي، ڇو ته ماڻهن جي رهڻ لاء جبل ۽ ميداني علائقا هوندا هئا ۽ ڪپڙي جي تي جانورن جو کلون ڪم ۾ اينديون هيون. غذا جي لاءِ ماڻهو زمينن تي پوکيل فصل مان اناج ۽ ميوو حاصل ڪري پنهنجي زندگي گذاريندا هئا.
ڪاروبار ھڪ وسيع اصطلاح آهي جنھن م جملي سموريون پيداواري سرگرميون شامل ٿين ٿيون. ھر اھا سرگرمي جيڪا پيداوار، شين جي ھڪ جاء کان ٻي جاءِ تي منتقلي، ويمو، يا شين جي مارڪيٽ ۾ وڪري يا واپار جي متعلق ھر سرگرمي يا ڪامرس سڀ ڪاروبار جو حصو آهن. ان ۾ کاڻيون کوٽڻ جو ڪم، تعميرات، ماھيگيري به ڪاروبار جو حصو آھن.

ڪاروبار جي تعريف[سنواريو]

ڪاروبار ان سڀني سرگرمين ۽ فعلن جو نالو آهي، جنهن جو لاڳاپو شين جي پيداوار، انهن جي وٺڻ، وڪڻڻ ۽ ان جي اهڙي ورهاست جنهن سان نه صرف فائدو ٿي بلڪي معاشري جو فائدو بہ ٿئي.

ڪاروبار جي اهميت[سنواريو]

ڪاروبار نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ڪري ٿو پر اهو انسان جي معاشري جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪاروبار معاشري ۾ تعليم ۽ ترغيب جو سبب پڻ بڻجي ٿو، جنهن سان ملڪ جون معاشي ۽ دفاعي حالتون به سڌرن ٿيون.