ايريزونا

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسٽيٽ آف ايريزونا
State of Arizona

Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊو Seal
Projection of North America with the United States in green
The United States and its territories
ايريزونا جي رياست ڳاڙهي رنگ سان آمريڪا جي گڏيل رياستن جي نقشي ۾ ڏيکاريل
گادي جو هنڌ فينڪس
سڀ کان وڏو شهر فينڪس
دفتري ٻوليون انگريزي
مقامي ٻوليون. *انگريزي ڳالهائيندڙ: 74.1 سيڪڙو
  • اسپيني ڳالھائيندڙ: 19.5 سيڪڙو
  • ناواجو ٻولي ڳالهائيندڙ:1.9سيڪڙو
  • باقي ٻيا :4.5 سيڪڙو
مقامي آبادي ايريزونين
حڪومت جھموريت
ريپبلڪن پارٽي جو ڊوگ ڊيوسي
مشيل ريگن
• سينيٽر
ٻئي ريپبلڪن پارٽيءَ جا:
مقننه ايريزونا ليجسليچر
سينيٽ جنھن ۾ رياست جا ٻہ ميمبر
ھائوس آف رپريزنٽٽيٽوز جنھن ۾ رياست جا 9 ميمبر جن مان 5 ريپبلڪن پارٽي جا ۽ 4 ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا آھن (2018)
قیام
• پراڻو نالو
ايريزونا ٽيريٽري
• وفاق واري يونين ۾ شامل ٿيڻ جي تاريخ
14 فيبروري 1912
• سڀ کان وڏي ڪائونٽي
ڪوڪونينو
پکيڙ
• 
295٬234 km2 (113٬990 sq mi) (ڇھون نمبر)
• پاڻي (%)
0.35 سيڪڙو
آبادي
• 2017 اندازو
7,016,270 (2017 est.) (14 نمبر)
• 2016 مردم شماري
7,016,270 (2017 est. (آمريڪي رياستن ۾ نمبر)
•  گھاٽائي
22 /km2 (57.0 /sq mi) (33 رياستن ۾ نمبر)
ايرزونا جون رياستي علامتون

'''ايرزونا''' جو جھنڊو

'''ايرزونا''' جي مھر
زندہ علامتون
جلٿليو جانور ايرزونا جو وڻن وارو ڏيڏر
پکي ڪيڪٽس رين (Cactus wren)
Cactus wren, the Arizona state bird
پوپٽ پپيلو ملٽيڪاديتا (Papilio multicaudata)
Mud-puddling in Arizona, United States
مڇي اپاچي ٽرائوٽ (Apache trout )
گل سھارو ٿوھر جو گل
سگوارو ٿوھر (Saguaro cactus)جو ھل ايرزونا جو سرڪاري گل آھي
مئمل ڇليدار پڇ واري ٻلي (Ring-tailed cat)
Two ringtails
ڪرڙانگ جانور ڪروٽلس ولارڊي (Crotalus willardi)
وڻ پئلو وردي(Palo verde) يا پارڪنسونيا (Parkinsonia)
بي جان علامتون
رنگ نيرو ، پراڻي سون جو رنگ
آتشي ھٿيار ڪولٽ روالور
پنڊ پهڻ Petrified wood
قيمتي پٿر فيروزو (Turquoise)
چوڻي Latin: Ditat Deus
(God enriches)
جبل Petrified wood
سامونڊي جھاز USS Arizona
نعرو The Grand Canyon State
ڀومي Casa Grande
گيت "Arizona March Song"
"Arizona" (alternate)
State route marker
ايرزونا state route marker
State quarter
ايرزونا quarter dollar coin
Released in 2008
Lists of United States state symbols

ايريزونا (انگريزي: Arizona) آمريڪا جي گڏيل رياستن مان هڪ رياست آهي جيڪا آمريڪا جي پکيڙ جي لحاظ کان ڇهين وڏي رياست ۽ آباديءَ جي لحاظ کان چوڏهين وڏي رياست آهي. هن رياست جي گاديءَ جو هنڌ فينڪس (Phoenix) آهي جيڪو هن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر پڻ آهي. هن رياست جي اولھ ۾ آمريڪي رياستون نيوادا (Nevada) ۽ ڪيليفورنيا (California) موجود آهن جڏهن ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ هن جون سرحدون ميڪسيڪو جي سونورا (Sonora) ۽ باجا ڪيليفورنيا (Baja California) سان ملن ٿيون.

ايريزونا آمريڪا جي 48هين رياست آهي جنهن کي 14 فيبروري 1912ع تي آمريڪا جي رياست جو درجو ڏنو ويو. جيئن ته 14 فيبروري ”ويلنٽائن ڊي“ آهي انڪري هن رياست کي ”ويلنٽائن رياست“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. تاريخي طور تي ايريزونا ميڪسيڪو جي الٽا ڪيليفورنيا جو حصو هئي ۽ 1821ع ۾ آزاد ميڪسيڪو جو حصو بنجي وئي. 1848ع ۾ ميڪسيڪو آمريڪا جنگ کان پوءِ هن رياست جي وڏي حصي تي آمريڪا قبضو ڪري ورتو. 1853ع ۾ هن جو ڏاکڻيون حصو آمريڪا ميڪسيڪو کان خريد ڪري ورتو.

ڏکڻ ايريزونا جي موسم ريگستاني آهي. هتي اونهاري ۾ تمام گهڻي گرمي ۽ سياري ۾ ٺيڪ ٺاڪ سيءُ پوي ٿو. اترايريزونا ۾ گهاٽا ٻيلا، وڏا وڏا جبل، گهريون کاهيون ۽ لَڪَ (canyons) موجود آهن جتي اونهاري ۾ تمام گهڻي گرمي ۽ سياري ۾ برفباري ٿئي ٿي. هن رياست جي فليگشپ (Flagship)، الپائين (Alpine) ۽ توسان (Tucson) وارن علائقن ۾ برف تي ترڪڻ (Skiing) جون سهولتون موجود آهن. هتان جو گهرين کاهين ۽ جابلو لڪن تي مشتمل گرانڊ ڪينئون نيشنل پارڪ (Grand Canyon National Park) دنيا جي ستن عجائبات مان هڪ عجوبو آهي. هن علائقي ۾ ڪيترائي قومي ٻيلا، قومي پارڪ ۽ قومي يادگار ڏسڻ لاءِ ملندا.

هن رياست جي لڳڀڳ چوٿين حصي تي آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن (ريڊ انڊين) جا آستان موجود آهن[1]. خاص طور تي نواجو قبيلي جا اٽڪل ٽي لک ماڻهو هن رياست ۾ آباد آهن. هنن اصلوڪن رهواسين کي 1924ع تائين ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل نه هو. ڪجهه علائقن ۾ ته کين 1948ع تائين ووٽ جو حق حاصل نه هو[2].

نالو ۽ مطلب[سنواريو]

ايرزونا اسپيني ٻوليءَ جي لفظ ايرزونڪ Arizonac مان نڪتل معلوم ٿئي ٿو جيڪو وري اوضم (O'odham) جي نالي ايلسونڪ مان نڪتل آهي جنھن جي معني آھي پاڻي جو ننڍو چشمو.اھو نالو شروع ۾ پلانچاس ڊي پلاٽا، سونورا جي چاندي واري کاڻ جي ويجهي واري علائقي تي پيو[3][4][5]

تاريخ[سنواريو]

جديد زماني کان هزارين ورهيه پهرين هتي آمريڪا جي اصلوڪن رهواسين جا ڪئين قبيلا آباد هئا. هوهوڪام (Hohokam)، موگولون (Mogolon) ۽ پوئبلون (Puebloan) قبيلن جي ثقافت ۽ ريتون ۽ رسمون هن سڄي رياست ۾ رائج هيون. هنن جون وسنديون ۽ واهڻ، جبلن تي ٿيل چٽسالي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا تاريخي يادگار اڃا تائين موجود آهن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان هزارين سيلاني هن رياست جو رخ ڪن ٿا. 1539ع ۾ اسپين جو پادري مارڪوز ڊي نيزا يورپ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو هنن اصلوڪن رهواسين سان لھ وچڙ ۾ آيو. هن موجودھ ايريزونا رياست جا ڪجهه حصا گهمي ڏٺا ۽ هتان جي رهواسين سان ملاقاتون ڪيون. انهن ڏينهن ۾ اسپين ۾ اها ڏندڪٿا مشهور هئي ته ايريزونا ۾ ست اهڙا شهر موجود آهن جيڪي سڄا سون مان ٺهيل آهن. انهن شهرن کي ڳولڻ لاءِ اسپين جو سياح ڪورونيدو (Coronado) سال 1540ع کان 1542ع تائين اهي سونا شهر ڳوليندو رهيو پر کيس اهڙو ڪوبه شهر نه مليو. ان ئي دور ۾ هتي پهريون ڀيرو اسپيني لوڪن پنهنجون وسنديون قائم ڪيون. اٽليءَ جو پادري جُوسبيو ڪينو (1645ع ــ 1711ع) ٻيو وڏو يورپي پادري هو جيڪو هن علائقي ۾ عيسائي مذهب جي پرچار لاءِ آيو. هن ڪيترن ئي اصلوڪن رهواسين کي عيسائي بنايو. 1752ع ۾ اسپين مان لڏي آيل ماڻهن ٽيوبيڪ (Tubac) شهر جو بنياد وڌو. 1775ع ۾ هنن ٽڪسن (Tucson) شهر قائم ڪيو.

1881ع ۾ جڏهن ميڪسيڪو اسپين کان آزادي حاصل ڪئي ته ايريزونا وارو علائقو ميڪسيڪو جو حصو بنجي ويو. البت يورپ کان لڏي آيل اسپيني اتي ئي رهيا ۽ هنن هي علائقو نه ڇڏيو. 48 ــ1847ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ آمريڪا سوڀارو ٿيو ۽ موجودھ ايريزونا جو وڏو حصو آمريڪا جو حصو بنجي ويو. 1848ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن تحت آمريڪا 15 ملين ڊالر ميڪسيڪو کي ادا ڪري ايريزونا جا باقي رهيل حصا آمريڪا ۾ شامل ڪري ڇڏيا.

ھزراين سالن کان ايرزونا جو علائقو ريڊ انڊين قبيلن جو مسڪن رھيو جن جون ھوھوڪام (Hohokam), موگولان (Mogollon) ۽ اباڻي پيوبلان(Puebloan) ثقافتون علائقي اندر رواج ۾ ھيون. تاريخ جي رڪارڊ مطابق يورپين مان پھريون دفعو مقامي ماڻهن سان ھڪ اسپيني عيسائي فرينڪسڪن مسلڪ جو نالي مارڪوس ڊي نزا(Marcos de Niza) 1539 ۾ رابطي ۾ آيو. ميڪسيڪو مان ڪجهه اسپيني مھاجر ايرزونا ۾ پڻ لڏي اچي ويٺا جن ۾ عيسائي تبليغي شامل ھئا. 1821 ۾ ميڪسيڪو اسپين کان آزاد ٿيو تہ ميڪسيڪو جون حدون ڪيليفورنيا تائين ھيون ۽ ميڪسيڪو جي ڪيليفورنيا ٽيريٽري جو نالو اسپيني ٻوليءَ مطابق نووا ڪيليفورنيا (Nueva California) انگريزي ۾ نيو ڪيليفورنيا جنھن کي عام طور تي الٽا ڪيليفورنيا يا اپر ڪيليفورنيا سڏيو ويندو هو.ايرزونا ان وقت نيو ڪيليفورنيا جو حصو ھيو ۽ ميڪسيڪو ۾ شامل ھو.[6]

سال 1824 جي ميڪسيڪو جي پھرين ريپبلڪ جو نقشو جنھن ۾ الٽا ڪيليفورنيا ايرزونا سميت ميڪسيڪو جو حصو ڏيکاريل آهي

1847ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ جنگ ھلي ۽ آمريڪي فوج ميڪسيڪو سٽي۾ داخل ٿي تہ آمريڪا ميڪسيڪو جي اتر وارن علائقن جو دعويدار ٿيو ۽ موجوده ڪيليفورنيا رياست سميت موجوده ايرزونا جو علائقو آمريڪي قبضي ۾ اچي ويو جنھن جو نالو 1863 ۾ ايرزونا ٽيريٽري رکيو ويو ۽ 1912ع ۾ اھا رياست قرار ڏئي آمريڪا جي يونين۾ شامل ڪئي وئي.1848ع واري گوئاڊلوپي ھڊالگو واري معاھدي (Treaty of Guadalupe Hidalgo) به ۾ اھو طئي ٿيو ته انھن آمريڪا جي قبضي ۾ ايندڙ علائقن ۾ ميڪسيڪو جي اڳوڻن شھرين جي ٻولي ۽ ثقافت برقرار رھندي ۽ آمريڪا انھن علائقن جي عيوض ان دؤر جا پندرهن ملين ڊالر( ھاڻوڪا 424269230.77 ڊالر) معاوضو ميڪسيڪو جي ريپبلڪ کي ادا ڪندو [7]

جاگرافي[سنواريو]

ڪوپن ڪلائيميٽ مطابق ايرزونا جي موسمي درجہ بندي
ڪولراڊو نديء جو گھوڙي جي سنب جھڙو وڪڙ
مانيومينٽ وادي ۾ ويسٽ مٽن (West Mitten)
پيٽريفائيڊ فاريسٽ نيشنل پارڪ لڳ بليو ميسا (Blue Mesa)
گرينڊ ڪينيان(Grand Canyon) يا وڏي کاھي
ايرزونا جي بيليمونٽ (Bellemont) تان نظر ايندڙ سان فرانسسڪو واريون چوٽيون
سگارو نيشنل پارڪ لڳ سونوران رڻپٽ
سيڊونا ۾ ريڊ راڪ ڪراسنگ ويجھو ڪيٿيڊرل راڪ

ايرزونا آمريڪا جي چوڪنڊين رياستن مان ھڪ رياست آھي. اھا پکيڙ ۾ ڇھين وڏي رياست ۽ ان درجہ بندي ۾ نيو ميڪسيڪو کان پوءِ وڏي ۽ نيواڊا کان اڳ ۾ وڏي آھي. ان جي پکيڙ 113٬998 چورس ميل (295٬000 km2) جنھن جو 15 سيڪڙو زمين ماڻھن جي ذاتي ملڪيت آھي باقي سرڪاري آھي جنھن ۾ ٻيلا، رڻپٽ جبل، نيشنل پارڪ وغيره شامل آهن. ھي رياست جابلو قطارن ۽ رڻپٽن جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي ۽ ان جي ڏکڻ ۾ وسيع ميدان آھن جن ۾ زيروفائيٽ (xerophyte) وڻ ۽ ٿوھر جا ٻوٽا ڪثرت سان ملن ٿا. [8] [9]

سياسي انتظام[سنواريو]

گاديءَ واري هنڌ فينڪس ۾ ليجسليچر اسيمبلي جنھن جو قبو ٽامي جو ٺھيل آھي. بلڊنگ 1900 ۾ 136000ڊالرن جي لاڳت سان مڪمل ٿي

ايرزونا جي قانونساز اسيمبلي ٻہ ايواني آھي جنھن ۾ وڏو ايوان سينيٽ اٿس جنھن جا 30 ميمبر آھن. ٻيو ايوان رپريزنٽٽيٽوز جو آهي جنھن ۾ 60 ميمبر آھن .1993 کان ھن رياست جي ايوانن ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي اڪثريت آهي.

مذھب[سنواريو]

آمريڪا جي ٻين رياستن وانگيان ھن رياست جي اڪٽريت عيسائي مذھب سان واسطو رکي ٿي. 2010ع واري آدمشماريءَ مطابق عيسائيت کان پوءِ ھتان جو ٻيو نمبر وڏو مذھب ھندو مذھب آھي ۽ اٽڪل 32000 ماڻھو ھن مذھب سان واسطو رکن ٿا. ھتي اٽڪل 20000 يھودي ۽ 19000 ٻُڌ پڻ آباد آھن.

اسپين جي تبليغي عيسائين پاران 1700 ۾ قائم ڪيل سان زيويئر ڊيل بيڪ( San Xavier del Bac)

ايريزونا جا مکيہ شھر[سنواريو]

نمبر شھر جو نالو آبادي نمبر شھر جو نالو آبادي
1 فينڪس (Phoenix) 1608139 11 سان تان ويلي (San Tan Valley) 99894
2 توسان (Tucson) 542629 12 يوما (Yuma) 95548
3 ميسا (Mesa) 504258 13 گڊايئر (Goodyear) 95294
4 چينڊلر (Chandler) 275987 14 بڪييي (Buckeye) 91502
5 گلبرٽ (Gilbert) 267918 15 ايوونڊيل (Avondale) 89334
6 گلينڊيل (Glendale) 248325 16 فليگ اسٽاف (Flagstaff) 76831
7 اسڪاٽسڊيل (Scottsdale) 241361 17 ڪاساس ايڊوبس (Casas Adobes) 70973
8 پيوريا (Peoria) 190985 18 ڪئين ڪريڪ (Queen Creek) 59519
9 ٽيمپي (Tempe) 180587 19 ميريڪوپا (Maricopa) 58125
10 سرپرائز (Surprize) 143148 20 ليڪ ھواسو سٽي (Lake Havasu City) 57144
ايرزونا جي ماڻهن جا مذھب (2014)[10]
مذھب Percent
پروٽيسٽنٽ
  
39%
اڻ لاڳاپيل
  
27%
ڪيٿولڪ
  
21%
مورمون
  
5%
يھودي
  
2%
يھوا جا شاھد
  
1%
ھندو
  
1%
ٻڌ
  
1%
مسلم
  
1%
۽ ٻيا
  
2%

حوالا[سنواريو]

  1. "All about Arizona". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-03-21. 
  2. "A History of Indian Voting Rights and Why It’s Important to Vote - ICTMN.com". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-03-21. 
  3. Bright, William (2004). Native American Place Names of the United States. Norman: University of Oklahoma Press, p. 47
  4. Kitt, E. O.; Pearce, T. M. (1952). "Arizona Place Name Records". Western Folklore 11 (4): 284–287. doi:10.2307/1496233. 
  5. Harper, Douglas. "Arizona". Online Etymology Dictionary. حاصل ڪيل December 28, 2011. 
  6. Timothy Anna et al., Historia de México. Barcelona: Critica, 2001, p. 10.
  7. Mexican–American War as accessed on March 16, 2007, at 7:33 MST AM
  8. "Urban and Community Forestry Division". Arizona State Forestry Division. حاصل ڪيل July 6, 2014. 
  9. "Prescott Overview". Ncsu.edu. وقت January 17, 2010 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل July 25, 2010. 
  10. The Pew Forum - America’s Changing Religious Landscape

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]