انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي

مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميه جي عمارت
اڳوڻو نالو سنڌ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج
چونڊيل چوڻي انجنيئرڱ جي شاگردن جي بهتري عظيم نظرثاني ۾
انگريزي ۾ چونڊيل چوڻي
Nurturing the Engineering Graduates with enhanced Perception and Wide Perspective
قسم سرڪاري يونيورسٽي
سرگرم 1963 (1963)
چانسلر سنڌ جو وڏو وزير
وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طہٰ حسين علي
شاگرد 7,500+
انڊر گريجوئيٽ 6,500+
پوسٽ گريجوئيٽ 1,000+
ڊاڪٽوريٽ 70+
پتو ڄامشورو يونين ڪائونسل ، ڪوٽڙي تعلقو، ڄامشورو ضلعو
،  سنڌ،  پاڪستان
Mehran University of Engineering and Technology Jamshoro 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: Mehran University of Engineering and Technology Jamshoro 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ڪيمپس ڄامشورو يونين ڪائونسل
رنگ بيبي بلو, اسٽيل بلو, اڇو
            
لاڳاپا ھائير ايجوڪيشن ڪميشن, پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل, پاڪستان ڪائونسل فار آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلانرس
ويب سائيٽ www.muet.edu.pk

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ، ڄامشورو(انگريزي: Mehran University of Engineering and Technology, Jamshoro)، (MUET) جنھن کي مقامي طور تي مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو سڏيو ويندو آهي، ڄامشورو يونين ڪائونسل ، ڪوٽڙي تعلقي، ڄامشوري ضلعي، سنڌ ۾ واقع آھي.[1]ھي يونيورسٽي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو اعليٰ تعليمي ادارو آهي، جتي بيچلرس، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جون سندون آڇيون وينديون آهن.ھن يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي تحقيق پڻ ٿيندي آهي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

سن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرڱ ڪاليج جي نالي سان هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو[2] مهراڻ يونيورسٽي پاڪستان جي وڏين يونيورسٽين ۾ شمار ٿي ٿِي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل رينڪڱ ۾ سن 2005 ۾ مهراڻ يونيورسٽي پوري پاڪستان ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو. 2016 تي ان جو شمار انجنيئرنگ جي ادارن ۾ ڇھين نمبر تي ھيو ۽ ھائر ايجوڪيشن وارن ادارن ۾ پنجين نمبر تي ھيو.[3][4]. هن وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ڪل 16 شعبا آهن. جن ۾ هينئر تقريباً ست هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. هن وقت ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي جامعہ مهراڻ جي نائب چانسلر طور اداري جو سربراهہ آهي.

پاڻي بابت اعلي تعليم جو مرڪز. تصوير ۾ زير تعمير ڏيکاريل
ھن يونيورسٽي جو شاگردن ۽ استادن جو مرڪز جتي رھائش، شاگردن ۽ ھاسٽل پرووسٽ جون آفيسون واقع آھن
ھن يونيورسٽي جو آڊيٽوريم

ھن اداري جو قيام 1963 ۾ پاڪستاني صنعتي گھرجن پٽاندر سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جي حيثيت سان ، سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپي جي بنياد تي عمل ۾ آيو ۽ 1973 تائين اھو لاڳاپو برقرار رھيو ، پوء ان سال ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو ۽ نئين درجي کان پوءِ 450 شاگردن تي مشتمل پھرين بيچ جنوري 1974 ۾ داخل ٿي. ان وقت ڪل ست شعبا ھيا جن ۾ سول، ميڪينيڪل، اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس، ميٽلرجي، ڪيميڪل ۽ انڊسٽريل انجنيئرنگ شامل ھئا. شروعاتي دور ۾ ڪلاس گورمنٽ ڪالج آف ٽيڪنالاجي، نوابشاه ۾ ورتا ويندا هئا. 1976 ۾ جڏهن يونيورسٽي جي ٽئين بيچ آئي ته ڪلاسن کي ڄامشوري ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جٿي شاگردن جو تعداد وڌي 1500 ٿي ويو.

مهراڻ يونيورسٽي جو شمار پاڪستانن جي بهترين ادارن ۾ ٿئي ٿو. هي ادارو آئي ايس او 9000 سرٽيفائيڊ آهي. يونيورسٽي ۾ انڊرگريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ، ڊاڪٽورل تعليم سميت ٻيا پروگرام پڻ ڪرايا وڃن ٿا.

تعليم[سنواريو]

انڊرگريجوئيٽ [سنواريو]

انجنيئرڱ فيڪلٽي[سنواريو]

  • ڪيميائي انجنيئرڱ
  • صنعتي انجنيئرڱ
  • مينيجمينٽ
  • ميڪانڪي انجنيئرڱ
  • ميڪيٽرانڪس انجنيئرڱ
  • ميڪٽرونڪس انجنيئرڱ
  • ڌاتڪاري ۽ موادي انجنيئرڱ
  • مائننگ انجنيئرڱ
  • پيٽروليم ۽ گئس انجنيئرڱ
  • ٽيڪسٽائيل انجنيئرڱ

برقياتي، اليڪٽرونڪس ۽ ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرڱ فيڪلٽي[سنواريو]

  • جياطب انجنيئرڱ
  • ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرڱ
  • برقياتي انجنيئرڱ
  • اليڪٽرونڪس انجنيئرڱ
  • انسٽيٽيوٽ براءِ انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز
  • سافٽويئر انجنيئرڱ
  • ٽيليڪميونيڪيشن انجنيئرڱ

آرڪيٽيڪچر ۽ سول انجنيئرڱ فيڪلٽي[سنواريو]

  • آرڪيٽيڪچر
  • شهري ۽ علاقائي منصوبابندي
  • سول انجنيئرڱ
  • انسٽيٽيوٽ براءِ ماحوليات ۽ انتظامات
  • انسٽيٽيوٽ براءِ پاڻي جي ذرائع ۽ انجنيئرڱ انتظامات

بنيادي سائنس فيڪلٽي[سنواريو]

  • بنيادي سائنس ۽ واسطيدار پڙهائي
  • انگلش زبان جي ترقي جو سينٽر
  • مهران يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ براءِ ٽيڪنيڀياس ۽ ترقي

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Location and address of Mehran University". Google maps. google maps. حاصل ڪيل 22 September 2013. 
  2. "A Brief History | Mehran University". www.muet.edu.pk. حاصل ڪيل 2016-06-07. 
  3. "HEC announces university rankings - The Express Tribune". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2016-02-23. 
  4. "5th Ranking of Pakistani Higher Education Institutions". 8th Ranking of Pakistani Higher Education Institutions. February 23, 2016. http://hec.gov.pk/InsideHEC/Divisions/QALI/Others/RankingofUniversities/Documents/Ranking_Doc.pdf.