امداد علي امداد
ڏيک
امداد علي امداد سروري | |
---|---|
مقامي ٻوليء ۾ نالو | امداد علي امداد سروري |
پيدائش | 1959ع سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان |
ڌنڌو | ليکڪ |
قوميت | پاڪستاني |
موضوع | شاعري |
امداد علي امداد سروري[1] جو جنم 1959ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو مهر علي “تابع” خاصخيلي آهي. سندس خاندان جو تعلق راڳي گهراڻي سان آهي. سندس شاعري ۾ استاد مخدوم طالب الموليٰ آهي، سندس تخلص “امداد” به مخدوم طالب الموليٰ ئي رکيو هو. پاڻ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپل آهي.
ڇپيل ڪتاب
[سنواريو]1. حسين ۽ ڪربلا (شاعري)
2. سنڌ جي سونهن (شاعري)
شاعري جو نمونو
[سنواريو]توکي ساريندي غزل لکجي ويو، لڙڪ هاريندي غزل لکجي ويو. تڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻندي رات جو، شمع ٻاريندي غزل لکجي ويو. تنهنجي جلون کي تصور ۾ ڏسي، پاڻ ڳاريندي غزل لکجي ويو. شهر تنهنجي ۾ مٺا اڄ اوچتو، ڏينهن ٺاريندي غزل لکجي ويو. پنهنجي محبت جي لکان تاريخ ٿو، قول پاريندي غزل لکجي ويو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "پروفيسر امداد علي “امداد” سروري (ولادت 1959ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-05.