امتياز دانش
امتياز دانش (انگريزي: Imtiaz Danish) سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي ٻولي جو مشهور شاعر آهي.[1]
زندگي جو احوال
[سنواريو]ڀلوڙ شاعر امتياز دانش جو پورو نالو امتياز علي پٽ فيض محمد لوهر آهي. هن سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ سيهڙ وليج ۾ جنم ورتو.[2]
تعليم
[سنواريو]امتياز دانش شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول سيهڙ وليج، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري، انٽر گورنمينٽ حيدر بخش ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي.[2]
شاعري ۽ ادب
[سنواريو]امتياز دانش شاعريءَ جي شروعات ٻالڪ پڻ کان ڪئي. بعد ۾ هن ڪراچيءَ ۾ مختلف نڪرندڙ اخبارن جهڙوڪ:روزاني عوامي آواز ، روزاني ‘خبرون’، روزاني ‘تعمير سنڌ’، روزاني‘سوڀ’، روزاني ’هلال پاڪستان’ ۽ ٻين ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. نجي چئنلن سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تي ڪافي عرصو سب ايڊيٽر ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪيو. سندس شاعريءَ توڙي ليک مختلف سنڌي، اردو توڙي انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.[3]2012ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب پرينءَ جو عڪس ڪنول پبليڪيشن ڪراچي پاران شايع ٿيل آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "New Page 1", www.thekawish.com, حاصل ڪيل 22 فيبروري 2020۔
- 1 2 3 "امتياز دانش : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 22 فيبروري 2020۔
- ↑ "غزل......امتياز دانش -" (ٻولي ۾ سنڌي), 01 مارچ 2019, حاصل ڪيل 22 فيبروري 2020۔