اليڪٽرانڪس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Surface-mount electronic components

هٿرادو برقي شين ۾ ريڊيو، ٽيليويزن ريفريجريٽر، استري، پنکا، ايئرڪنڊيشنر، واشنگ مشينون، برقي چُلها، ڪٽليون، جوسر، بلينڊر ۽ ٽوسٽر وغيره اچي وڃن ٿا. برقي شين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙيون ڳريون برقي شيون ۽ ٻيون هلڪيون برقي هٿرادو شيون. ڳرين برقي شين ۾ اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، ٽرانسفارمر ۽ بجليءَ جا ٻيا وڏا سامان اچن ٿا. هلڪين برقي شين ۾ بجليءَ جون موٽرون، پنکا، واشنگ مشينون، فرج ۽ ننڍا ٽرانسفارمر وغيره شامل آهن. بجليءَ جون ڪيتريون هٿرادو شيون پاڪستان ۾ تيار ٿينديون آهن، جن ۾ موٽرون، پنکا، بلب، ٽيوب لائيٽون، ڪيبل تارون، واٽر ڪولر، وولٽيج ريگيوليٽر، اسيبلائيزر، استريون، هيٽر، ٽيبل لئمپ، بَزر، گهنٽيون، ٽوسٽر ساڪيٽ، پلگ، هولڊر ۽ سئچ وغيره کان سواءِ وڏين برقي شين جا ننڍڙا ننڍڙا پرزا ۽ اوزار شامل آهن. پاڪستان ۾ بجليءَ جون تارون ۽ ڪيبل بنائڻ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. گجرات ۾ پنکن جي صنعت آهي، جتي هر قسم جا پنکا تيار ڪيا ويندا آهن. ان کانسواءِ ڊيزرٽ ڪولر خالص پاڪستاني صنعت آهي. برقي هٿراڌو شين جي وڏي مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي سڀني شهرن، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پڻ مارڪيٽون آهن. ڊيزرٽ ڪولر جا ڪارخانا ڪراچي، لاهور، گجرات ۽ گجرانوالا ۾ آهن. بجليءَ جي بلبن ۽ ٽيوب لائيٽن ۾ پنج واٽ کان ويندي 1500 واٽ جا بلب، ٻن فوٽن ۽ چئن فوٽن جون ٽيوب لائيٽون، وڌيڪ روشنيءَ ۽ طاقت جا مرڪيوري بلب ۽ گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ گهٽ وولٽيج جا بلب شامل آهن. پاڪستان ۾ ننڍا ۽ وڏا ٽرانسفارمر ٺاهڻ جا اَٺ ڪارخانا آهن. ان کان سواءِ پاڪستان ۾ پلاسٽڪ مان ٺهندڙ برقي شيون، جن کي بيڪرلائيٽ چيو ويندو آهي، به تيار ٿينديون آهن. بجليءَ جو موٽرون ۽ واشنگ مشينون ٺاهڻ جا به ڪيترائي ڪارخانا پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اڄ جي جديد دؤر ۾ بجلي رڳو گهرن کي روشن ڪرڻ لاءِ نه، پر سڄي گهر کي هلائڻ جي ذميداري کڻي چڪي آهي. بجليءَ جي شين، اڄ ”گهر“ جو تصور ئي بدلائي ڇڏيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]