مواد ڏانھن هلو

شاھين شھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Shahin Shahr
شاهين شهر
شھر
Shahin Shahr
Shahin Shahr is located in Iran
Shahin Shahr
Shahin Shahr
ايران ۾ اصفھان جي بيھڪ
Coordinates: 32°52′N 51°34′E / 32.867°N 51.567°E / 32.867; 51.567
ملڪ ايران
صوبواصفھان صوبو
شھرستانشاھين شھر ۽ ميمہ
ضلعومرڪزي
Elevation
1,662 m (5,453 ft)
Population
 (2016 واري آدمشماري)
  Total
173,329[1]
Time zoneUTC+3:30 (IRST)
  Summer (DST)UTC+4:30 (IRDT)
Websitewww.shaahinshahr.com

شاھين شھر (انگريزي: Shahin Shahr) ايران جي اصفھان صوبي جو ھڪ شھر آھي. ھي شاھين شھر ۽ ميمہ شھرستان جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ 2016ع وارن انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 173,329 آھي[2]. آباديءَ جي لحاظ کان ھي اصفھان صوبي جو پنجون وڏو شھر آھي جيڪو اصفھان شھر کان اتر پاسي فقط 24 ڪلوميٽر پري آباد آھي. ايران عراق جنگ وارن ڏينھن ۾ جنگ جي تباھڪارين کان بچڻ لاءِ ڪئين ماڻھو خوزستان مان لڏي اچي ھن شھر ۾ آباد ٿيا جنھن ڪري ھن شھر جي آبادي ڪافي وڌي وئي آھي. ھي شھر ايران جي مشھور زاگرس پھاڙي سلسلي ۾ سامونڊي مٿاڇري کان 1662 ميٽر اوڇائيءَ تي آباد آھي. ھن شھر جي موسم گرم ۽ مينھن تمام گھٽ وسي ٿو. جيڪو ٿورو گھڻو مينھن وسي ٿو ان جو پاڻي ھتان جي زمين تمام تيزيءَ سان چھي ويندي آھي[3].

ھي ايران جو ھڪ نئون شھر آھي جيڪو 1960ع واري ڏھاڪي ۾ قائم ٿيو. آقا محمد خان برومند ھن علائقي جو وڏو زميندار ھو، سندس وفات کان پوءِ ھن جي ڇھن پٽن فيصلو ڪيو تہ سندن پيءُ جي ڇڏيل ھزارين ايڪڙ زمين تي ھڪ شھر آباد ڪجي. ھن علائقي ۾ پاڻي جھجهي مقدار ۾ دستياب ھو ۽ ھي علائقو اصفھان جي ڪافي ويجھو ھو انڪري سندن منصوبي کي ڪاميابي ملي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھي ھڪ وڏو شھر بنجي ويو. ھنن ڀائرن 500 ايڪڙ زمين اصفھان يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجيءَ جي قيام لاءِ عطيو ڪئي. ان کان علاوہ ھنن 500 ايڪڙ زمين ايران سرڪار کي ڏني تہ جيئن ھتي ھيليڪاپٽر ٺاھڻ جو ادارو قائم ڪيو وڃي[4]. اڄڪلھ ھن اداري ۾ ھوائي جھاز ۽ انھن جا پرزا ٺاھيا وڃن ٿا. انھن عملن سبب ھن نئين شھر کي عوام ۾ وڏي مقبوليت ملي ۽ ڪيترن ئي ماڻھن ھن شھر ۾ مستقل رھائش اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کان آيل ڪمپنين جا ملازم ھن شھر ۾ رھائش اختيار ڪندا ھئا. سندن حفاظت لاءِ ھڪ مضبوط چوديواريءَ اندر گھر ٺاھيا ويا ھئا. انھيءَ چوديواريءَ جي حفاظت ايراني فوج جي حوالي ھئي.

ھن شھر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جون بھترين سھوليتون ميسر آھن ۽ ھتي ايران جي ڪيترن ئي سرڪاري کاتن جون آفيسون قائم آھن. ھتان جي رھواسين جي اڪثريت وچولي طبقي سان واسطو رکي ٿي ۽ ھتان جا ماڻھو فوج، تيل صاف ڪرڻ جي ڪارخانن، ھوائي جھاز ٺاھڻ واري اداري ۽ ٻين صنعتن ۾ نوڪري ڪن ٿا. ھتي جيڪي تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آھن انھن ۾ ھيٺيان خاص ذڪر لائق آھن:

  • شاھين شھر ٽيڪنيڪل اسڪول
  • مالڪ اشتر يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
  • يونيورسٽي آف انجنيئرنگ
  • آرمي ايئر ڊفينس اسڪول
  • آسلامي آزاد يونيورسٽي، شاھين شھر برانچ
  • پيام نور يونيورسٽي
  • بنيان ھائر ايڊيوڪيشن انسٽيٽيوٽ

شھر جي ميونسپالٽيءَ ھن شھر جي مختلف حصن ۾ اسپورٽس ھال ۽ جمنازيم تعمير ڪرايا آھن. شھر ۾ ثقافتي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويا آھن[5].

حوالا

[سنواريو]
  1. "Statistical Center of Iran > Home".
  2. "Shahinshahr, Shahin Shahr and Meymeh, Esfahan, Iran - City, Town and Village of the world". en.db-city.com (in انگريزي). Retrieved 2022-02-21.
  3. "ShahinShahr.co.uk Esfahan Iran Persia Persian Isfahan". web.archive.org. 2011-08-27. Retrieved 2022-02-20.
  4. سیما, IRIB NEWS AGENCY | خبرگزاری صدا و (1398/01/11 - 09:15). "معرفی جاذبه های تاریخی و گردشگری شهرستان شاهین شهر و میمه". fa (in فارسي). Retrieved 2022-02-21. {{cite web}}: Check date values in: |date= (help)
  5. قرآن, iqna ir ،خبرگزاری بین المللی (۱۳۹۱/۱۱/۰۳ - ۱۵:۲۰). "زنگ انقلاب در زورخانه ذوالفقار شاهين‌شهر به صدا درخواهد آمد". fa (in فارسي). Retrieved 2022-02-21. {{cite web}}: Check date values in: |date= (help)