چي گويرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چي گويرا

چي گويرا (Che Guevara) لاطيني آمريڪا جو گوريلو اڳواڻ ۽ انقلابي نظريو ڏيندڙ چي گويرا 1928ع ۾ پيدا ٿيو. هي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي انقلابين جو هيرو بڻيو. هو روزاريو، ارجنٽائن جي هڪ وچولي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هـن بيونس آئر يونيورسٽيءَ مان 1953ع ۾ ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪئي. چي گويرا آمريڪا ۾ سماجي اڻ بـرابريءَ کـي خـتـم ڪـرڻ لاءِ انقلاب کي اڪيلو رستو سمجهندو هو. ان خيال هيٺ ئي هي 1954ع ۾ ميڪسيڪو ويو ۽ ڪيوبا جي جلا وطن انقلابين سان وڃي مليو، جن جي قيادت جنرل فيڊل ڪاسترو ڪري رهيو هو. 1950ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هن ڪيوبا جي ڊڪٽيٽر خلاف فيڊل ڪاسترو سان گڏجي گوريلا جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جڏهن ڪاسترو اقتدار حاصل ڪيو تہ هي ڪيوبا جي صنعتي وزير بڻيو. ٽين دنيا ۾ آمريڪا جي اثر رسوخ جو شديد مخالف چي گويرا، ڪاسترو حڪومت جي ساڄي ڌر وارن ڏانهن لاڙي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن گوريلا جنگ جي موضوع تي ٻہ ڪتاب لکيا. هو 1965ع ۾ ڪيوبا مان گم ٿي ويو ۽ ٻئي سال بوليويا ۾ سرڪش اڳواڻ جي حيثيت ۾ ٻيھر سامهون آيو. بوليويا جي فوج کيس گرفتار ڪري، 9 آڪٽوبر 1967ع تي گوليءَ سان اُڏائي، کيس قتل ڪري ڇڏيو. ’چي گويرا جي ڊائري‘ ۾ شايع ٿي چڪي آهي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز کان وٺي نوجوانن پاران چي گويرا کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "چي گويرا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-04-06.