مواد ڏانھن هلو

ھو چي منھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھو چي منھ

1947ع جو ھو چي منھ جو پورٽريٽ
ويٽنام جي ورڪرز پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽيءَ جوچيئرمين
عهدو سنڀاليو
19 فيبروري

1951 – 2 سيپٽمبر

1969
پيشرو عھدو قائم ٿيو
جانشين عھدو ختم ٿي ويو
ويٽنام جي ورڪرز پارٽي جو فرسٽ سيڪريٽري
عهدو سنڀاليو
1 نومبر 1956 – 10 سيپٽمبر 1960
پيشرو ترونگ چنھ
جانشين لي ڊوئان
ويٽنام جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو پھريون صدر
عهدو سنڀاليو
2 سيپٽمبر 1945 – 2 سيپٽمبر 1969
پيشرو عھدو قائم ٿيو
بائو دائي (شھنشاھ)
جانشين Tôn Đức Thắng
ويٽنام جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو پھريون وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
2 سيپٽمبر 1945 – 20 سيپٽمبر 1955
پيشرو عھدو قائم ٿيو
ٽران ٽرانگ ڪم
جانشين فام وان ڊانگ
وزير خارجه
عهدو سنڀاليو
28 آگسٽ 1945 – 2 مارچ 1946
پيشرو تران سان چئانگ
جانشين نگوين توئانگ
عهدو سنڀاليو
3 نومبر 1946 – مارچ 1947
پيشرو نگوين توئانگ
جانشين ھوئانگ منھ
ويٽنام جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر
عهدو سنڀاليو
31 مارچ 1935 – 2 سيپٽمبر 1969
ذاتي تفصيل
پيدائش نالو: نگوين سنھ ڪنگ
19 مئي 1890(1890-05-19)
ڳوٺڪم لين، صوبو نگھي آن، ويٽنام
وفات 2 سيپٽمبر 1969 (عمر 79 سال)
ھنوئي,اتر ويٽنام
آخري آرامگاهه ھو چي منھ جو مقبرو
قوميت ويٽنامي يا ويٽناميز
سياسي جماعت ورڪرز انٽرنيشنل جو فرينچ ڌڙو


(1919–1921)
فرينچ ڪميونسٽ پارٽي
(1921–1925)
ويٽنام جي ڪميونسٽ پارٽي
(1925–1969)

جيون ساٿي Zeng Xueming (ش. 1926)
لاڳاپا
ماءُپيءُ
مادر علمي ٽئالرس آف دي ايسٽ جي ڪميونسٽ يونيورسٽي
پيشو سياستدان
دستخط

ھو چي منھ(انگريزي: Ho Chi Minh ) ويٽنام جي انقلاب جو سرواڻ ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ جنھن ويٽنام جي پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جو بنياد وڌو. ھو چي منھ 1941ع کان ويٽنام جي آزادي جي تحريڪ جي سرواڻي ڪندي 1945ع م اتر ويٽنام ۾ ڪميونسٽ حڪومت جو بنياد وڌو ۽ فرانس جي قبضي واري ڏکڻ ويٽنام کي ديان بيان واري جنگ ذريعي فرانس کان 1954 ۾ آزاد ڪرايو جنھن سان پھرين انڊو چائنا جنگ جو خاتمو آيو. 1955ع کان 1975ع تائين ھلندڙ ويٽنام واري جنگ ۾ ھي پنھنجي حياتي دوران ويٽنامي پيپلز آرمي ۽ ويٽ ڪانگ جي مکيه شخصيت ھيو. ان جنگن م اتر ويٽنام فاتح رھيو جنھن سان اتر ويٽنام ۽ ڏکڻ ويٽنام 1976ع م ملي ھڪ ٿي ويا. ان جي شھر ۽ اڳوڻي گادي جي هنڌ سائگان جو نالو تبديل ڪري ھن جي نالي تي ھو چي منھ سٽي رکيو ويو. 1965ع م ھي صحت جي خرابي ڪري باقاعده اقتدار کان ڌار ٿي ويو ۽ 1969 ۾ وفات ڪري ويو. ٽائيم ميگزين مطابق ھي ويھين صديءَ جي 100 مشھور ترين شخصيتن ۾ شامل ھيو. [1]

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

ھن جو اصل نالو نگوين سنھ ڪنگ ھيو. ھي ويٽنام جي صوبي نگهي آن (Nghe An) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪم لين(Kim Lien) ۾، هڪ هاري نگوين سنهه هوئي (Nguyen Sinh Huy) جي گهر ۾، 19 مئي 1890ع تي ڄائو[2]. ويٽنام ان وقت فرانس جي قبضي ۾ ھو ۽ 1885ع ۾ سندس والد فرانس جي خلاف ”عالمن جي بغاوت“ جي نالي سان مشهور بغاوت ۾ باغين جي مدد ڪئي[2]. ڪامريڊ هو چي جو پيءُ فرانسيسي نوڪرشاھي ۾ ملازم ھيو پر کيس باغين سان تعلق ھجڻ ڪري نوڪري مان ڪڍيو ويو[2]. ھي امپيريل ماجسٽريٽ ھيو پر کيس ھڪ مقامي بااثر کي ڪوڙن جي سزا ڏيڻ کان پوء ان جي مري وڃڻ ڪري ان جي تنزلي ڪئي وئي جنھن بعد ھن نوڪري ڇڏي ڏني ۽ باوجود فرينچ نوڪرشاھي ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جي ھن فرينچ حڪومت جي نوڪري ڪرڻ کان انڪار ڪيو[3]. نگوين سنهه هوئي پنهنجي ٽنهي ٻارن جي تعليم تي وڏي توجهه ڏني. ھو چي منھ ڏھن سالن جو ھيو تہ سندس ماءُ گذاري وئي[2]. سندس وڏي ڀيڻ باچ لين (Bach Lien) کي فوجي آفيسرن جي هڪ ڪينٽين ۾ مئنيجر جي نوڪري ھئي. اھا ھٿيار چورائي آزادي جي جنگ ڪندڙ ويڙھاڪن تائين پهچائيندي ھئي ۽ ھڪ دفعي پڪڙجي پئي ۽ کيس ڊگھي قيد جي سزا ڏني وئي[2]. ھو چي منھ ننڍي عمر ۾ سياسي سرگرمين جي شروعات ڪئي ۽ اسڪول م ھن جي شناخت باغي نوجوان طور ھئي. ان دور ۾ يعني 1903ع ڌاري هڪ دانشور ڦان بوئي چائو(Phan Boi Chau) ويٽنام ٺاهڻ لاءِ آزادي جي هڪ ڪائونسل قائم ڪئي هئي[2]. چائو فرانس مخالف ۽ روشن خيال بادشاهت جو حامي هو، سندس موجب هڪ ترقي پسند بادشاهه، ويٽنام کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهي ٿو. چائو جي آزادي ڪائونسل ٻن ڪمن تي وڏو زور ڏنو، هڪ ويٽنامي نوجوانن کي پڙهائي لاءِ ٻاهرين ملڪ موڪلڻ ۽ ٻيو پاڙيسري ملڪن، جن ۾ چين ۽ جاپان کان مدد وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ. چائو پوري ملڪ مان ڪيترن ذهين نوجوانن کي ٻاهرين ملڪ پڙهڻ لاءِ چونڊيو، انهن ۾ ڪامريڊ هوچي منهه ۽ سندس وڏي ڀاءُ کيم(Khiem) جو به نالو هو. پر ڪامريڊ هوچي ٻاهر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇوته هو چائو کي وطن دوست ته سمجهندو هو، پر سندس پروگرام پسند نه هو[2]. ڦان بوئي چائو هزارين نوجوانن کي تعليم ۽ انقلابي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ جاپان موڪليو. 1905ع ۾ پاڻ جاپان ويو ۽ هڪ سال کان پوءِ اتي ئي هڪ انجمن ”جديد ويٽنام“ جو بنياد رکيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اها انجمن ويٽنام جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وئي[2]. چائو جون مزاحمتي لکڻيون پوري ويٽنام ۾ ورهائجڻ لڳيون، جن ماڻهن جي جذبن کي وڌيڪ اڀاريو ۽ جلد ئي پوري ملڪ جي وڏن شهرن ۾ فرانسيسي جبر خلاف وڏا وڏا مظاهرا ۽ هڙتالون ٿيڻ لڳيون[2]. ھو چي منھ فرينچ تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪئوڪ ھاڪ ھاء اسڪول ۾ پڙھيو ھن جا پوئلڳ ساٿي فام وان ڊانگ ۽ وو نگوين گياپ پڻ ساڳي اسڪول ۾ پڙھيا ھيا[4].1908ع ڌاري ڪامريڊ هوچي جي ماءُ جو چاچو ”ايڪسيوهن“ ڏکڻ ويٽنام ۾ هڪ باغي ”ڊي ٿيم“ جي اڳواڻي هيٺ ٿيندڙ هڪ فوجي بغاوت ۾ پڪڙجي پيو. قومي بغاوت جا راز بچائڻ لاءِ هن پنهنجي زبان ڏندن جي وچ ۾ ڏيئي، واري جو زور ڏنائين، ته سندس زبان جو اڳيون حصو اچي پٽ تي ڪِريو[2]. ان واقعي ھو چي منھ تي ڏاڍو اثر وڌو[2]. هڪ ڏينهن فرانسيسي حڪومت خلاف هڙتال ٿي، هڙتالي جلوس ۾ ڪامريڊ هوچي شرڪت ڪئي. اوچتو پوليس جلوس تي لٺ بازي ۽ گوليون هلائڻ شروع ڪيون پر هوچي آخر تائين پٿراءُ ڪندو رهيو. پوليس اهلڪارن کيس سڃاڻي ورتو، ٻئي ڏينهن پوليس وارا اسڪول پهچي ويا ۽ انهن جي شڪايت تي 1908ع ۾ کيس ”باغي“ چئي ڪري اسڪول مان نيڪالي ڏني وئي[2]. هي واقعو، سندس تعليمي سرگرمين جي پڄاڻي ۽ باقاعده سياسي زندگي جو آغاز ٿيو[2].

فرانس، آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ سرگرميون

[سنواريو]

پوليس اشتهاري مجرمن جي لسٽ جاري ڪئي، ان لسٽ ۾ سندس نالو موجود هو. ڪامريڊ هوچي روپوش ٿي ويو، ان روپوشي کيس انقلابي گوريلي ٿيڻ جا دروازا کولي ڇڏيا. جنهن کان پوءِ هو سائيگان، هليو ويو، جتي 1911ع ۾ هن فرينچ بحري جهاز وان با (Văn Ba) ۾ ڪچن ھيلپر جي نوڪري حاصل ڪئي، ته جيئن هو فرانس وڃي فرانسيسي زبان ۽ ڪلچر مان واقف ٿي سگھي[2]. ملازمت دوران 1911ع کان 1917ع تائين کيس اسپين، پرتگال، مصر، الجزائر ڏسڻ جو پڻ موقعو مليو[2]. ان وقت سندس ڄمار 21 سال هئي[2]. 5 جون 1911ع ۾ ھي فرانس جي شھر مارسيئي (Marseille) پھتو. ھن فرانس م مختلف هوٽلن تي پيشگيري ڪئي ان سان گڏ وگڏ پئرس ۾ رهندي، فرانسيسي زبان سکڻ ۽ اتي رهندڙ مقامي ويٽنامين سان واسطا وڌائڻ شروع ڪيا ۽ فرانس جي سوشلسٽ پارٽي سان به واسطو قائم ڪيو[2]. فرانس سامراج جي جبر ۽ ويٽنامي عوام جي آزادي جي جدوجهد تي مختصر مضمون لکڻ شروع ڪيا. پر جلد 1914ع ڌاري هو وسيع مشاهدي ۽ مختلف سماجن جو اڀياس ڪرڻ لاءِ فرانس ڇڏي، هڪ بحري جهاز ۾ بورچي بڻجي آمريڪا پهتو[2]. هن هتي آمريڪا جي شهر بوسٽن ۽ نيويارڪ ۾ هڪ بسڪيٽ ٺاهيندڙ بيڪري تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪي معاشري کي ويجهي کان ڏٺو ۽ واقفيت حاصل ڪئي[2]. ان کان پوءِ ڪامريڊ هوچي انگلينڊ پهتو، هتي هن هوٽلن تي پيشگيري ڪئي، فوٽوگرافي واري پيشي سان وابسته رهيو ۽ ڪيتريون ئي مزدوريون ڪيون ۽ هن هتي آئرلينڊ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو، سياسي مضمون پڙهيا ۽ انقلاب کي صحيح طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين[2]. 1917ع ۾ روس جي پورهيت انقلاب اچڻ کان ڪجهه هفتا پهرين ڪامريڊ هوچي ٻيهر فرانس پهتو[2]. فرانس پهچي، ڪامريڊ هوچي پنهنجو نالو نگوين اي ڪوڪ (Nguyen Ai Quoc) رکيو، جنهن جو مطلب هو ”محب وطن نگوين“ ۽ سندس دوست ڦان وان ترونگ(Phan Van Truong) سان گڏ هڪڙي گنجان آبادي واري علائقي ۾، هڪ پراڻي ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳو[2]. فرانس جي مزدور رهنمائن جي چوڻ تي ڪامريڊ هوچي هڪ اخبار ”لومانتي“ ۾ آرٽيڪل لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو[2]. ان وچ ۾ سندس ملاقات پورهيتن جي عظيم فڪري استاد ڪارل مارڪس جي پوٽي جين لانگيوٽ (Jean Longuet) سان ٿي، پوءِ ڪامريڊ هوچي سندس رسالي ”لوپو پوئير“ جي لاءِ مضمون لکڻ شروع ڪيا[2]. ڪامريڊ هوچي لکيو ھو تہ:

”استاد لينن جي تحريرن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. مون پوري طرح سمجهي ورتو، ته دنيا جي پورهيتن ۽ مظلوم ماڻهن کي صرف سوشلزم ۽ ڪميونزم ئي آزادي ڏياري سگهي ٿو.“

— ھو چي منھ

جڏهن ڊسمبر 1920ع ۾ فرانسيسي ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي پئي وئي ته ڪامريڊ هوچي بنيادي ڪردار ادا ڪيو، 26 ڊسمبر 1920ع تي تُور ۾ ٿيندڙ سوشلسٽ ڪانگريس ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي[2] ۽ ان موقعي تي زبردست جذباتي تقرير ڪندي چيائين:

”ڪامريڊو!! ڪاش! آئون اڄ سڄي دنيا اندر انقلاب آڻڻ واري عظيم ڪم ۾ توهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، اول صف ۾ بيٺو هجان ها، پر ڇا ڪجي، آئون هڪ سوشلسٽ جي حيثيت سان منهنجي وطن ۾ برپا ڪيل بربريت خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهيان. توهان بخوبي ڄاڻو ٿا ته فرانسيسي سامراج گذريل پنجاهه سالن کان ويٽنام تي قبضو ڪري ويٺو آهي، هن بندوق جي زور تي قبضو ڪيو ۽ سرمائيداري جي نالي تي غلام ڪيو. ان وقت کان وٺي اڄ تائين، انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ۽ مختلف طريقن ذريعي استحصال کان سواءِ اسان کي ماريو ويو ۽ آفيم، شراب ۽ ٻين نشن جي صورت ۾ زهر ڏنو ويو، ته جيئن اسان مدهوش هجون. بهرحال هن پاپي سرمائيدارن جي ظلم جي ڪهاڻي ڊگهي آهي، چند منٽن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ڪونهي. جيل، جن جو تعداد اسڪولن کان وڌيڪ آهي، هميشه کليل هوندا آهن ۽ انهن ۾ لاتعداد ماڻهو قيد آهن. جيڪو به آواز بلند ڪري ٿو، ان کي جيل ۾ بند ڪيو وڃي ٿو يا ڦاسي تي لٽڪايو وڃي ٿو. اسان وٽ اظهارِ آزادي، اخبارن، رسالن تي پابندي آهي، اسان جلوس نٿا ڪڍي سگهون، نه ئي ڪا تنظيم ٺاهي سگهون ٿا. اسان جهالت جي غار ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان کي تعليم حاصل ڪرڻ جي آزادي ڪونهي. اسان ويٽنامين کي آفيم سان بيهوش ۽ شراب سان بدمست ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ڪامريڊئو!! ٻه ڪروڙ ويٽنامين سان اهو انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ ٿي رهيو آهي، تنهنڪري ڪميونسٽ پارٽي جو اهو فرض آهي ته ويٽنامين لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي. هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا ڪالونين جي مسئلي جو اڀياس ڪري ۽ حل لاءِ تجويزون پيش ڪري، ته اسان اڃا به وڌيڪ خوش ٿينداسين.“

— فرانس ۾ سوشلسٽ ڪانگريس ۾ ھو چي منھ جو خطاب، [2]
ھو چي منھ 1921ع ۾

سوويت يونين جا سفر

[سنواريو]

جون 1922ع ۾، ڪامريڊ هوچي ڪميونسٽ پارٽي آف فرانس جي اڳواڻ جي حيثيت سان، ماسڪو ۾ ٿيندڙ عالمي هاري ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو ۽ ان جي انتظامي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو[2].ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪامريڊ هوچي فرانس موٽي آيو ۽ ٻيهر جولاءِ 1924ع ۾ ٿيندڙ ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي پنجين ڪانگريس ۾ شرڪت لاءِ روس ويو[2].سوويت يونين ۾ رهندي ڪامريڊ هوچي، روسي زبان سکي، معيشت ۽ سياست جو وسيع مطالعو ڪرڻ لاءِ مزدورن جي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ انقلابي اخبار پراودا(Pravda) لاءِ آرٽيڪل تحرير ڪيا[2]. ان کان سواءِ ڪامريڊ هوچي ٻه جڳ مشهور پمفليٽ ”چين ۽ چيني نوجوان“ ۽ ”ڪاري نسل“ جي نالي لکيا ۽ هتي روس ۾ رهندي ڪامريڊ ڪيترن ئي انقلابين سان رابطا قائم ڪيا، جن ۾ جارجي ديمتروف، چين جي لي سان ۽ ايم اين رائي شامل هئا[2]. ڪامريڊ هوچي منهه، ڪامريڊ لينن سان ته نه ملي سگهيو هو، جيڪو ڏک کيس هميشه رهيو[2]

چين ۾ ويٽنام انقلاب جي تياري

[سنواريو]

ڊسمبر 1924ع ۾، ڪامريڊ هوچي چين جي شهر ڪينٽين پهتو، سندس خيال هو ته هتي ويهي ويٽنامي انقلابين جي تربيت ڪجي ۽ کين منظم ڪجي[2]. پنهنجي انقلابي ساٿين سان گڏجي جون 1925ع ۾ ”ويٽنامي انقلابي نوجوانن جي انجمن“ جو پايو وڌو. جيڪا ٿانهه ينان(Than Yan’an) (نوجوان) جي مختصر نالي سان مشهور ٿي ۽ انهي نالي سان نوجوانن جي لاءِ هڪ انقلابي رسالو جاري ڪيو ويو[2]. ٿوري عرصي ۾ ويٽنامي سرحد جي ڀرسان چيني علائقو ڪينٽين ويٽنامي انقلاب جو مرڪز بڻجي ويو. ڪينٽين ۾ ويهي باغين کي انقلابي تربيت ڏيئي کين ويٽنام روانو ڪرڻ وارو سلسلو جاري هو، ته اپريل 1927ع تي ڪامريڊ چو اين لائي جو ساٿي، چيني انقلاب جا بنياد رکندڙ سن يات سين(Sun Yat-sen) جي مرڻ کان پوءِ سندس جان نشين چيانگ ڪائي شيڪ عالمي سامراج جي اشارن تي ڪميونسٽن جو قتل عام شروع ڪيو[2]. تنهن کان پوءِ ويٽنامي انقلابي نوجوانن جي انجمن جا ساٿي ڪي شنگهائي، هانگ ڪانگ ۽ ڪي روس هليا ويا. ڪامريڊ هوچي پهرين شنگهائي ۽ پوءِ ماسڪو ويو[2]. ڪامريڊ هوچي 1928ع ۾، برسلز ۾ سامراجي جنگ جي خلاف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، جتي سندس ملاقات پنڊت جواهرلال نهرو جي والد پنڊت موتي لال نهرو سان به ٿي[2]. ڪجهه مهينا فرانس ۾ رهڻ کان پوءِ ڪامريڊ هوچي سئيزرلينڊ، اٽلي کان ٿيندي ٿائيلينڊ ويو، اتي ويهي ويٽنامي انقلاب لاءِ ڪوششون ورتيون[2]،

ھند چيني ڪميونسٽ پارٽي

[سنواريو]

3 فيبروري 1930ع تي ٽنهي ڪميونسٽ تنظيمن جي گڏيل ڪانگريس ڪالون شهر ۾ ڪوٺائي وئي[2]. ڪامريڊ هوچي منهه جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪانگريس ويٽنام ۾ هڪ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جو نالو ”هند چيني ڪميونسٽ پارٽي“ رکيو ويو[2]. ڪامريڊ هوچي پارٽي جو آئين ۽ منشور ٺاهيو، جيڪو ڪانگريس منظور ڪيو[2]. 12 سيپٽمبر 1930ع ۾، نگهي تنهه(Nghe Tinh) صوبي جي 6 هزار هارين، فرانسيسي حڪومت خلاف هڙتال ڪئي ۽ زبردست جلوس ڪڍيو ۽ ان جلوس مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي ۽ مختلف ڳوٺن مٿان بمباري ڪئي ويئي جنھن م لڳ ڀڳ 3 سئو ويٽنامي مارجي ويا هئا[2]. هن واقعي کان پوءِ صوبي ۾ هٿياربند ڪارروايون شروع ٿي ويون ۽ ڪامريڊ هوچي جي پارٽي عوامي سوويتون (عوامي پنچائتون) ٺاهيون جن زميندارن کان زمينون کسي، بي زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏيون، فرانس انتظاميه جا مڙهيل سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا[2]. فرانس جي طاقتور فوج وڏي ويڙهه کان پوء ”نگهي تنهه“ جي عوامي سوويت کي ختم ڪري ڇڏيو. ڪميونسٽ پارٽي جا اهم رڪن گرفتار ڪيا ويا، انهن ۾ فام وان دونگ(Pham Van Dong) (جيڪو بعد ۾ آزاد ويٽنام جو وزير اعظم ٿيو)، تون دوڪ ٿانگ(Ton Duc Thang) ، (جيڪو بعد ۾ آزاد ويٽنام جو نائب صدر ٿيو) شامل هئا. جڏهن ته پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ تران فو (Tran Phu)تي ايترو تشدد ڪيو ويو، جو هو اپريل 1931ع ۾ شولون جي اسپتال ۾ گذاري ويو[2]. 06 جنوري 1931ع تي ھو چي منھ کي هانگ ڪانگ ۾ برطانوي اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو، مٿس سخت تشدد ڪيو ويو[2]. کيس 18 مهينا قيد جي سزا ملي. ڪامريڊ هوچي جولاءِ 1932ع ۾ جيل جي اسپتال مان هڪ ڪامريڊ جي مدد سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ خفيه طور تي هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي شنگهائي پهتو[2]. 1934ع ڌاري ڪامريڊ هوچي ماسڪو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 1932ع ۾ ڪيترن ئي ڪميونسٽن کي ڦاسي ڏني ويئي، ڏهه هزار سياسي ڪارڪن جيلن ۾ بند هئا ۽ انهن سياسي ڪارڪنن جيلن کي انقلابي اسڪولن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو[2]. 1934ع ۾ انقلابي تحريڪ ٻيهر ڪامريڊ لي هانگ فونگ(Le Hong Phong) جي قيادت ۽ ڪامريڊ هوچي جي رهنمائي ۾ طاقت حاصل ڪرڻ لڳي[2]. 1935ع ۾ ڪامريڊ هوچي ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي ٽين عالمي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي[2]. مارچ 1935ع ۾ ڪامريڊ هوچي جي غير موجودگي ۾ چين جي علائقي مڪائو(Macao) ۾ هند چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پهرين ڪانگريس ۾ ھٿياربند جدوجهد جو فيصلو ڪيو ويو[2].

ويٽنام جي آزادي جي تحريڪ

[سنواريو]

جنوري 1941ع جي آخري تاريخن ۾ ڪامريڊ هوچي 30 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ ويٽنام پهتو. ڪامريڊ ويٽنام جي صوبي ڪائو بانگ(Cao Bang) جي جابلو علائقي پاڪ بو(Pac Bo) ۾ پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو، جيڪو چيني سرحد جي بلڪل ويجهو هو[2] 09 مئي 1941ع تي ڪامريڊ هوچي منهه جي صدارت ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو اٺون اجلاس ٿيو ۽ اجلاس ۾ فام وان دونگ(Pham Van Dong) ، نگوين گياپ(Nguyen Giap) ، هوانگ ڪوڪ ويٽ(Hoang Quoc Viet) ، هوانگ وان ٿو(Hoan Van Thu) ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ شامل هئا[2]. هن ئي اجلاس ۾ ”ويٽنام جي آزادي جي ليگ“ جو بنياد، هڪ جهوپڙي ۾ رکيو ويو ۽ اھا تحريڪ دنيا ۾ ”ويٽ منهه“ (Viet Minh)(قومي نجات) جي نالي سان مشھور ٿي[2].انقلاب کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساٿين ۽ همدردن جو دائرو وسيع ڪرڻ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ ان جي ذريعي ماسڪو سان رابطو قائم ڪرڻ لاءِ ڪامريڊ هوچي جولاءِ 1942ع ۾ چين جو دورو ڪيو[2]. پنهنجي روانگي وقت ڪامريڊ پاڻ تي هڪ نئون نالو هوچي منهه (روشني پکڙڻ وارو) رکيو، هي سندس آخري نالو هو، جنهن سان ڪامريڊ اڄ پوري دنيا ۾ مقبول آهي[2].چيني سرحد پار ڪندي، ”چيانگ ڪائي شيڪ“ جي فوجين کيس گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو، ڇوته اهي کيس سڃاڻڻ ۾ ناڪام رهيا هئا. 15 مهينن تائين جيل ۾ گهٽ درجي وارن قيدين سان رهندڙ ڪامريڊ هوچي جيل جي سلاخن پٺيان شاعراڻي انداز ۾ جيل ڊائري لکي[2].ڪامريڊ هوچي منهه، سيپٽمبر 1943ع ۾ جيل کان آزاد ٿي، ويٽنام پهتو[2].

ھو چي منھ ( ساڄي پاسي) ھنوئي ۾ نگوين گياپ سان گڏ 1945ع ۾

19-20 آگسٽ 1945 تي ڪامريڊ جي ڪمانڊ هيٺ عوامي بغاوتن جو آغاز ٿيو، ”ويٽ منهه“ جي دستن سمورن سرڪاري عمارتن تي پنهنجو ڪنٽرول سنڀالي ورتو هو. اهڙي طرح ڪجهه ئي ڏينهن اندر انقلابي فوج پوري ويٽنام تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ 29 آگسٽ تي حڪومت جي سربراهن ۽ وزيرن جو اعلان ڪيو ويو هو[2]. 2 سيپٽمبر 1945ع تي 15 لک ماڻهن جي هجوم ۾ ھو چي منھ آزاد ويٽنام جي قيام جو اعلان ڪيو[2][5].

اتر ويٽنام جي سربراهي

[سنواريو]

06 جنوري 1946ع تي ويٽنام ۾ چونڊون ٿيون. 02 مارچ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪامريڊ هوچي منهه کي صدر مقرر ڪيو ويو هو[2]. ٻئي طرف ”چيانگ ڪائي شيڪ“ به پنهنجي قبضي ۾ آيل ڏاکڻي ويٽنام جو علائقو آمريڪا جي چوڻ تي فرانسيسي فوج جي حوالي ڪري ڇڏيو[2].18 جنوري 1950ع تي چين جي انقلابي حڪومت ڪامريڊ هوچي جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ ۽ ساڻس سفارتي تعلقات قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو[2][6][7].ڊسمبر 1953ع تي پارٽي فيصلو ڪيو ته ويٽنام ۾ فرانس جي مضبوط ڇانوڻي ڊين بين ڦو(Dien Bien Phu) کي فتح ڪجي. فتح جي ڪمانڊ جنرل گياپ کي ڏني وئي، سندس ڪمانڊ هيٺ 70 هزار هٿياربند انقلابين انتهائي مهارت سان مارچ 1954ع تي ”ڊين بين ڦو“ جو گهيرو ڪيو ۽ 07 مئي 1954ع تي ان تي قبضو ڪري ورتو[2]. 31 جولاءِ 1954ع تي فرانس ۽ ويٽنام امن معاهدي تي صحيحون ڪيون. هن معاهدي تحت ويٽنام کي عارضي طور تي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو، اتر ويٽنام جو علائقو ڪامريڊ هوچي منهه جي حوالي ڪيو ويو ۽ ڏاکڻي ويٽنام بادشاهه نگو ڊنهه ڊئيم(Ngo Dinh Diem) جي حوالي ڪيو ويو[2].23 جنوري 1957ع تي قومي اسيمبلي جي صدر ڪامريڊ هوچي منهه جي اڳواڻي ۾ هڪ آئين سڌار ڪميٽي ٺاهي ويئي ۽ ڊگهي سوچ ويچار کانپوءِ 31 ڊسمبر 1959ع تي قومي اسيمبلي ملڪ جو پهريون سوشلسٽ آئين منظور ڪيو[2]. 20 ڊسمبر 1960ع ۾ ”پاڪ بو“ جي هڪ آزاد علائقي ۾، ڏکڻ ويٽنام ۾ پابندي پيل هارين، مزدورن، دانشورن ۽ شاگرد تنظيمن جي هڪ ڪانگريس ٿي، جتي ”ڏکڻ ويٽنام جو قومي آزادي جو فرنٽ“ جوڙيو ويو ۽ ان عوامي فوج جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن کي ”ويٽڪانگ“ سڏيو ويو هو[2]. زندگي جي پوئين ڏينھن ۾ بيماري دوران ھنوئي م رھيو ۽ ڏکڻ ويتنام مان ڌاري فوج جي نيڪالي جو مطالبو ڪندو رھيو.

وفات

[سنواريو]
ھو چي منھ جو ھنوئي ۾ گھر

ھن 2 سيپٽمبر 1969ع ۾ صبح جو 9:47 تي دل بند ٿي وڃڻ ڪري 79 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.[8] سندس وصيت ھئي تہ ان جي جسم کي چتا ۾ ساڙيو وڃي پر ان جي برعڪس سندس جسم کي با دينا چؤڪ واري عجائب گهر ۾ شيشي اندر رکيو ويو آهي. سندس موت جو ھڪ ھفتو اتر ويٽنام ۾ سوڳ ڪيو ويو[9].

حوالا

[سنواريو]
  1. "TIME 100 Persons Of The Century" (en-US ۾). Time. 1999-06-14. ISSN 0040-781X. http://content.time.com/time/magazine/article/0,9171,991227,00.html. 
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 2.26 2.27 2.28 2.29 2.30 2.31 2.32 2.33 2.34 2.35 2.36 2.37 2.38 2.39 2.40 2.41 2.42 2.43 2.44 2.45 2.46 2.47 2.48 2.49 2.50 2.51 2.52 2.53 2.54 2.55 2.56 2.57 2.58 2.59 2.60 2.61 2.62 2.63 2.64 ڪتاب جو نالو: ڪامريڊ هوچي منهه (شخصيت ۽ جدوجهد) مصنف: زان لاڪو تيور / ايشور لال سوجاڻي ڇپائيندڙ: پارڪر پبليڪيشن آڌيگام _ ٿرپارڪر ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست شايع ٿيڻ جو سال: 2019-[1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
  3. Hunt, Michael H. (2016). The World Transformed 1945 To the Present. New York City: Oxford University Press. pp. 125. ISBN 978-0-19-937102-0. 
  4. "Ngo Dinh Diem and ho Chi Minh". nguoiviet.com. 
  5. "Vietnam Declaration of Independence". Coombs.anu.edu.au. وقت 6 October 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 September 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. https://leminhkhai.wordpress.com/2012/09/01/ho-chi-minh-said-what/ آرڪائيو ڪيا ويا 3 February 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. proof that he runs the blog
  7. "Chiang Kai-shek and Vietnam in 1945". وقت 13 March 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 February 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. "Ho Dead at 79, Hanoi Confirms— Heart Attack Fells Chief Of North Vietnam", Pittsburgh Post-Gazette, 4 September 1969, p1
  9. "Ho Chi Minh dies of heart attack". The Globe and Mail: p. 1. 4 September 1969.