اسلم منصور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسلم منصور دائود پوٽو[1] ولد محمد اشرف منصور دائود پوٽو جو جنم 15 ڊسمبر 1960ع تي ڳوٺ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ٽلٽي، مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين پاڻ پيشي جي لحاظ کان ٽيچر آهي

اسلم منصور دائودپوٽو
مقامي ٻوليء ۾ نالو اسلم منصور دائودپوٽو
پيدائش 1943ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي

شاعري[سنواريو]

تنهنجي ياد مون کي ستائي ٿي هرهر، دل سندم بي قرار ڪرائي ٿي هرهر. گهڻو ئي نظر کي هٽايان ٿو ان کي، مگر ڌيان منهنجو ڇڪائي ٿي هر هر. تنهنجي مست جوڀن جي مستي الستي، محبت سندو مچ مچائي ٿي هر هر. هيڻن تير نظرن جا گهائين ٿي مونکي، مون کان هوش منهنجو ڇڏائي ٿي هر هر. ڪيو زلف تنهنجي کڻي قيد مونکي، مُٺيءَ دل کي ويتر رلائي ٿي مون کي. ٿو جئندو وتان مان الفت تنهنجيءَ ۾، مگر غير آڏو جهڪائي ٿي هرهر. ڪري وٺ تون دل کي پڪو پاڻ “اسلم”، نه لڳ آسري هن جي ڀلائي ٿي هر هر.

حوالا[سنواريو]

  1. "اسلم منصور دائودپوٽو (ولادت 1960ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-05.