اسحاق راهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسحاق راهيانگريزي ٻولي (Ishaq Raahi) (پيدائش: 9 اپريل1935ع) (وفات:6 جون1994ع) سنڌپاڪستان جوسنڌي ٻولي جو مشهور شاعر ۽ اديب هو. سندس ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن.[1][2]

زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

سندس اصل نالو محمد اسحاق سومرو ۽ تخلص ”راهي“ هو. سندس پيءُ جو نالو محمد صالح سومرو هو. اسحاق راهي 9 اپريل 1935ع تيميهڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ميهڙ مان ئي حاصل ڪيائين. پهريون ۽ ٻيو درجو مشهور محقق ۽ عالم مرحوم مولاناغلام محمد گراميءَ وٽ ۽ مئٽرڪ مشهور اديب م. ن محزون وٽ پڙهيو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ پرائمري استاد مقرر ٿيو،

ادبي خدمتون[سنواريو]

اسحاق راهي مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان واڳيل رهيو، جن ۾ بزم لطيف (نصيرآباد)، بزمِ اڪبر (ميهڙ)، سنڌ ڪلچرل ڪائونسل (ضلعو دادو)، بزمِ شعراء، بزم طالب الموليٰ، سنڌي ادبي سنگت، رابيل شر ادبي فورم ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. هن ڪهنه مشق شاعر جي شاعري سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چُڪي آهي. پاڻ هڪ اشاعتي اداري، ”سرمد پبليڪيشن“ جو بنياد پڻ وڌائين، جتان علامه مستاني سيوهاڻيءَ جو ناول ”ٻير جي ڍنگهري“ ۽ هڪ سؤ اديبن ۽ شاعرن جي سوانح عُمرين تي مشتمل هڪ ڪتاب ”وڻجارا“ ڇپايائين.

ڪتاب[سنواريو]

سندس ذاتي تصنيفن ۾ ”گلدستو“، ”مجموعه غزل“ ۽ ”رباعيات راهي“ شامل آهن.

وفات[سنواريو]

سنڌ جي هن شاعر، محقق ۽ پبلشر 6 جون 1994ع تي وفات ڪئي.

حوالا[سنواريو]

  1. "اسحاق راهي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-06-12. 
  2. "اسحاق راهي : شاعر ، محقق ۽ پبلشر". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-06-12.