غلام محمد گرامي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

”غلام محمد گرامي” انگريزي (Ghulam Muhammad Girami) (پيدائش: 30ڊسمبر 1920ع – وفات: 15 سيپٽمبر 1974ع) ترقي پسند سوچ فڪر رکندڙ سنڌ جو بهترين اديب، نقاد ۽ محقق هو. کيس سنڌي ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. هن ڪيترائي ادبي، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون لکيا. سندس ڪافي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.[1]

زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

غلام محمد گرامي 30 ڊسمبر 1920ع تي جاڙو خان لغاري جي گهر ۾ دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائيمري تعليم 1931ع ۾ ميهڙ ۾ حاصل ڪئي. غلام محمد گرامي صحافتي زندگيءَ جي شروعات 1937ع ۾ ڪئي. 1960ع واري ڏهاڪي تائين سنڌي ادبي بورڊ جو ايڊيٽر رهيو. ٽماهي مهراڻ جا لکيل[2] اداريا، ايڊيٽر پاران نوٽ يا ڪتابن مهاڳ جا لکيا سي تاريخي حيثيت رکن ٿا. هن پنهنجي مضمونن ۽ مقالن ۾ ترقي پسند سوچ جي کُلي حمايت ڪئي. شيخ اياز يا ٻين اديبن ۽ شاعرن جي پٺڀرائيءَ ۾ ڪيترائي پُرمغز مضمون لکيا. هن 15 سيپٽمبر 1974ع تي وفات ڪئي. سندس ڪتابن ۾ “الله جو وجود”، “رفيقِ حيات” ۽ “مغربي شاعريءُ جا فڪري قدر ۽ رجحانات” اهميت لائق آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. ، ڪتاب دادو ائٽ گلينس، مرتب: ڊاڪٽر نياز عباسي، صفحو 259 ، 2011ع.
  2. Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)
  3. Poets and writers | Aziz Kingrani