مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ادريس جتوئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد ادريس جتوئي ليکڪ، تعليمي ماهر ۽ پبليشر آھي. ھو 14 سيپٽمبر 1962ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد حسن جتوئي هاري هو، سندس امڙ مريم خاتون پنھنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ وڏي جستجو ڪئي. هو حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.[1]

تعليم[سنواريو]

ادريس جتوئي شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جڏهن تہ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوان جتوئيءَ مان ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان امتيازي نمبرن سان ايم. اي ڪئي آهي. سندس ماسٽر ٿيسز جو عنوان ” پريس تي تشدد“ هو. هي ينگ ٿنڪرس فورم سنڌ جو ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. ان بعد هُن لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري حاصل ڪئي، جنھن ۾ هُن برک ڪھاڻيڪار جمال ابڙي تي تفصيلي مونوگراف لکيو، جيڪو ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو آهي.[1]

ادبي، تعليمي ۽ ملازمتي خدمتون[سنواريو]

1980ع جي ڏهاڪي ۾ هن هارين جي حقن لاءِ بہ سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڳوٺ ۾ وليج ويلفيئر ايسوسيئيشن قائم ڪري، ان پليٽ فارم تان ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جنھن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لائبريري ڳوٺ ٺوڙها جو بنياد پڻ شامل آهي. سنڌ جي معروف پبليشنگ اداري ”روشني پبليڪيشن“ جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. ادريس جتوئيءَ جي شاعري، مضمون ۽ تنقيدي مقالا ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ نوان جتوئي جو الحاق 1983ع ۾ ڪرايو ۽ اڄ تائين سنگت جي ميدان تان ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا، جنھن ۾ صوفي سيد علي گوهر شاھ جو ڪتاب ”گوهر شاھ جو گيان“ ۽ نوجوان شاعر نماڻي سنڌيءَ جو ”ستارن مجهول“ بہ شامل آهن.

ادريس، سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي پڻ متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن وقت سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي. ان کان علاوه هن مختلف اشاعتي ادارن ۾ پڻ ڪم ڪيو، جن ۾ روزاني ”سنڌ“ جو رپورٽر ، ماهوار ”سنڌ لائن“ مئگزين جو ٻہ سال ايڊيٽر (2000ع-1998ع)، 2001 کان وٺي هو تعليم کاتي جي تعليمي مئگزين ”اخبار تعليم“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي.

هن هڪ استاد جي حيثيت سان پنھنجي ڳوٺ نوان جتوئي، قاضي احمد ۽ ڏيپارجا ۾ اسڪول ٽيچر طور آغاز ڪيو، جتان پوءِ 1998ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پھرين پوزيشن سان پاس ڪري 2000ع ۾ سنڌ جي قديم درسگاھ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمئن (هاڻوڪي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج) فار ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي لڳ ڀڳ 8 سال خدمتون سرانجام ڏنائين.

بعد ۾ 2005ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسيئيشن ونگ سنڌ طور ڄامشوري ۾ چارج ورتي، جتي اڄ تائين ذميواريون نڀائي رهيو آهي. ان دوران تدريسي ڪتابن جي مواد ٺاهڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ ڇپائڻ ۾ پڻ فرض نڀائي رهيو آهي. ان دوران پرائمري استادن لاءِ U.S.Aid يونيسڪو، يونيسيف ۽ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي تعاون سان ڪيترائي ٽيچرس ٽريننگ مينيوئل، ٽيچرس گائيدس ۽ اضافي تربيتي مواد تيار ڪيا آهن. هن وقت 2002ع کان وٺي هو قومي نصاب ڪميٽي (پھرين کان ٻارهين ڪلاس تائين) ميمبر ۽ نظرثاني ڪندڙ آهي. هن وقت تائين ٻولين، خواندگي، بالغن جي تعليم، ماحوليات ۽ ٻين ڪيترن نصابي مضمونن تي ڪم ڪيو آهي. ان کانسواءِ پي. ٽي. سي ۽ سي. ٽي ڪلاسن جي نصاب ڪاميٽي جو ميمبر پڻ آهي. ان کانسواءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پھرين کان ٻارهين درجي تائين جي سنڌي ڪتابن جو ليکڪ ۽ نظرثاني ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي. مختلف ٽيچرس ٽريننگ پروگرامن ۾ هڪ سٺي ٽرينر طور هزارين پرائمري، سيڪنڊري استادن، هيڊ ٽيچرس ۽ ضلعي آفيسرن جي تربيت ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان علاوه سنڌي ٻولي آٿارٽي جي پبليڪيشن ڪاميٽي ۽ تعليمي ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو آهي. 2004ع کان وٺي هُو وفاقي وزارت تعليم جي پراجيڪٽ ”نيشنل ايڊيوڪيشن / اسيسمينٽ سسٽم(NEAS) ۽ ايڊيٽنگ ترجمي، تجزيہ ڪار طور ڪم پڻ ڪيو آهي.

ادريس جتوئي ڪيترن ئي سيمينارن، ورڪشاپن، ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪيا آهن.

سندس تصنيفين ۾ ”جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪھاڻي“ کان علاوه ڪجهہ ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن.[1]

مڃتا[سنواريو]

کيس ڪيترائي علمي،ا دبي، ايوارڊ ۽ شيلڊون مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا آهن. جن ۾ سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ (1993ع)، گولڊن جوبلي ايوارڊ: (ضلعي اندر تعليمي ۽ هم نصابي سرگرمين تي) شيلڊ: نوشھروفيروز مدرسي ۽ هاءِ سڪول جي سؤ سالا جشن تي مقالو پڙهڻ تي) (1995ع)، محمد خان مجيدي شيلڊ (ماڻڪ موتي تنظيم طرفان)، حمل فقير يادگار شيلڊ (2006) ۽ سنڌي ٻولي اختياري پاران مڃتا شيلڊ (2004).[1]

حوالا[سنواريو]